خير پور ناٿن شاه جي هاڪر مصطفي ٻگهيي جا همسري لاءِ ويچار
اخباري هاڪر جيڪي سردي گرمي، موتي فوتي، خوشي غمي، مرڻي پرڻي، ڏک سک ۾ به پنهنجي ڪم کان ڪين نه ڪيٻائين ۽ پنهنجي پيشاوري سرگرميون سرانجام ڏين ٿا. اخباري هاڪر جيڪي پوري جهان جون خبرون عوام تائين پهچائين ٿا، پر هڪ وڏو علميو اهو آهي ته اهي پوري جهان جون خبرون پهچائڻ وارا هاڪر پاڻ خود هڪ ڏکايل خبر آهن. خيرپور ناٿن شاهه جي اخباري هاڪر مصطفي ٻگهيو ٻڌايو ته مان 38 سال اخبارون مئگزين ۽ رسالا وڪرو ڪيا آهن مان اخبار، مئگزين پڙهيندو ناهيان بس فوٽو ڏسندو آهيان. انهي جو سبب آهي جو مون وٽ ٽائيم ناهي هوندو، پر همسري واحد مئگزين آهي جيڪا مان وڏي چاهه سان رات جي ٽائيم ۾ پڙهندو آهيان، مان اڳ به ڪافي سارا رسالا ۽ مئگزين ڏٺا آهن. پر همسري مئگزين پنهنجو مٽ پاڻ آهي مئگزين جو لي آئوٽ ۽ گرافڪس ادب سان مالا مال ٿيل خوشبودار پنا پڙهندڙن جو من موهي ڇڏين ٿا. هن پنهنجي تجربي مان ٻڌايو ته همسري جا پڙهندڙ تقرين سوشلسٽ، تبديلي پسنده ۽ ادب دوست انسان آهن، ٽائيم کان اڳ ۾ همسري مئگزين جي پڇا ٿيندي آهي، هن وڌيڪ چيو ته همسري سٿ جي لاءِ نيڪ تمنائون رکون ٿا. ترقي پسند ۽ انسان دوست ماڻهن لاء شعور جو پيچرو آهي، همسري مئگزين وڪرو ڪرڻ تي مونکي سٺو فائدو ملي ٿو جيڪو سڀني اخبارن ۽ مئگزينن کان مٿي آهي، اها بچت مونکي ٻئي ڪنهن اخبار يا مئگزين مان نه ٿيندي آهي، جيڪي همسري مان ملي ٿي،اخباري هاڪر جا همسري مئگزين بابت ونڍيل ويچار
مڌهوش مير