پاڻ مرادو ڪم ڪندڙ هاري روبوٽ تيار
آسٽريليا جي ماهرن هڪ اهڙو روبوٽ تيار ڪيو آهي جيڪو ٻنين ۾ هڪ هاري وانگر ڪم ڪندو. هي روبوٽ آسٽريليا جي اگيرس ڪمپني پاران تيار ڪيو ويو آهي. هن روبوٽ جو نالو سويگ بوٽ رکيو ويو آهي ۽ هي آرٽيفيشل انٽيليجنس ذريعي ڪم ڪندو، هي فصلن جي نگهداشت ڪرڻ کان علاوه فصل جي دشمن گاهه ۽ جيتن جي نشاندهي پڻ ڪندو. هن روبوٽ ۾ هڪ ٻانهن به هنئي وئي آهي. جيڪا بغير ڪنهن هدايت جي زمين ۾ غير ضروري گاهه کي ختم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. هن روبوٽ کي ٺاهيندڙ ڪمپني جو چوڻ آهي ته ايندڙ وقت ۾ هن روبوٽ کي ان قابل به بڻايو ويندو جو هي فصلن ۾ اسپري ڪري ۽ مال مويشين جو خيال به رکي. آٽو ميشن جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ايندڙ ڏهن سالن ۾ ٻنين اندر خود ڪار ڪم ڪندڙ روبوٽ عام ٿي ويندا. اهي روبوٽ هاري جو ڪم ۽ خرچ گهٽائڻ ۾ مدد ڪندا.