نفيسه شاهه جو نئين سياسي ميثاق جي اهميت تي زور
پ پ ايم اين اي نفيسه شاهه ملڪي سياسي جماعتن ۾ نئين ميثاق جي اهميت تي زور ڏنو آهي. لاهور ۾ عاصمه جهانگير ڪانفرنس سان خطاب ڪندي نفيسه شاهه چيو ته ملڪ ۾ هن وقت هائبرڊ جمهوريت هلي رهي آهي، ميثاق جمهوريت سبب سياست ۾ شائستگي آئي. هن چيو ته پهريون ڀيرو هائبرڊ جمهوريت ۾ اسپيڪر آئين کي چٿيو، هڪ پارٽي کي فيصلو ڪرڻو آهي ان کي هائبرڊ سسٽم ۾ رهڻو آهي يا جمهوري پارٽي بڻجڻو آهي. سندس چوڻ هو ته هن وقت سياسي پارٽين ۾ هڪ نئون ميثاق ٿيڻ گهرجي، ملڪ ٻڏل آهي ۽ توهان کي چونڊن جي لڳي آهي، سياسي پارٽين کي هڪٻئي ۾ ويڙهه ۽ سياسي گند اڇلائڻ جو ڪلچر ڇڏڻو پوندو. نفيسه شاهه وڌيڪ چيو ته اسان کي سياسي مسئلا عدالتن بدران پاڻ حل ڪرڻ گهرجن.

