تڪراري ڀارتي قانون سبب پاڪستان ۾ پناهگيرن جو مسئلو ٿيندو: وزيراعظم
وزيراعظم عمران خان اسلام آباد ۾ افغان پناهگيرن بابت عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته گذريل 20 سال پاڪستاني عوام لاءِ تمام گهڻو مشڪل رهيا آهن، پر سمورين پريشانين باوجود پاڪستان افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي. عمران خان ڀارت ۾ انتها پسندي جي صورتحال تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ڇهه مهينن کان والاريل ڪشمير ۾ عوام جيل ۾ قيد آهي، هڪ ارب کان وڌيڪ آبادي واري ملڪ تي انتها پسندي جو قبضو ٿي چڪو آهي، تڪراري شهريت واري بل سان 20 ڪروڙ مسلمانن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، ڀارت ۾ سياست لاءِ ماڻهن کي ورهايو پيو وڃي، حالتون خراب ٿيڻ کان اڳ عالمي برادري کي نوٽيس وٺڻ گهرجي. گڏيل قومن ڌيان نه ڏنو ته مستقبل ۾ وڏو مسئلو ٿيندو