ايڊيٽوريلنئون

آئين هوندي پاڪستان هڪ پراجيڪٽ وانگر هلايو پيو وڃي

پاڪستان ايشيا جو هڪ ايٽمي طاقت رکندڙ اهڙو ملڪ آهي، جيڪو قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، جنهن ۾ سڀ کان وڏو وسيلو زراعت آهي. آگسٽ 2026ع ۾ اسان جو ملڪ اسي سالن جو ٿي ويندو، پر اڃان تائين اسان هن کي ملڪ وانگر نه، پر هڪ پراجيڪٽ وانگر هلائي رهيا آهيون. ڇو ته هن ملڪ ۾ ڊگهي مدي واري رٿابندي ۽ پاليسين جي تسلسل جي کوٽ تمام گهڻي نظر اچي ٿي، جنهن سبب اسان سياسي، اقتصادي ۽ انتظامي ناڪاميءَ کي منهن ڏئي رهيا آهيون. جڏهن حڪومت تبديل ٿئي ٿي ته نئين ايندڙ حڪومت جون ترجيحون ۽ رٿابنديون به تبديل ٿي وڃن ٿيون. جنهن جي قيمت عوام کي ادا ڪرڻي پوي ٿي. عوام جو ٽيڪس مان ڏنل پئسو ايئن ضايع ڪيو وڃي ٿو ۽ ان غفلت جو ڪنهن کي به ذميدار قرار نٿو ڏنو وڃي. هڪ غريب ملڪ جيڪو ترقي ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو انفرااسٽرڪچر قائم نه ڪري سگهيو آهي ان جا ڪيترائي منصوبا صرف حڪومتن جي تبديلي جي ڪري رولڙي جو شڪار ٿي وڃن ٿا. جڏهن ملڪ پراجيڪٽ طور هلايو ويندو ته ان جا نتيجا اهڙا ئي نڪرندا. ڇو ته پراجيڪٽ جي هڪ ڊيڊ لائين هوندي آهي ۽ پراجيڪٽ کي جلد کان جلد مڪمل ڪري ڪريڊٽ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ۽ فائل کي بند ڪيو ويندو آهي. جڏهن ته رياست جي تعمير هڪ مسلسل عمل آهي جيڪو صدين تائين هلندو رهندو آهي. اسان جي ملڪ ۾ ان رويي سبب ادارا پنهنجي حيثيت وڃائي ويٺا آهن ۽ حڪومتن ۾ ويٺل شخصيتون پراجيڪٽ مئنيجر بڻجي ڪارپوريٽ ڪلچر کي هٿي ڏئي رهيون آهن.

عوام کي اهو احساس ڏياريو ٿو وڃي ته جيڪو پراجيڪٽ مڪمل ٿئي ٿو اهو سندن حق نه، پر مٿن احسان ڪيو ويو آهي. پوءِ ماڻهو ادارن جي بجاءِ شخصيتن تي ڀاڙڻ شروع ڪن ٿا ۽ انهن جي ارد گرد چڪر لڳائين ٿا، جنهن جو نتيجو اسان جي ملڪ ۾ بدحالي جي صورت ۾ نظر اچي ٿو. هڪ خود مختيار رياست پنهنجا وسيلا پاڻ پيدا ڪندي آهي، پر پراجيڪٽ فنڊنگ تي هلندا آهن. پاڪستان مستقل طور تي آءِ ايم ايف جي قرضن تي هلي رهيو آهي ۽ اسان نسلن کان محسوس ڪري رهيا آهيون ته اسان جا حڪمران ملڪ اندر وسيلا پيدا ڪري پنهنجو پاڻ تي انحصار ڪرڻ لاءِ سنجيده نظر نٿا اچن، جنهن جي ڪري اسان جي تعليم، صحت، سماجي سڌارا، انصاف اهي سڀ رياست جي ترجيحن ۾ شامل نظر نٿا اچن. حڪمران طبقو عيش عشرت سان زندگي گذاري ٿو ۽ ملڪ مان سادگيءَ جو رجحان ختم ٿي رهيو آهي، جيڪو چئني صوبن ۾ نظر اچي ٿو. هن وقت سنڌ حڪومت پاران 8 لک 58 هزار ٻارن ۽ عورتن کي خوراڪ جي لاءِ 14 ارب رپين جو منصوبو شروع ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ارلي چائيلڊ هوڊ ڊولپمينٽ پروگرام ذريعي عورتن لاءِ روڪ رقم ۽ ممتا پروگرام شروع ڪيو ويو آهي. بنا تعليم، بنا سجاڳي ۽ بنا انهن سڀني شين جي اهميت جي عورتن کي ان قسم جي پروگرامن ۾ روڪ رقم ڏيڻ آباديءَ ۾ مسلسل وڌا جو سبب بڻجي رهيا آهن. ڇو ته اسان جون ترجيحات غلط چونڊيل آهن. هن وقت اسان جو تعليمي نظام خراب صورتحال جو شڪار آهي، ان کي سڌارڻ بجاءِ اسان اهڙا پروگرام شروع ڪري رهيا آهيون جنهن سان آباديءَ ۾ واڌ جي لاءِ همت افزائي ٿي رهي آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته تعليم، صحت ۽ بنيادي ڍانچي جي ڊگهي مدي وارن منصوبن کي پارلياماني قانون سازي ذريعي تحفظ ڏنو وڃي. جيڪڏهن حڪومت تبديل به ٿئي ٿي ته انهن منصوبن جو تسلسل ٽٽڻ نه گهرجي. ان کان علاوه هر اداري کي پنهنجي ڊيٽابيس قائم ڪرڻ گهرجي. خاص طور تي سنڌ جي تعليمي ادارن جي ڊيٽابيس جو هجڻ انتهائي ضروري آهي ته جيئن مختلف علائقن ۾ ضرورت مطابق اسڪولن جي تعمير، انفرااسٽرڪچر جوڙي ٻارن کي هر صورت ۾ اسڪولن تائين آڻڻ تائين بندوبست ڪري سگهجي. جيڪڏهن اهي 14 ارب رپيا ان ڪم تي لڳايا وڃن ٿا ته ڪيڏي نه خوشي جي ڳالهه هجي ها.

ڪيترن ئي ماڻهن جو اهو خيال آهي ته پنجاب تيزيءَ سان ترقي ڪري رهيو آهي، پر حقيقت اها آهي ته پنجاب به شارٽ ٽرم پراجيڪٽ جي تحت هلايو پيو وڃي. جيئن ته اتي ڊگهي عرصي تائين (ن) ليگ جي حڪومت رهي آهي ان ڪري انهن پنهنجي پراجيڪٽن ۾ انفرااسٽرڪچر کي تعمير ڪرڻ تي گهڻو ڌيان ڏنو آهي، پر هن وقت وزيراعليٰ مريم نواز ون ونڊو ماڊل تحت ڪم ڪري رهي آهي. هوءَ صوبي کي هڪڙي ڪارپوريٽ پراجيڪٽ وانگر هلائي رهي آهي. ايئر ايمبولينس ۽ صفائي مهم جهڙا قدم ڏسڻ ۾ سٺا ٿا لڳن، پر حقيقت ۾ اتي بنيادي صحت يا ميونسپل نظام تباهيءَ جو شڪار آهن. جيستائين مريم نواز آهي پراجيڪٽ تمام چڱي طريقي سان هلندو رهندو. ملڪ ۾ هن وقت اسٽيٽسمين واري سوچ ختم ٿي چڪي آهي ۽ پراجيڪٽ مئنيجر جي طور تي وڌي رهي آهي. ان لاءِ ضروري آهي ته عوام حڪمرانيءَ جي انهن فرقن کي سمجهي. ڇو ته پراجيڪٽن جي مالڪي رياست جي بجاءِ هڪ مخصوص سياسي ٽولو ڪندو آهي ۽ ان ٽولي جي ڪوشش هوندي آهي ته طاقت سندس هٿ ۾ رهي. جيستائين اسان پنهنجن ادارن کي مضبوط نه ڪنداسين ۽ ڊگهي مدي واري رٿابندي نه ڪنداسين سياسي عمل ۾ مداخلت ختم ڪري هائبرڊ ماڊل جي بجاءِ ملڪ کي آئين ۽ قانون مطابق ادارن جي ذريعي نه هلائينداسين تيستائين هي ملڪ هڪ پراجيڪٽ وانگر هلندو رهندو. آخر ۾ اهوئي چئي سگهجي ٿو ته پاڪستان کي هن وقت نون پراجيڪٽ مئنيجرن جي نه، پر اهڙن اسٽيٽسمين جي ضرورت آهي، جيڪي ايندڙ چونڊن جي بجاءِ ايندڙ نسلن جو سوچين.