ايڊيٽوريلنئون

دادو سول اسپتال جي ايڊمنسٽريٽر طرفان لڳايل سخت الزام، جواب ڪير ڏيندو؟

            سنڌ حڪومت جڏهن به پنهنجي 16 سالا حڪومت جي ڪارڪردگي پيش ڪندي آهي ته هو اهو ضرور چوندي آهي ته صحت جي شعبي ۾ سندس ڪارناما ڏسي سگهجن ٿا، ان جي ڪري ايس آءِ يو ٽي، انڊس هاسپيٽل، اين آءِ سي وي ڊي ۽ گمبٽ هاسپيٽل جا مثال ميڊيا جي آڏو رکندي آهي.

            ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته انهن اسپتالن ۾ بهتر علاج ٿي رهيو آهي، پر پوري سنڌ ۾ جيڪي به ضلعي اسپتالون آهن يا تعلقه اسپتالون ۽ ٻهراڙين ۾ رورل هيلٿ سينٽر آهن انهن جي حالت انتهائي خراب آهي. انهن جي نشاندهي ميڊيا وقت بوقت ڪندي رهندي آهي، پر سنڌ سرڪار اهڙين ڳالهين ٻڌڻ کان نٽائيندي رهندي آهي. انهن اسپتالن جي ڪرپشن جا قصا اسپتالن جي عمارتن جي حالت مريضن سان ڊاڪٽرن جو رويو ۽ مدي خارج دوائون جيڪي پڻ نه هجڻ جي برابر آهن، هر روز وائکا ٿي رهيا آهن. سنڌ جو عوام صحت جي انهن سڀني مسئلن کي ڀوڳيندو رهندو آهي، پر سندس دانهن ٻڌڻ وارو ڪير به نه آهي. هن وقت هڪ قصو ميڊيا جي سامهون آيو آهي جنهن ۾ دادو سول اسپتال جو ايڊمنسٽريٽر فتح محمد ٽالپر پنهنجي اسپتال جي پت وائکي ڪري رهيو آهي، پر هڪ ڳالهه عجيب آهي ته هو بجاءِ گورنمينٽ کي ڏوهه ڏيڻ جي وائيس چانسلر لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي کي ڏوهي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ميڊيا جي سامهون سندس الزام صرف هڪ ماڻهو تي آهن، سندس چواڻي ته نرسز انسٽيٽيوٽ جي عورتن کي غلط ڪمن جي لاءِ ڄامشوري تائين موڪليو وڃي ٿو جيڪو انتهائي سنگين الزام آهي. ميڊيا جي سامهون اچي هن اهو به چيو آهي ته هو استعيفيٰ ڏئي چڪو آهي ۽ دادو جي ماڻهو کي گهٽ ۾ گهٽ نرسنگ اسڪول جي نياڻين جي حفاظت لاءِ اڳتي اچڻ گهرجي. سندس چواڻي ته اسپتال ۾ ايندڙ دوائن جي ڪميشن جيڪا 35 سيڪڙو آهي مختلف آفيسرن جي وچ ۾ ورهائي وڃي ٿي. اهڙو اظهار هو وائيس چانسلر جي اڳيان پڻ ڪري چڪو آهي جنهن کيس اهو چئي ٽاري ڇڏيو ته ان ننڍي وڏي ڪرپشن تي ڌيان نه ڏيو. هن اهو به الزام لڳايو آهي ته دادو اسپتال جي لاءِ آيل وينٽيليٽرز وائيس چانسلر لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي حڪم تي ٺٽي ۾ نئين ٺهندڙ اسپتال ڏانهن موڪليا ويا جيڪي واپس نه آيا آهن. جڏهن ته وائيس چانسلر لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي طرفان صرف هڪ پريس رليز جاري ڪري فتح محمد ٽالپر جي الزامن جي ترديد ڪئي وئي آهي ۽ انهن کي جڙتو ڪوٺيو ويو آهي. هيءَ اها ئي دادو جي سول اسپتال آهي جنهن تي اڍائي ارب رپين کان وڌيڪ خرچ ٿي چڪو آهي ۽ هن وقت اٺن بلاڪن تي مشتمل ان اسپتال ۾ 432 بسترن جي سهولت موجود آهي. ٿيڻ ته ائين گهرجي ته سنڌ جي عوام جي ٽيڪسن مان ايڏي وڏي رقم خرچ ٿيڻ کانپوءِ دادو ضلعي جي ماڻهن کي صحت جون سهولتون ملن، صرف دادو نه پر پوري سنڌ ۾ سرڪاري اسپتالن جو حال بهتر نه آهي. هاڻي ته اسپتال جا عملدار پاڻ ئي اهڙي قسم جا سنگين الزام هڻي رهيا آهن. اسين سمجهون ٿا ته ميڊيا جو ڪم فيصلو ڪرڻ نه آهي ته ڪير صحيح آهي ۽ ڪير غلط، اهو ڪم سرڪار سڳوري جو آهي ته پوءِ سرڪار سڳوري کي ڪنهن منع ڪيو آهي ته هو اهڙن سنگين الزامن جي شفاف انڪوائري نه ڪرائي. جڏهن ته ڳالهه وائکي ٿي چڪي آهي يا ته الزام هڻڻ وارو غلط آهي ۽ ان تي غلط الزام هڻڻ جي ڪري قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، پر جيڪڏهن سندس الزام درست آهن جيڪي سنگين پڻ آهن ته پوءِ انهيءَ ايڏي وڏي اسڪينڊل ۾ ملوث ننڍا توڙي وڏا عملدار قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندا وڃن.

            اسان اهو مطالبو به ڪندا رهندا آهيون ته اهڙن اهم عهدن تي ايماندار، هوشيار ۽ محنتي عملدار ڇو نٿا مقرر ڪيا وڃن؟ ڇا ان جو سبب اهو آهي ته اهڙي قسم جا عملدار رشوت جي سسٽم کي پروموٽ نه ڪندا؟ ۽ اهو حصو پتي مٿي تائين نه پهچندو انهيءَ ڪري پنهنجا من پسند عملدار اهڙن سڻبن عهدن تي مقرر ڪيا وڃن ٿا جيڪي عوام جي صحت جي سهولت جي لاءِ آيل رقم کي به خرد برد ڪن، پاڻ به کائين ۽ حصو مٿي تائين به پهچائين. سرڪار سڳوري جي ايڏي وڏي اسڪينڊل تي اڃان تائين ڪابه وضاحت نه آئي آهي، جنهن جي ڪري شڪ شبها وڌن ٿا ۽ الزام لڳائيندڙ جي ڳالهه ۾ پڻ وزن وڌي ٿو. انهيءَ ڪري عوام جو مطالبو آهي ته ان اسڪينڊل جي هڪدم شفاف انڪوائري ڪرائي وڃي ۽ ان ۾ ملوث ڪردارن کي وائکو ڪري قانوني سزا ڏني وڃي.