بلاگنئون

روايتي شاعري کان بغاوت ڪندڙ مرزا غالب

اردو شاعري جي تاريخ  ۾ ڪجهه اهڙا نالا به آهن، جيڪي صرف شاعر نه، پر هڪ فڪري انقلاب جا نشان بڻجي چڪا آھن ۽ مرزا غالب به انهن ئي وڏن نالن مان هڪ آهي، جنهن روايتي اردو غزل جي محدود دائري کي ٽوڙي، ان کي فڪر، فلسفي ۽ انساني شعور جي بلندين تائين پهچائي ڇڏيو.۔ اسان جيڪڏهن غالب کان اڳ واري شاعري تي نظر وجھنداسين ته  اها گهڻو ڪري محبوب، جدائي، وصال ۽ جذباتي ڪيفيتن تائين محدود نظر اچي ٿي، پر غالب اچي ان روايت کي هڪ نئون رخ ڏنو.

مرزا اسدالله بيگ خان، جيڪو دنيا ۾ مرزا غالبؔ جي نالي سان مشهور ٿيو، اھو اردو ۽ فارسي ادب جو اهڙو روشن ستارو آهي، جنهن  جي روشني اڄ به اردو ادب سان ذوق رکندڙ ماڻهن جي دل ۽ ذهن کي منور ڪري ٿي.۔ 27  ڊسمبر 1797ع تي آگره جي محلي ڪالا محل ۾ جنم وٺندڙ هي غير معمولي شاعر 15 فيبروري 1869ع تي دهلي ۾ پنهنجي خالقِ حقيقي سان وڃي مليو، پر پنهنجي پٺيان اهڙو ادبي خزانو ڇڏي ويو، جيڪو هميشه زنده رهندو۔.

غالبؔ هڪ اهڙي مغل خاندان ۾ پيدا ٿيو، جنهن جون پاڙون سمرقند کان اچي هندستان ۾ پختيون ٿيون.۔ سندن والد مرزا عبدالله بيگ سپاهي مزاج انسان هو ۽ مختلف رياستن سان لاڳاپيل رهيو. 1803ع ۾ جڏهن  غالب جي ننڍپڻ هڪ جنگ دوران سندن والد وفات ڪئي ته  ان کانپوءِ غالب جي پرورش سندس چاچي مرزا نصر الله بيگ ڪئي، پر  ڪجهه سالن ۾ اهو به وفات ڪري ويو۔.

اهڙيءَ طرح غالبؔ ننڍپڻ ۾ ئي زندگي جي تلخين کي محسوس ڪيو ۽ اهي ئي تلخيون پوءِ سندس شاعري ۾ فلسفي جي صورت ۾ ظاهر ٿيون. مرزا غالب جي سڄي زندگي بس  ڄڻ زندگي کي گذارڻ جي جدوجهد نظر اچي ٿي! عربي فارسي تي عبور حاصل ڪرڻ کانپوءِ ان جڏهن شاعري جي شروعات ڪئي ته انهيءَ دوران سندس زندگي ۾ ڪيترائي لاھا چاڙھا به ايندا رھيا. ھو ڪافي وقت مغل درٻار سان سلھاڙيل  رھيو. مغل بادشاهه بهادر شاهه ظفر کيس “دبیرالملڪ” ۽ “نجم الدوله” جهڙا لقب عطا ڪيا.۔ هو شاهي درٻار ۾ استادِ سخن مقرر ٿيو ۽ شهزادن جي تعليم ۽ تربيت سان به لاڳاپيل رهيو۔، پر  زوال پذير مغليه سلطنت ۽ وڌندڙ انگريز اقتدار جي وچ ۾ سندس مالي حالت ڪڏهن به مستحڪم نه رهي ۽ سدائين پينشن ۽ وظيفي لاءِ ڪوشش ڪندو رهيو۔.

مرزا غالبؔ فارسي کي اردو تي ترجيح ڏيندو هو ۽ سمجهندو هو ته سندس اصل عظمت فارسي شاعري ۾ آهي.۔ هن هزارين شعر فارسي ۾ لکيا، پر زماني کيس اردو غزل جي بادشاهه طور سڃاتو.۔ جڏهن ته سندس اردو ديوان نھايت  مختصر آهي، پر اثر ۾ بي مثال آهي!

غالبؔ کان اڳ اردو غزل گهڻو ڪري عشق ۽ محبت تائين محدود هو، پر هن ان کي نئين معنيٰ ۽ وسعت ڏني۔ سندس شاعري ۾ عشق صرف جذباتي تجربو نه، پر هڪ فڪري ۽ فلسفياڻو عمل بڻجي نظر اچي ٿو.۔ انساني وجود، زندگي جي رونق، ڪائنات جا راز ۽ سماجي تبديليون اهي سڀ سندس شاعري ۾ گڏ نظر اچن ٿا.۔

هن انسان جي وجود، قسمت، ڪائنات ۽ زندگي جي لاھن چاڙھن  جهڙن موضوعن کي شاعري جو حصو بڻايو، جيڪو ان کان اڳ اردو شاعري ۾ تمام  گهٽ نظر ايندو هو.۔ سندس شاعري مان ڪجهه مثال ھيٺ پيش ڪجن ٿا:

يا رب وه نه سمجهي هين نه سمجهين گي مري بات،

دي اور دل ان ڪو جو نه دي مجهه ڪو زبان اور.

هن شعر ۾ غالب انساني ابلاغ جي ناڪاميءَ جو ذڪر ڪري ٿو،۔ هو چوي ٿو ته منهنجي ڳالهه سمجهي نٿي وڃي، شايد ٻڌندڙ وٽ سمجهڻ جي صلاحيت ئي ناهي۔ هتي عشق کان وڌيڪ فڪر جو عنصر نمايان آهي۔.

هم وهان هين جهان سي هم ڪو ڀي،

ڪڇ هماري خبر نهين آتي.

غالب جو ھي شعر خودي ۽ وجود جي ڳولها جو عڪس آهي.۔ انسان پاڻ کي به مڪمل طرح سمجهي نٿو سگهي،۔ اهو هڪ خالص فلسفياڻو خيال آهي، جيڪو روايتي عشقيه شاعري کان بلڪل مختلف آهي۔.

قيد حيات و بند غم اصل مين دونون ايڪ هين،

موت سي پهلي آدمي غم سي نجات پائي ڪيون.

ھتي غالب زندگي کي غم سان ڳنڍي ٿو ۽ چوي ٿو ته جيستائين انسان زنده آهي، غم به ساڻس گڏ آهي.۔ هي زندگي جي حقيقتن تي هڪ گهرو فڪري اظهار آهي.۔

عشق پر زور نهين هي يي وه آتش غالب،

ڪي لگائي نه لگي او بجائي نه بجي.

هتي عشق کي هڪ اهڙي قوت طور پيش ڪيو ويو آهي، جيڪا انسان جي اختيار کان ٻاهر آهي۔. اهو صرف جذبو نه، پر هڪ ڪائناتي طاقت آهي. هي به هڪ فلسفياڻو انداز آهي.۔

رگون مين دوڙتي ڦرني ڪي هم نهين قائل،

جب آنک هي سي نه ٽپڪا تو ڦر لهو ڪيا هي.

هي شعر جذبي جي شدت تي زور ڏئي ٿو،۔ غالب لاءِ احساس صرف اندروني شيءِ نه آهي، پر ان جو اظهار به ضروري آهي.۔ هتي ھو انساني صداقت ۽ اظهار جي اهميت بيان ڪري ٿو.۔

هم ڪو معلوم هي جنت ڪي حقيقت ليڪن،

دل ڪي خوش رکني ڪو غالب يي خيال اڇا هي.

هي شعر غالب جي فڪري جرئت جو واضح مثال آهي.۔ هو جنت جي تصور کي هڪ تسلي طور پيش ڪري ٿو، نه ڪي قطعي حقيقت طور۔ اهو مذهبي ۽ فلسفياڻي سوچ جو حسين امتزاج آهي۔.

هزارون خواهشين ايسي ڪي هر خواهش پي دم نڪلي،

بهت نڪلي مري ارمان ليڪن ڦر ڀي ڪم نڪلي.

ھتي غالب انساني خواهشن جي لا محدوديت کي ظاهر ڪري ٿو.۔ انسان ڪڏهن به مڪمل مطمئن نٿو ٿئي ۽ اھا ھڪ  نفسياتي ۽ فلسفياڻي حقيقت پڻ آهي.۔

عشق ني غالب نڪما ڪر ديا،

ورنه هم ڀي آدمي ٿي ڪام ڪي.

هتي غالب مزاحيه انداز ۾ عشق جي اثر کي بيان ڪري ٿو، پر ان ۾ به هڪ گهرو مطلب لڪل آهي ته عشق انسان جي عملي زندگيءَ کي متاثر ڪري سگهي ٿو.۔ ان کان علاوه  سندس ٻيا شعر جھڙوڪ:

جي ڍونڍتا هي ڦر وهي فرصت ڪي رات دن،

بيٺي رهين تصور جانان ڪيي هوئي.

**

رنج سي خوگر هوا انسان تو مٽ جاتا هي رنج،

مشڪلين مجهه پر پڙي اتني ڪي آسان هو گئي.

**

محبت مين نهين هي فرق جيني اور مرني ڪا،

اسي ڪو ديک ڪر جيتي هين جس ڪافر پي دم نڪلي.

وغيره جھڙا انيڪ شعر جڏھن پڙهجن ٿا ته اھا ڳالهه واضح ٿي وڃي ٿي ته غالبؔ جي شاعري جي سڀ کان وڏي خوبي سندس پيچيده ۽ معنيٰ خيز انداز آهي.۔ هو هڪ ئي شعر ۾ ڪيترن ئي معنائن کي سمائي ڇڏي ٿو.۔ شاعري ۾ سندس لفظ رڳو اظهار جو ذريعو نه، پر هڪ مڪمل جهان پيش ڪن ٿا.۔

مرزا غالبؔ دراصل  هڪ گهري سوچ رکندڙ انسان هو.  هو رسمي مذهبيت بدران روحاني تلاش جو قائل هو.۔ صوفياڻا خيال، شڪ ۽ سوال سندس شاعري ۾ بار بار نظر اچن ٿا.۔ هو جنت، دوزخ ۽ مذهبي تصورن کي به فلسفياڻي نظر سان ڏسي ٿو.۔

غالبؔ جي دور ۾ ذوقؔ ۽ مومنؔ جهڙا وڏا شاعر موجود هئا،۔ ذوقؔ سان ھميشه سندس مقابلو مشهور هو، پر ان سان گڏوگڏ ٻنهي ۾ احترام جو رشتو به قائم رهيو.۔ مولانا الطاف حسين حالي سندس نمايان شاگردن مان ھڪ هو، جنهن بعد ۾ سندس زندگيءَ تي “يادگارِ غالب” جھڙو ڪتاب لکيو۔.

مرزا غالبؔ آزاد خيال، خوش مزاج ۽ حاضر جواب انسان هو.۔ زندگي جي سختين باوجود سندس اندر هڪ بي نيازي هئي۔. هو ڏک کي به فن ۾ تبديل ڪرڻ جي صلاحيت رکندو ھو. انهيءَ ڪري زخم کي غزل بڻائڻ سندس ڪمال هو.۔

غالب جي اهميت صرف ان ڳالهه ۾ ناهي ته هن خوبصورت شعر لکيا، پر اصل ڳالهه اها آهي ته هن رائج الوقت شاعري جي موضوع کي تبديل ڪيو۔ جيڪا ان وقت ڄڻ ھڪ وڏي بغاوت ھئي! هن عشق کي محدود جذبي مان ڪڍي، هڪ فڪري ۽ ڪائناتي سطح تي آندو.۔ هن سوال ڪرڻ سيکاريو، سوچڻ سيکاريو ۽ شاعري کي صرف دل جي ڳالهه نه، پر ذهن جي به ڳالهه بڻائي پيش ڪيو۔.

ھن کان اڳ واري روايتي شاعري ۾ گھڻو ڪري رڳو محبوب مرڪز هوندو هو، پر غالب خود انسان کي پاڻ مرڪز بڻائي پيش ڪيو۔. هن لاءِ عشق خودي کي سمجهڻ، دنيا کي پرکڻ ۽ حقيقت تائين پهچڻ جو ھڪ ذريعو آھي.

مرزا غالب بيشڪ اردو شاعري جو هڪ اهڙو موڙ آهي، جتان شاعري نئين راهه اختيار ڪري ٿي.۔ هن روايت سان بغاوت ڪئي، پر اها بغاوت تخريبي نه، بلڪه تعميري هئي۔. هن شاعري کي جذبات کان ڪڍي، فڪر ۽ فلسفي جي دنيا ۾ داخل ڪيو.۔

شايد ان ڪري ئي اڄ جي جديد دور ۾ به جڏهن غالب جي شاعري پڙهجي ٿي ته ان  وقت نه صرف دل، پر ذهن به ساڻس گڏ سفر ڪرڻ شروع ڪري ٿو.۔

غالبؔ اردو شاعري کي جذباتي اظهار کان ڪڍي هڪ فڪري، فلسفياڻو ۽ وسيع فن بڻايو.۔ ھاڻي غالب جي شاعري بغير اردو ادب جو تصور نامڪمل آهي. ڇو ته بقول غالب جي:

هين اور ڀي دنيا ۾ سخن ور بهت اڇي،

ڪهتي هين ڪي غالب ڪا هي اندازِ بيان اور!

***