بلاگنئون

تعليم جو عالمي ڏينهن ۽ مصنوعي ذهانت جو ڪردار

گڏيل قومن جي اداري پاران هر سال مختلف موضوعن تي عالمي ڏينهن ملهايا ويندا آهن، جن ذريعي انهيءَ موضوع بابت سجاڳي پيدا ڪئي ويندي آهي. جنهن لاءِ مختلف پروگرام ۽ تقريبون ترتيب ڏنيون وينديون آهن، جنهن سان سڄي دنيا ۾ انهن ڏينهن جي مناسبت سان بحث مباحثا ٿيڻ شروع ٿيندا آهن. تعليم به انتهائي اهم موضوعن ۾ شامل آهي، ان ڪري هر سال 24 جنوري تي تعليم جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي. جنهن ذريعي تعليمي سرشتي ۾ ايندڙ نواڻ سميت انهيءَ کي درپيش ايندڙ مسئلن، تعليمي نظام جي مختلف مسئلن بابت آگاهي ڏني ويندي آهي ته جيئن تعليم ماڻهن جي ترجيح ۾ شامل ٿي سگهي.

سڌريل سماجن هر دور ۾ تعليم کي تمام گهڻي اهميت ڏني آهي، پر افسوس جو اسان جي سماج ۾ تعليم ترجيح ۾ ناهي رهي. نه ئي حڪومتي سطح تي ۽ نه ئي عوامي سطح تي. وري اسان وٽ جيڪا تعليم ڏني وڃي ٿي سا به گهڻو ڪري روايتي ۽ رسمي آهي، جنهن ذريعي ماڻهوءَ ۾ تنقيدي ۽ شعوري سگهه پيدا ڪرڻ ممڪن ناهي. سو، تنقيدي ۽ شعوري سگهه پيدا ڪرڻ لاءِ اسان کي تمام گهڻو ڪم ڪرڻو پوندو. هن وقت به دنيا ۾ مصنوعي ذهانت ذريعي تعليم ۾ وڏي نواڻ اچي چڪي آهي ۽ اسان وٽ نه انفرااسٽرڪچر آهي ۽ نه ئي بنيادي سهولتون، ايستائين جو اسان پنهنجا سڀ وسيلا رڳو هڪ ئي مسئلي طرف لڳائي رهيا آهيون ته استادن ۽ شاگردن جي حاضري لاءِ ڪهڙو طريقيڪار ٺاهجي. ان صورت ۾ اوهان پاڻ اندازو لڳايو ته اسان ڪٿي بيٺا آهيون. اسان وري ڪنهن ٻئي ڀيري انهن سڀني مسئلن ۽ انهن جي حل تي بحث ڪنداسين. هن وقت اسان تعليم جي عالمي ڏينهن جو ئي ذڪر ڪريون ٿا.  هر سال هر عالمي ڏينهن جو ڪو خاص محورtheme  هوندو آهي. اهڙي طرح هن سال تعليم جي عالمي ڏينهن جو محور “تعليم ۾ مصنوعي ذهانت جو ڪردار ۽ ان ذريعي ماڻهن ۾ امن ۽ سکيا لاءِ ماحول پيدا ڪرڻ” آهي. هاڻي هي هن دور جي حساب سان هڪ اهم ڳالهه آهي. ڇو ته مصنوعي ذهانت هر شعبي ۾ تمام گهڻيون تبديلون آنديون آهن. اسان کي انهن کي سمجهڻو پوندو ۽ انهن جو مثبت استعمال به ڪرڻو پوندو. هاڻي هن بنيادي محور کي ڏسجي ته اسان ايئن چئي سگهون ٿا ته تعليم ذريعي ئي مصنوعي ذهانت کي سمجهندي، ان جو استعمال ڪري تعليمي نظام ۾ نواڻ آڻجي. سِکڻ ۽ سيکارڻ جا نوان طريقا ۽ ٽولز استعمال ڪرڻ گهرجن ته جيئن سِکڻ ۽ سيکارڻ جو سمورو عمل وڌيڪ وڻندڙ، اتساهيندڙ ۽ لاڀائتو ٿي سگهي. انهيءَ سان گڏ ماڻهن ۾ اخلاقي قدرن کي به هٿي ڏياري. ڇو ته جيڪڏهن اخلاقي قدر نه هوندا ته پوءِ انهن سمورين ٽيڪنالاجين جو غلط استعمال ٿيڻ شروع ٿيندو، جيڪو نقصانڪار آهي. ظاهر آهي هونئن به هر شيءِ جا فائدا به آهن ته نقصان به آهن. اهڙي طرح ٽيڪنالاجي فائديمند به آهي ته نقصانڪار به آهي، پر نقصانڪار رڳو تڏهن ٿي ٿئي، جڏهن اسان پنهنجا اخلاقي قدر وساري انهيءَ جو غلط استعمال ڪريون ٿا. جنهن سان سماج ۾ انتشار ۽ بدامني پيدا ٿئي ٿي.

ٻيو ته هن ڏينهن جو بنيادي مقصد ماڻهن ۾ امن قائم ڪرڻ آهي. جيئن دنيا سُڪون سان جي سگهي. ڇو ته هن وقت اسان وٽ جيڪو پڙهي لکي وٺي ٿو ته وري پاڻ کي چالاڪ سمجهڻ شروع ڪري ٿو. نتيجي ۾ انهن عام عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. سو، هن طرح اسان کي هڪ باشعور ۽ فضيلت وارا پڙهيا لکيا ماڻهو کپن، جيڪي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي کي سمجهندي ان جو مثبت استعمال ڪري سماجي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري سگهن.

ماڻهن ۾ مصنوعي ذهانت جي حوالي سان ڄاڻ ڏيڻ لاءِ سيمينار ٿيڻ گهرجن. تربيتي ورڪشاپ ٿيڻ گهرجن. مصنوعي ذهانت کي تعليمي سرشتي سان ڪيئن سلهاڙجي. انهيءَ حوالي سان استادن جي به تربيت ٿيڻ گهرجي ته جيئن هُو انهن ٽولز کي درست ۽ مثبت انداز ۾ استعمال ڪري سگهن. انهيءَ موضوع تي پوڊ ڪاسٽ ٿيڻ گهرجن جن ذريعي عام ماڻهن کي به ڄاڻ ڏجي. والدين کي به ان حوالي سان تربيت ڏيڻ گهرجي ته جيئن کين خبر هجي ته سندن اولاد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيئن ڪري رهيو آهي؟ جيڪڏهن اُهو غلط استعمال ڪري رهيو آهي ته ان کي سمجهائجي. اهڙي طرح اسان هن جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو وٺي، پنهنجي تعليمي سرشتي کي بهتر ڪندي دنيا سان گڏ هلي سگهون ٿا.

***