خاص

عمران خان کي جمهوري طريقي سان گهر موڪليوسين، عدليا ۽ گيٽ نمبر 4 ڏانهن نه ڏسڻ گهرجي: بلاول

پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان پهريون وزيراعظم هو، جنهن کي جمهوري طريقي سان گهر موڪليو ويو. لاهور ۾ عاصمه جهانگير ڪانفرنس سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪنهن به وزيراعظم کي هٽائڻ جو جمهوري طريقو بي اعتمادي آهي، عمران خان سليڪٽڊ وزيراعظم هو، پر اسان کيس جمهوري طريقي سان گهر موڪليو. هن چيو ته ماضي ۾ گيٽ نمبر 4 ۽ عدليا ذريعي وزيراعظم گهر موڪليا ويا، اسان کي عدليا ۽ گيٽ نمبر 4 ڏانهن نه ڏسڻ گهرجي، مستقبل ۾ ڪنهن وزيراعظم جو احتساب ڪرڻو هجي ته جمهوري طريقي ڪار استعمال ڪيو وڃي.