فلسطين جي ويڙهاڪ تنظيم حماس جي سياسي شعبي جو سربراھ اسماعيل هانيه ايران جي گاديءَ جي هنڌ تهران ۾ هڪ حملي ۾ شهيد ٿي ويو. حماس موجب هانيه ايراني صدر مسعود پيز شڪيان جي قسم کڻڻ واري تقريب ۾ شرڪت لاءِ تهران ۾ موجود هو، جتي کيس نشانو بڻايو ويو. هو حماس جو سياسي سربراھ هو ۽ 2006 ۾ وزيراعظم به رهيو. ايران جي پاسداران انقلاب، خبر رسائيندڙ اداري ارنا ۽ حماس به اعلان ڪيو آهي ته فلسطيني گروپ حماس جي سياسي سربراھ اسماعيل هانيه ۽ سندس هڪ محافظ کي تهران ۾ سندس رهائشگاھ ۾ شهيد ڪيو ويو آهي. خبرون ڏيندڙ اداري اي ايف پي موجب ايراني پاسداران انقلاب چيو آهي ته واقعي جو ڪارڻ فوري طور واضح ناهي پر ان مامري جي جاچ ڪئي پئي وڃي.
ايران ۾ 31 جولاءِ جي رات هڪ حملي ۾ شهيد ٿيل اسماعيل عبدالسلام هانيه، جنهن کي عبدالعبد جي نالي سان به سڏيو ويندو هو، غزه جي اوڀر ۾ شاتي نالي هڪ فلسطيني پناهگيرن جي ڪيمپ ۾ 1962ع ۾ پيدا ٿيو. سندس والدين 1948ع ۾ عرب اسرائيل جنگ دوران اشڪلون جي علائقي ويجھو ڳوٺ مان پنهنجو گھر ڇڏيو. هن غزه جي اسلامي يونيورسٽيءَ مان عربي ادب ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ اتان ئي اسلامي تحريڪ ۾ شامل ٿي ويو. اسماعيل هانيه 1987ع ۾ گريجوئيشن ڪئي، ان ئي سال غزه ۾ اسرائيلي قبضي خلاف عوامي بغاوت شروع ٿي. کيس اسرائيلي حڪومت مظاهرن ۾ حصو وٺڻ تي مختصر وقت لاءِ گرفتار ڪيو. 1989ع ۾ کيس اسرائيل 3 سالن لاءِ قيد ڪيو، جنهن بعد کيس حماس جي ٻين اڳواڻن سان گڏ لبنان اسرائيل سرحد مرج الظهور ۾ جلاوطن ڪيو ويو. اسماعيل هانيه 1992ع ۾ لڳ ڀڳ هڪ سال جلاوطن رهيو. هڪ سال بعد ڊسمبر 1993ع ۾ هو غزه موٽيو. کيس اسلامي يونيورسٽي جو ڊين مقرر ڪيو ويو. 1997ع ۾ کيس حماس سربراھ شيخ احمد ياسين جي دفتر جو سربراھ مقرر ڪيو ويو. 62 ورهين جي اسماعيل هانيه کي 2017ع ۾ خالد مشعل جي جڳھ تي حماس جو سياسي سربراھ مقرر ڪيو ويو. 16 فيبروري 2006ع ۾ حماس کيس فلسطين جي ڏهين حڪومت ۾ وزيراعظم جي عهدي لاءِ نامزد ڪيو ۽ ان ئي سال 20 تاريخ تي هن اهو عهدو سنڀالي ورتو.
2006ع ۾ اسرائيلي فوجي هيلي ڪاپٽرن وزيراعظم اسماعيل هانيه جي دفتر کي نشانو بڻايو. ان حملي ۾ سندس 3 محافظ زخمي ٿيا، پر اسماعيل هانيه ان وقت اتي موجود نه هو. هڪ سال بعد جڏهن القسام برگيڊ غزه جي پٽي ۾ سيڪيورٽي جا معاملا پنهنجي هٿ ورتا ته فلسطين جي صدر محمود عباس کيس برطرف ڪري ڇڏيو. اسماعيل هانيه ان عمل کي غير آئيني قرار ڏيندي چيو ته سندس حڪومت فلسطيني عوام لاءِ ڪم ڪندي رهندي. بعد ۾ هانيه فتح گروپ سان مفاهمت تي زور ڏنو. 6 مئي 2017ع تي اسماعيل هانيه کي حماس جي شوريٰ سياسي شعبي جو سربراھ چونڊيو.
اسماعيل هانيه پنهنجي سئوٽ امل هانيه سان شادي ڪئي. کيس 8 پٽن ۽ 5 ڌيئرن سميت 13 ٻار هئا. سندس ڌيءَ ثنا 1986ع ۾ ڄائي، بثنيه 1987ع ۾ پيدا ٿي، 1992ع ۾ ڄمندڙ ڌيءَ جو نالو هن خوله رکيو، 1998ع ۾ لطيفه ۽ 2004ع ۾ ساره ڄائي. سندس پٽ عبدالسلام 1981ع ۾ پيدا ٿيو، حمام 1983ع، وسام 1984ع معاذ 1985ع عاد ۽ حاضم 1994ع ۾ ڄاوا ۽ عامر 1995ع ۾ پيدا ٿيو. هلندڙ سال اپريل جي ٻئين هفتي ۾ قاهره ۾ غزه جنگبندي لاءِ ڳالهين کان اڳ اسماعيل هانيه جا 3 پٽ حاضم، عامر محمد، سندس پوٽو خالد ۽ 3 پوٽيون مونا، امل ۽ رازان 10 اپريل 2024ع تي اسرائيلي هوائي حملي ۾ شهيد ٿيا.
اسماعيل هانيه کي تهران ۾ شهيد ڪرڻ کي روس ۽ ترڪيه ناقبل قبول قرار ڏيندي خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌائڻ سڏيو آهي. فلسطيني صدر محمود عباس اسماعيل هانيه کي شهيد ڪرڻ واري عمل کي بزدلاڻو سڏيندي شديد مذمت ڪئي آهي. فلسطيني سرڪاري خبرون ڏيندڙ اداري وفا ۾ جاري ٿيل هڪ بيان ۾ هن فلسطينين تي اسرائيل جي قبضي خلاف متحد ٿيڻ صبر ۽ ثابت قدم رهڻ تي زور ڀريو آهي.
حماس جي الاقصيٰ ٽيلي ويزن چينل موجب فلسطيني ويڙهاڪ تنظيم حماس جي هڪ سينيئر عهديدار موسيٰ ابو مرزوق ان عمل کي انتهائي بزدلاڻو قرار ڏيندي چيو آهي ته تنظيم جي سياسي سربراھ اسماعيل هانيه جو بدلو ورتو ويندو. ايران طرفان پڻ انهيءَ جارحيت جو جواب ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.