اھڙو دور اچي ڪڙڪيو آھي جو پنج ڀاتي ھڪ گھر ۾ آھن، اھي پنج ئي ڀاتي نٿا ڪمائين ته گھر جو گاڏو ٺيڪ سان نٿو ھلي. اڳيون دور ويو جو ھڪ ڪمائيندو ھو ته ڏھ ڀاتي ويھي کائيندا ھئا ۽ اھي ماڻھو به ڪونه رھيا آھن، جيڪي صبر جو دامن پڪڙي پنھنجو وقت پاس ڪندا ھئا. مڃون ٿا ته الله باري تعالى ھر بني بشر جو مالڪ ۽ رازق آھي، ليڪن اھو به ائين ٿو چئي جيستائين انسان پاڻ ڪجھ نه ڪندو تيستائين مان به ان لاءِ ڪجھ نه ڪندس. دنيا جي لکن ماڻھن سنڌ ۾ اچي روزگار ڪيو. ان کان علاوه پاڪستان جي ھڙني علائقن جي ماڻھن سنڌ ۾ ڪمايو آھي ۽ سنڌ کي دبئي قرار ڏنو آھي. خبر نٿي پئي ته سنڌ جي نوجوانن کي ڇا ٿيو آھي، جو ان ڏس ۾ جاکوڙ ۽ جستجو ئي نٿا ڪن.
خاص ڪري وڏن شھرن توڙي ننڍن شھرن ۾ ته روزگار جا تمام گھڻا ذريعا آھن، ھَرُو ڀَرُو اھو ضروري ته نه آھي جو وڏي مان شان واري نوڪري ملي پوءِ ھو اھا نوڪري ڪندا. مزدوري ڪرڻ ڪو عيب نه آھي، واپار ۽ ھنرمندي جي ڪمن جي واٽ الڳ کليل آھي. مثال طور: بجلي جي مرمت جو ڪم، پلمبرنگ، مختلف ڪاريگري جي ھنرمندي، موبائل رپيئرنگ، ڪمپيوٽر رپيئرنگ، ايئرڪنڊيشن جي رپيئرنگ، ڪارخانن جي ڪم جي ھنرمندي کان ويندي سوين اھڙا ھنر آھن، جيڪي ماڻھو پرائي تمام سٺي زندگيءَ بسر ڪري سگھن ٿا. اسان جي نوجوانن ۾ اڪثريت اھڙن نوجوانن جي نظر اچي ٿي، جيڪي مئٽرڪ، انٽر ۽ گريجوئيشن ڪري گھر ويھي رھن ٿا ۽ والدين کي چون ٿا ته ھو سواءِ نوڪري جي ٻيو ڪو ڪم نه ڪندا. اڄ جي نوجوانن جي مزي جي ڳالھ وڃي ھيءَ رھي آھي جو مئٽرڪ پاس، انٽر ۽ گريجوئيشن ڪري پنھنجي مائٽن کي ساڻ ڪري مِيرَ، پِيرَ يا وڏيري جي پويان ڊوڙندا ٿا رھن، ڄڻ وڏيرو، مير ۽ پير انھن جي روزي روٽي جا ضامن ھجن، باقي چٽاڀيٽي جي امتحانن ۾ وڃڻ کان ائين ٿا لھرائين جيئن ڪانوَ غليل کان لنوائيندا آھن.
اسان جي ملڪ کانسواءِ دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ روزگار کي قومي مسئلي جي حيثيت حاصل آھي ۽ ملڪ جي ھر شھري کي بيروزگاري الائونس ڏنو وڃي ٿو، جيسين کيس ملازمت يا مزدوري جو موقعو نٿو ملي، اسان جي ملڪ ۾ بيروزگاري اجورو (الائونس) ڏيڻ ته ٿي پري جي ڳالھ، ھن اھم مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ به ڪا دلچسپي نٿي ورتي وڃي. مقصد چوڻ جو اھو آھي ته اسان جي نوجوانن کي گھرجي ته پنھنجي ۽ پنھنجن وڏن جي حالت جو جائزو وٺن، پنھنجن پيرن تي بيھڻ لاءِ ڪجھ ڪم ڪن، وقت پنھنجي رفتار سان روان دوان آھي، ڪٿي ائين نه ٿئي اوھان تمام گھڻو پوئتي رھجي وڃو، ڪجھ ڪريو ۽ ڪنھن به ڪم ڪرڻ کي پنھنجي شان جي گھٽتائي يا عيب نه سمجھو.