خاص

ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ برسات جي هڪ ٻئي تيز سسٽم جو الرٽ جاري

چوماسي جو نئون سلسلو 23 آگسٽ کان ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ برساتن جو سبب بڻبو، 24 آگسٽ تي گجگوڙ ۽ کنوڻ سان گڏ تيز اسپيلز جو امڪان آهي، جنهن سبب ڪراچي سميت مختلف شهرن جا هيٺيان علائقا پاڻي هيٺ اچي سگهن ٿا. موسميات کاتي بنگالي نار کان ايندڙ چوماسي جي نئين سسٽم بابت اڳڪٿي ڪئي آهي جيڪو ڀارتي رياست راجسٿان کان سنڌ ۾ داخل ٿيندو. ان سلسلي ۾ چيف ميٽرولوجسٽ سردار سرفراز ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته خليج بنگال ۾ هڪ لو پريشر ايريا بڻجي رهيو آهي، جيڪو 23 آگسٽ تي سنڌ ۾ داخل ٿيندو ۽ صبح جي وقت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ برساتن جو ڪارڻ بڻبو. هي سسٽم 23 آگسٽ جي رات ڪراچي تي برسات جي صورت ۾ اثرانداز ٿيڻ شروع ٿيندو جڏهن ته 24 آگسٽ تي ڪراچي ۾ گجگوڙ ۽ کنوڻ سان گڏ وچولي ۽ تيز برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي پنجين سسٽم بابت آگاهي ڏيندي چيو ته ڄاڻايل سسٽم گهٽ دٻاءُ جي صورت ۾ اتر سنڌ ۽ ڀرپاسي تي موجود آهي جنهن جا اثر ڪراچي تي رڳو هلڪي برسات ۽ بوندا باندي تائين محدود رهندا. جڏهن ته سنڌ جي مختلف ضلعن جن ۾ شهيد بينظير آباد، نوشهرو فيروز، خيرپور، سکر، لاڙڪاڻي، گهوٽڪي، ڪشمور، شڪارپور، جيڪب آباد، دادو، ڄامشورو، قمبرشهدادڪوٽ ۽ سانگهڙ ۾ ڇنڇر جي رات تائين گجگوڙ ۽ کنوڻ سان گڏ وچولي ۽ ڪجهه هنڌن تي تيز برسات سان گڏ انڌاري جو امڪان به آهي.