بلاگنئون

والٽيئر جي جيون ڪٿا (قسط ٻين)

والٽيئر انگريزن ۽ سندن ملڪ جو شيدائي بڻجي ويو. هن ڏٺو ته اتي جي عظمت ۾ ڪابه هٺ ڌرمي ناهي، اتي بستيل جهڙا ظالم جيل به ناهن. هن چيو ته “آمريت جي بت کي غرق ڪرڻ لاءِ رت جا سمنڊ وهائڻا پون ٿا، پر انگريزن لاءِ انهن جا قانون تمام قيمتي آهن.” پنهنجي پوڙهائپ ۾ هن چيو هو ته “هو هڪ اهڙي مُلڪ ۾ رهي چڪو آهي، جتي هڪ رياضيءَ جي پروفيسر کي رڳو ان ڪري عظيم سمجهيو ويندو هو، جو هو پنهنجي ڪم ۾ ماهر هو ۽ جتي هڪ بادشاهہ کي ان جي رعيت سان ڪيل ڀلائي سبب هڪ عظيم انسان طور دفن ڪيو ويندو هو.” هن لاڪ کي “انسان ذات جو سڀ کان ڏاهو فرد” قرار ڏنو. هن چيو ته “مذهبي عقيدا ٻارن لاءِ هوندا آهن، پر نيوٽن حقيقت جا راز رڳو سياڻن تي ظاهر ڪيا آهن.” هو چوندو هو ته “لاڪ ڪڏهن ڪڏهن يقين سان ڳالهائڻ جي جرئت ڪئي، پر هن شڪ ڪرڻ جي به جرئت ڪئي.” هن چيو ته “مان انهن ماڻهن سان محبت ڪريان ٿو، جيڪي اهو چوندڙ آهن، جيڪي هو سوچين ٿا. جيڪڏهن اسان رڳو اڌ ڳالهه سوچيون ٿا ته اسان رڳو اڌ زندگي گذاريون ٿا.” جڏهن والٽيئر جي سيڪريٽريءَ کانئس پڇيو، “جيڪڏهن توهان اسپين ۾ پيدا ٿيا هجو ها ته ڇا ڪريو ها؟” ته  والٽيئر جواب ڏنو، “مان هر روز مذهبي گڏجاڻين ۾ وڃان ها، راهب جي لباس کي چمان ها ۽ پوءِ انهن جي خانقاهن کي باهہ ڏئي ڇڏيان ها.”

انگلينڊ ۾ گذاريل وقت والٽيئر جي مستقبل واري زندگيءَ تي گهرا اثر ڇڏيا. هن پاڻ کي نئين سر انساني آزاديءَ جي عظيم مقصد لاءِ وقف ڪرڻ جو پڪو پهه  ڪيو. هن محسوس ڪيو ته سندس زندگيءَ جو مقصد ظلم، وهم پرستيءَ ۽ آمريت کي پاڙان پٽڻ آهي؛ ۽ جيستائين سندس ساھہ ۾ ساھہ هو، ان مقصد لاءِ ھن وڙهڻ نه ڇڏيو. انگلينڊ ۾ ٽي سال گذارڻ کانپوءِ، والٽيئر پئرس موٽڻ جي اجازت وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. اتي پُهچي هن هڪ نئون ڊرامو لکڻ شروع ڪيو ۽ ان کي اسٽيج ڪرڻ لاءِ هڪ ڪمپني منظم ڪئي. والٽيئر کي پنهنجي سڄي عمر اسٽيج ۽ ٿيئٽر سان بيحد لڳاءُ رهيو. هن هر موضوع تي، چاهي اهو قديم هجي يا جديد، ڊراما لکيا. هن جا ڊراما هميشه دنيا جي ناانصافين تي ڪاري ضرب هئا. هو ڊراما لکڻ سان گڏ اداڪارن جي ڪمپنين کي ترتيب ڏيڻ ۾ به مصروف رهندو هو. پنهنجي عمر جي آخري حصي ۾ هن “فرني” ۾ پنهنجو ذاتي ٿيئٽر تعمير ڪرايو، جتي هُو اڪثر پاڻ به پنهنجي لکيل ڊرامن ۾ اداڪاري ڪندو هو. انهن ڏينهن ۾ ٿيئٽر جو ڪاروبار اڄ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ حقير سمجهيو ويندو هو. اداڪارن کي اميرن جو خادم سمجهيو ويندو هو، جن جو مقصد صرف انهن جي واندڪائيءَ جي وقت ۾ وندر مهيا ڪرڻ هوندو هو. هرڪو ٿيئٽر تي ويندو هو، پر اداڪارن جي ڪابه عزت نه هئي. جڏهن ته بادشاهہ پاڻ هڪ مخصوص گيلريءَ ۾ ويهي ڊرامو ڏسندو هو، پر هڪ وفات ڪري ويل اداڪار کي “مقدس زمين”  (قبرستان) ۾ دفن ڪرڻ جي اجازت نه هوندي هئي.

​پئرس واپسيءَ کان ٿورو وقت پوءِ ان دور جي عظيم ترين اداڪاره ايڊرين لي ڪوورير 38 سالن جي عمر ۾ وفات ڪري وئي. هوءَ پنهنجي دور جي بي مثال فنڪاره هئي ۽ سندس موت سڄي پئرس کي سوڳوار ڪري ڇڏيو. والٽيئر کيس پنهنجي جوانيءَ واري مذهبي دور کان سڃاڻندو هو؛ هو سندس دوست ۽ وڏو مداح هو. هوءَ هڪ ذهين ۽ دانشور عورت هئي. والٽيئر جي هڪ ڊرامي جي ريهرسل دوران ئي مٿس موت جو حملو ٿيو. والٽيئر تيزيءَ سان سندس بستري تائين پهتو. هوءَ سندس ٻانهن ۾ ئي فوت ٿي وئي، جڏهن ته ان وقت جا طبيب کيس ڪوبه سک نه پهچائي سگهيا. سندس شهرت ۽ انجام پئرس جي تاريخ تي گهرا اثر ڇڏيا. سندس وفات تي نه ڪو پادري آيو ۽ نه ئي کيس ڪا مذهبي دعا نصيب ٿي. کيس عيسائي طريقي سان دفن ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو؛ رات جو کيس شهر مان ٻاهر ڪڍي هڪ ڪتي وانگر “گندي نالي” ۾ اڇلايو ويو. هن عظيم عورت بابت چيو ويو هو ته “سندس ذات ۾ تمام خوبيون هيون، سواءِ نيڪيءَ جي.” سندس زندگي انهن اميرن، نوابن ۽ بادشاهن جي محبوبائن کان تمام بهتر هئي، جن جي قبرن تي پادري وڏا قصيدا پڙهندا هئا ۽ جن کي مقدس زمين ۾ دفن ڪيو ويندو هو، پر ايڊرين جي ذهانت، سندس جينيئس ۽ سندس دل انهن سڀني کان مٿانهين هئي. ڪجهه وقت لاءِ والٽيئر پنهنجي طنزيه طبيعت وساري ويٺو ۽ فرانسيسي قانون، معاشري ۽ مذهب جي ان ناانصافيءَ سندس روح کي تڙپائي ڇڏيو. هن لکيو هو: “ڇا مان ڪڏهن ان تيز فهم فرانسيسيءَ کي وهم پرستيءَ جي راڄ ۾ سمهيل ڏسڻ کان بچي سگهندس؟ ڇا رڳو انگلينڊ ۾ ئي انسانن کي سوچڻ جي جرئت آهي؟ اهي ماڻهو جن کي دفن ٿيڻ جي جڳهه به نه ڏني وئي، جيڪڏهن هو يونان ۾ هجن ها ته اتي جا ماڻهو سندن ياد ۾ عظيم مينار تعمير ڪن ها! اي ديوتائو! منهنجو ملڪ هاڻي وڌيڪ عظمت ۽ قابليت جو گهوارو ڇو ناهي رهيو؟”

والٽيئر پنهنجي سڄي زندگي اداڪارن جي سماجي حالت کي بهتر بنائڻ لاءِ اڻ ٿڪ ڪوششون ڪيون. جيتوڻيڪ هُو پاڻ هاڻي پوڙهو ٿي چڪو هو، پر هن ان عظيم عورت (ايڊرين) سان ٿيندڙ ناانصافيءَ کي ڪڏهن به نه وساريو. هن لکيو هو ته: “اداڪارن کي بادشاھہ پگهار ڏئي ٿو، پر چرچ (ڪليسا) کين مذهب مان خارج ڪري ڇڏي ٿو. کين بادشاهہ پاران هر شام اسٽيج تي اچڻ جو حڪم ڏنو وڃي ٿو، پر چرچ کين ائين ڪرڻ کان روڪي ٿو. جيڪڏهن هو اداڪاري نٿا ڪن ته کين جيل ۾ وڌو وڃي ٿو ۽ جيڪڏهن ڪن ٿا ته کين مرڻ کانپوءِ گندي نالي ۾ اڇلايو وڃي ٿو. اسان کين پنهنجي وندر لاءِ ته گهرائيندا آهيون، پر کين پنهنجي قبرستانن ۾ دفن ڪرڻ نٿا ڏيون.”

​والٽيئر جي شهرت جو سڀ کان وڏو سبب اهو هو ته ادب جو ڪوبه اهڙو ميدان نه هو،  جنهن ۾ هن پنهنجو نالو نه ڪمايو هجي. هو هڪ شاعر، مضمون نگار، ڊراما نگار، تاريخدان، ناول نگار، سائنسدان ۽ فلسفي هو. هن انهن سڀني صنفن ۾ پاڻ مڃايو. سندس لکيل تاريخون به اوتريون ئي جاندار هيون،  جيترا سندس ڊراما. هُو تاريخ لکندڙ ليکڪن کي پيش ايندڙ مشڪلاتن کان چڱي ريت واقف هو. هن چيو هو ته: “جيڪو شخص پنهنجي دور جي تاريخ لکي ٿو، کيس ان هر ڳالهه لاءِ تنقيد جو نشانو بڻايو ويندو آهي، جيڪا هن چئي هجي يا جيڪا هن نه چئي هجي.” سندس مشهور ڪتاب “انگريزي خط” انگلينڊ ۾ تيار ڪيو ويو هو، پر فرانس موٽڻ کانپوءِ والٽيئر کي اها خبر هئي ته اهو پئرس ۾ ڇپائڻ خطري کان خالي نه آھي. هُو انهن خطن کي تڏهن ئي ظاهر ڪرڻ چاهيندو هو، جڏهن هو پاڻ کي محفوظ سمجهي، پر 1734ع ۾ اهي خط ڪنهن طرح چوري ٿي ويا ۽ عوام ۾ پڌرا ٿي ويا. انهن خطن ۾ عظيم انگريز فلسفين جا نظريا ۽ زندگيءَ بابت اهڙا تبصرا هئا، جيڪي ان دور جي حساب سان انتهائي جديد ۽ بيباڪ هئا. والٽيئر چوندو هو ته: “سچ هميشه جديد هوندو آهي، پر اهڙو وقت ڪڏهن به نٿو اچي، جڏهن ان کي پڌرو ڪرڻ مڪمل طور تي محفوظ هجي.” جڏهن اهي خط پڌرا ٿيا ته ان جي پبلشر کي فورن “بستيل” جي جيل ۾ موڪليو ويو. ڪتاب کي سرڪاري طور تي مذهب، اخلاق ۽ سماج جي خلاف قرار ڏئي، هڪ جادوگر جي هٿان پئرس جي هڪ چوڪ تي ساڙايو ويو. والٽيئر جي گهر جي تلاشي ورتي وئي، پر کيس وقت تي اها خبر ملي وئي ۽ هو هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي آزادي ۽ جان بچائڻ لاءِ اتان فرار ٿي ويو. انساني تاريخ ۾ هن عظيم جينيئس جو ڪوبه مثال نٿو ملي. پئرس ۾ پيدا ٿيو، ارڙهن سالن جي عمر ۾ بستيل جي جيل ۾ ويو، هالينڊ، انگلينڊ، پرشيا ۽ فرانس جي ڏورانهن علائقن ڏانهن جلاوطن ٿيو. هن پنهنجي پوري زندگي پئرس سان محبت ڪئي، پر جيڪڏهن سندس پوري زندگيءَ جو حساب لڳايو وڃي ته هُو پنهنجي جوانيءَ ۽ پختي عمر جا صرف پنج يا ڇهه سال ئي پئرس ۾ گذاري سگهيو.

والٽيئر پاڻ کي ڪڏهن به تڪرارن کان پري رکي نه سگهيو. سندس زندگيءَ جي هر دور ۾ لڳ ڀڳ هر بااثر شخص سندس دشمن هو، پر هو ڪو اهڙو انسان نه هو،  جيڪو ظلم آڏو جُهڪي وڃي يا خاموشي اختيار ڪري. جڏهن به مٿس حملو ڪيو ويندو هو ته هُو پنهنجي پمفليٽن ۽ تيز جملن ذريعي اهڙو جواب ڏيندو هو، جيڪو ڪنهن به ٻئي ليڪچرار يا ليکڪ جي قلم کان وڌيڪ زهريلو هوندو هو. ڪڏهن ڪڏهن هُو امن سان هوندو هو ته به هُو بي چين رهندو هو، جيستائين ڪو نئون محاذ نه کُلي. هُو پنهنجي جند بچائڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ئي لکڻين تان دستبردار ٿي ويندو هو ۽ پنهنجي نالي سان صحيح ڪرڻ کان ڪيٻائيندو هو. سندس سڄي ادبي سفر ۾ سوين مختلف نالا استعمال ڪيا ويا، پر جڏهن به ڪا لکڻي انتهائي تلخ، طنزيه، باغي يا مذهب کان هٽيل هوندي هئي ته دنيا بنا ڪنهن شڪ جي ان کي والٽيئر سان منسوب ڪري ڇڏيندي هئي. پوءِ چاهي هن اهي جملا چيا هجن يا نه، پر تڪرارن جو ذميوار کيس ئي قرار ڏنو ويندو هو ۽ والٽيئر به هميشه تيار هوندو هو ته هو ان ڳالهه کان انڪار ڪري ڇڏي ته هُو ان جو خالق آهي. پنهنجن ڪيترن ئي پمفليٽن ۽ وڏن ڪتابن بابت هن ترت انڪار ڪري ڇڏيو هو. هن چيو ته هن نه ڪو نظم لکيو آهي ۽ نه ئي ڪو پمفليٽ؛ هن “فطرتي حقن” تي ڪوبه مضمون نه لکيو آهي ۽ نه ئي هن پادرين يا بادشاهن تي ڪو حملو ڪيو آهي. هن چيو ته سندس “فلسفياني لُغت” سان ڪو واسطو ناهي ۽ نه ئي هن مشهور “انسائيڪلوپيڊيا” جي تيارين ۾ ڪو حصو ورتو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته هُو بادشاهن جي خوشامد ۾ جملا  لکندو هو يا درٻاري عورتن لاءِ قصيدا تيار ڪندو هو ته جيئن پنهنجي جند بچائي سگهي. هن ڪڏهن ڪڏهن پنهنجن ئي ڪتابن جي مذمت ڪئي ۽ ان هجوم ۾ به شامل ٿيو، جيڪو سندس ئي ڪتابن کي ساڙڻ لاءِ گڏ ٿيو هو. يقينن، گهڻا ماڻهو پنهنجي لکڻين سان گڏ باهہ ۾ سڙڻ کي ترجيح ڏين ها، پر والٽيئر ائين نه ڪيو. هن چاهيو ٿي ته هُو هڪ وڏي عمر تائين زنده رهي، فرار ٿيڻ جا طريقا ڳولهي، ڪوڙ ڳالهائي، انڪار ڪري ۽ اڃان تائين دنيا تي باغي ادب جي اهڙي برکا ڪري، جيڪا اڳ ڪڏهن به ڪنهن انسان جي قلم مان نه نڪتي هجي. جڏهن “انگريزي خط” پڌرا ٿيا ته والٽيئر هڪ ڀيرو ٻيهر پئرس مان فرار ٿي ويو. هُو فرانس جي هڪ ڏورانهين علائقي ڏانهن هليو ويو. اتي هُو “ميڊم ڊي شيٽليٽ” ۽ سندس مڙس جي پراڻي حويليءَ ۾ رهڻ لڳو. مڙس فوج ۾ آفيسر هو ۽ اڪثر گهر کان ٻاهر هوندو هو، تنهنڪري ان جي ڪا خاص اهميت نه هئي. ميڊم ڊي شيٽليٽ پنهنجي دور جي، بلڪه هر دور جي سڀ کان حيرت انگيز عورتن مان هڪ هئي. هوءَ ذهين، لائق ۽ علم جي پياسي هئي؛ کيس وندر سان گڏ پنهنجي ڪم سان به بيحد محبت هئي. ڪوبه ڪتاب سندس سمجهڻ لاءِ ڏکيو نه هو. هوءَ هڪ ماهر رياضي دان، فلڪيات دان، فلسفي ۽ هڪ عظيم عورت هئي. جڏهن والٽيئر پئرس مان فرار ٿي ميڊم ڊي شيٽليٽ جي حويليءَ ۾ پهتو ته سندس عمر چاليهه سال هئي. سندس زندگي ۽ قسمت هاڻي ايندڙ سورنهن سالن لاءِ ان عورت سان جڙيل هئي. اها حويلي پراڻي ۽ زبون حال هئي ۽ فرانس جي هڪ بنجر ۽ ويران علائقي ۾ واقع هئي؛ پر والٽيئر پنهنجي محنت ۽ پئسي سان ان کي هڪ اهڙي خوبصورت جڳهه بڻائي ڇڏيو، جنهن جي زيارت لاءِ يورپ جا وڏا وڏا ماڻهو اچڻ لڳا.

ميڊم ڊي شيٽليٽ ڪا گهريلو عورت نه هئي. هن ڪڏهن نه ٻُهاري ڏني نه ڪتابن تان مِٽي اُگهي، نه وري کيس کاڌو رڌڻ يا ڪنهن کان رڌائڻ جو سليقو ئي آيو. هوءَ هڪ ذهين عورت هئي ۽ سندس نظر ۾ ڪابه عورت هڪ ئي وقت ذهين مفڪر ۽ گهريلو خادمه نٿي ٿي سگهي. هوءَ هڪ ڏُکي، تيز مزاج ۽ ڳالهائڻي عورت هئي. ٻئي طرف، والٽيئر پڻ حساس، جلد متاثر ٿيندڙ ۽ تکي طبيعت جو مالڪ هو. اهي ٻئي هڪٻئي جي سنگت مان گهڻو محظوظ ٿيندا هئا. ڪڏهن انهن جي وچ ۾ بي پناھہ محبت هوندي هئي ته ڪڏهن وري شديد جهيڙا، پر تنهن هوندي به هو پنهنجي علمي ڪم لاءِ هڪٻئي کي لازمي سمجهندا هئا. هنن گڏجي فلڪيات، رياضي، فلسفي، تاريخ ۽ مذهب جو مطالعو ڪيو. هنن گڏجي اميرن، شهزادن ۽ درٻارن جا دورا ڪيا ۽ شايد ان دور ۾ اهي فرانس جي “شاندار ترين جوڙي” طور سڃاتا ويندا هئا. ڪجهه سالن کانپوءِ والٽيئر ۽ شايد ميڊم ڊي شيٽليٽ لاءِ به هي تعلق هڪ ٿڪائيندڙ بار بڻجي ويو، پر اها هاڻي هڪ عادت بڻجي چڪي هئي. جيڪڏهن اهي شادي شده هجن ها ته شايد طلاق وٺي ڇڏين ها، پر ڇاڪاڻ ته هو شادي جي ٻنڌڻ ۾ نه هئا، تنهنڪري هو جدا نه ٿي سگهيا ۽ گڏ رهيا. والٽيئر تي ٻن عورتن جي خاص مهرباني رهي: هڪ ميڊم ڊي شيٽليٽ، جنهن جي گهر ۾ هُو سورنهن سالن تائين رهيو ۽ ٻي سندس ڀاڻيجي ميڊم ڊينس، جنهن پنجويهن سالن کان وڌيڪ عرصي تائين جنيوا ۾ سندس گهر جي سنڀال ڪئي. انهن ٻنهي عورتن مان ڪنهن به کيس گهڙي کن لاءِ به سڪون نه ڏنو، جنهن ڪري هُو مجبور ٿي سڪون ۽ آرام جي ڳولها ۾ پنهنجي مطالعه گاهہ (اسٽڊي روم) ۾ پناھہ وٺندو هو. جيڪڏهن انهن مان ڪنهن به عورت سندس زندگيءَ کي آرامده بنائي ڇڏيو هجي ها ته شايد سندس هي عظيم علمي ڪارناما ڪڏهن به سرانجام نه ٿي سگهن ها. چيو ويندو آهي ته ٻه شيون هڪ جينيئس (ذهين انسان) کي ختم ڪري ڇڏينديون آهن: هڪ موذي مرض ۽ ٻيو قناعت (سڪون). جڏهن انسان مطمئن ٿي ويندو آهي ته هُو ننڊ جي آغوش ۾ هليو ويندو آهي. والٽيئر کي مطمئن ٿيڻ جو ڪوبه موقعو نه مليو، تنهنڪري هن دنيا جي تاريخ جي ڪنهن به ٻئي انسان جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ، مسلسل ۽ اڻ ٿڪ لکيو. آخري ڏينهن ۾، انهن ٻنهي جا تعلقات انتهائي تلخ ٿي ويا، تان جو ميڊم ڊي شيٽليٽ پنهنجي محبت هڪ نوجوان فوجي آفيسر ڏانهن منتقل ڪري ڇڏي، جيڪو والٽيئر جو ئي هڪ شاگرد ۽ دوست هو ۽ ساڳئي گهر ۾ رهندو هو. ان کان جلد پوءِ هوءَ وفات ڪري وئي ۽ والٽيئر هڪ گهر کان محروم ٿي ويو. جڏهن والٽيئر ميڊم ڊي شيٽليٽ سان پري ڪنهن علائقي ۾ رهندو هو، تڏهن هُو هميشه پئرس لاءِ واجهائيندو هو. هُو پنهنجي دوستن کي منٿون ڪندو هو ته ڪنهن به طرح کيس واپس ورڻ جو حق ڏياريو وڃي. هن چيو هو ته: “مان اهو اعلان ڪندس ته سڀ پادري بي غرض آهن؛ يسوعي ايماندار آهن؛ ۽ مذهبي عدالت، انسانيت ۽ رواداري جي فتح آهي. حقيقت ۾، جيڪڏهن اهي مون کي سڪون سان رهڻ ڏين ته مان هر اها ڳالهه چوڻ لاءِ تيار آهيان، جيڪا اهي پسند ڪن.”

…(هلندڙ)….

***