سمنڊ جتي روح کي سڪون ملندو آھي، جتي پاڻيءَ کي ڏسي، ڇولين کي ڏسي اکيون ڄڻ ٿڌيون ٿينديون آھن، جتي سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ پير وجھڻ سان سڪون محسوس ٿئي ٿو، سمنڊ جون نرم نرم ڇوليون ڄڻ وجود کي ڇهي وڃن ٿيون، ڄڻ ائين لڳي ٿو ته سمنڊ پنھنجي وجود ۾ جاءِ ڏئي رھيو ھجي، سمنڊ جنهن جو حوصلو به وڏو آهي ته سندس دل به وڏي آهي، جنھن ۾ وڏي برداشت به آھي، وڏي ھمت، وڏي حوصلو آھي. سمنڊ جيترو وشال آھي ان کان وڌيڪ سندس حوصلو، ھمت ۽ بهادري آھي. جيڪي سمنڊ جي ڇولين کان واقف ٿي ويندا آھن، سي سندس دوست بڻجي ويندا آهن ۽ پوءِ سمنڊ کين پنهنجي ڇولين تي رقص ڪرائيندو آھي. مون جڏهن سمنڊ جي ڇولين کي پنهنجن پيرن سا ٽڪرائجندي ڏٺو ته ايئن لڳو ڄڻ سمنڊ مون کي ڪو پيغام ڏئي رهيو هجي ڪا شڪايت ڪري رهيو هجي. دنيا جي ٻين ملڪن ۾ اتان جا ماڻهو پنهنجي سمنڊ جي ڪنارن کي صاف سٿرو رکندا آهن ته جيئن اتي اچي ويهي سگهن ۽ سمنڊ جي خوبصورتيءَ جو مزو ماڻي سگهن، پر اسان وٽ ماڻهو سمنڊ جي ڪناري تي ويهي هر قسم جو گند ۽ ڪچرو ان ۾ اڇلائيندا آهن ۽ پوءِ سمنڊ پنهنجي ڇولين سان وري انهن کي ٻاهر کڻي اڇلائيندو آهي. ايئن لڳندو آهي ڄڻ سمنڊ کي اها ڳالهه پسند نه هجي ته سندس اندر اهو گند ۽ ڪچرو اڇلايو وڃي. ان گندگيءَ سان سمنڊ جي سونھن ۽ سامونڊي ڪنارن جي خوبصورتي متاثر ٿئي ٿي. جيڪي ماڻهو سمنڊ جي ڪناري تي سمنڊ جي لهرن جو مزو ماڻڻ وڃن ٿا، سندن دل پريشان ٿي وڃي ٿي. ان معاملي ۾ سمنڊ اسان کي ڄڻ ته ڪو عاجزيءَ سان اها درخواست ڪري رهيو هجي ته مون سان دشمني نه ڪيو ۽ منهنجي پاڻيءَ کي گدلو نه ڪيو. ڇو ته منهنجي پاڻيءَ جي اندر هڪ پوري خوبصورت دنيا آهن، جنهن ۾ عجيب و غريب قسم جي زندگي موجود آهي. اسان کي گهرجي ته اسان جتي به هجون اتي صفائي ۽ سٿرائيءَ جو خاص خيال ڪيون، پر جڏهن سمنڊ جي ڪناري تي وڃون ته اتي اڃان وڌيڪ خيال ڪريون. جيڪڏهن کائڻ پيئڻ جون شيون پاڻ سان کڻي وڃون ٿا ته پاڻ سان گڏ خالي شاپر به کڻي وڃون ته جيئن واپسيءَ ۾ جيڪو ڪچرو جمع ٿيو آهي اهو پاڻ سان گڏ کڻي اچون. جڏهن اسان ايئن ڪنداسين ته پوءِ اسان جو سمنڊ ۽ سامونڊي ڪنارو موج ۽ مستيءَ ۾ اسان کي خوش نظر ايندو.