خاص

سنڌ ڌرتي معدنيات سان مالامال، تفصيل جاري

شماريات کاتي پهريون ڀيرو صوبي ۾ معدنيات جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن. جڏهن ته ڪراچي 2018 کان 2019 تائين سڀ کان وڌيڪ معدنيات ڏيندڙ ڊويزن رهيو. سنڌ جي معدني شماريات 21-2020 ۾ ضلعي سطح تي معدنيات جا تفصيل، صوبائي سطح تي ماهوار پيداوار جا تفصيل جاري ڪيا آهن. سمورا تفصيل مائنس اينڊ منرل ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ ۽ ڊائريڪٽوريٽ ڪول مائينس ڊولپمينٽ سنڌ جي تفصيلن جي بنياد تي آهن. سنڌ صوبي جي 9 مختلف ضلعن مان 20 اهم معدنيات حاصل ڪيون وڃن ٿيون. گذريل 5 سالن دوران سنڌ صوبي ۾ معدنيات جي پيداوار ۾ 132 سيڪڙو واڌ ٿي آهي ۽ 2020ع کان 2021ع دوران سنڌ صوبي مان 3 ارب رپين جون معدنيات ڪڍيون ويون. ان کان اڳ، 2018 کان 2019 تائين، ڪراچي سنڌ صوبي ۾ سڀ کان وڌيڪ معدني پيداوار ڏيندڙ ڊويزن هو، جنهن 58.68 ڪروڙ رپيا ڪمايا. ٻئي طرف 2019ع ۽ 2020ع ۾ ٿرپارڪر کي سڀ کان وڌيڪ معدنيات ڏيندڙ ضلعو قرار ڏنو ويو، جنهن 1 ارب 38 ڪروڙ کان وڌيڪ آمدني ڏني، جڏهن ته 2020ع 2021ع ۾ ٿرپارڪر ضلعي مان 1 ارب 38 ڪروڙ 98 لک رپين جي جي معدنيات ڪڍي وئي. سنڌ صوبي جو ٿرپارڪر ضلعو 74 سيڪڙو ڪوئلو ۽ 98 سيڪڙو لوڻ پيدا ڪري ٿو. ٺٽو سنڌ جو واحد ضلعو آهي جتان 80 سيڪڙو لوهه ۽ سنگ مرمر جي پيداوار حاصل ٿئي ٿي.