بلاگنئون سنڌي صحافت جي زوال پذيري جا سبب July 5, 2024 Zahida Abro گھٽ پڙھيا ۽ گھٽ پگھار وارا ايڊيٽر ۽ نيوز ايڊيٽر جيڪي ڪارن انجڻين وارين گاڏين وانگر مکڻ، لسي، ماکي ۽ مڇي تي جھر جھنگ بيھي رھن ٿا. پاڻ کان وڌيڪ قابل ماڻھن جو قدر نٿا ڪن. احساس برتري جو شڪار ٿي رڳو پاڻ کي قابل سمجھن ٿا. مالڪن جي چاپلوسي ڪري سڀ ٺيڪ آھي چئي انھن کي مطمئن ڪن ٿا. خبرون ميرٽ تي نه نوٽن تي ھلن ٿيون. نمائندا اشتھارن لاءِ فقيرن وانگر پنن ٿا، جيڪو اشتھار جي آسري تي رھندو اھو عوام سان ظلم ۽ زيادتي جي خبر ڪھڙي ڏيندو؟ ھاڻ ته ڪجھ ايڊيٽرن سنگتياڻين ۽ وڏيرن کي متاثر ڪرڻ لاءِ انھن کي ليکڪ بڻائي ڇڏيو آھي، جن ڪجھ عورتن کي 4 لائينون لکڻ نٿيون اچن اھي ٿيون رائيٽر، جيڪا پوري پڙھيل ناھي ان جو ان جي تصوير سان ڪالم بار بار ڇپجي ته گھٽ ۾ گھٽ اھي ماڻھو جيڪي ان عورت کي اھليت سوڌو سڃاڻندا ھوندا اھي اخبار بابت ڪھڙو تاثر قائم ڪندا ھوندا؟ ڪجھ ايڊيٽرن ۽ نيوز ايڊيٽرن کي انھن مان ڪھڙو لاڀ حاصل حاصل ٿيندو ھوندو؟ سڀ سمجھن ٿا، اھڙا وڏيرا جن کي لکڻ نٿو اچي 1000 رپين جي خرچي تي بيان ڇپرائيندا ھئا اھي ٿي ويا سنڌ جا رائيٽر. سمجھي سگھجي ٿو ته اھي موٽ ۾ ڇا ڏيندا ھوندا، وڏيرن جون گاڏيون نيوز ايڊيٽرن ۽ ايڊيٽرن کي 400 ڪلو ميٽر پري ڳوٺن تائين ڇڏيو ۽ کڻيو اچن. مھمانيون، ماکيون ۽ لفافا الڳ، جيڪي بچيل آھن انھن کي سلام باقي اھڙي حالت ۾ صحافي ڪھڙي صحافت ڪندو ۽ ڪھڙا پير کوڙي سگھندو. اسان جڏھن رپورٽنگ جو ڪم ڪندا ھئاسين ته ٽڪي جا ماڻھو خبر ناھي ته ڪهڙيون خبرون ڪندا ھئا، ايئن محسوس ڪرائيندا ھئا جھڙا اسين انھن جا ڪي نوڪر ھجون، مگر سوشل ميڊيا جي عروج کانپوءِ اھي پڌرا ٿي پيا آھن. سنڌي اخبارن ۾ فضيلت ڀريا ماڻھو نٿا وڃن، نٿا لکن ان ڪري سنڌي صحافت جو زوال شروع ٿي ويو آھي، ان جو خاتمو تڏھن ايندو جڏھن ڪم لاءِ قابل ماڻھو مناسب پگھارن تي رکيا ويندا ۽ خبرون ۽ ٻيو مواد پئسن تي نه ميرٽ تي شايع ٿيندو. ان کانپوءِ ڪا بھتري ايندي. منھنجي شھر ماتلي ۾ ھڪ رپورٽر پاڻ کي ڪينسر جو نقلي مريض ظاھر ڪري سي ايم سنڌ کان صحافين جي علاج واري فنڊ مان رقم وٺي ويو. ھڪ ٻئي جي زال منشيات سوڌو گرفتار ٿي. ھڪ ٻه ٻيا مين پڙيون ۽ گٽڪا پيا ھلائين، سڄي شھر کي خبر آھي اھي سان پاڏا ڪير آھن، جڏھن بنا پگھار جي ڪم ڪرڻ وارا پنھنجو خرچ ڪڍندا ۽ مٿين جون فرمائشون به پوريون ڪندا ته آخر ڇا ڪندا؟ ھڪڙو ته جسم فروشي جو اڏو پيو ھلائي ۽ ھاڻ ايتري ترقي ڪري ويو آھي جو ڪار ۾ پيو گھمي ۽ جسم فروش عورتن کي ڌنڌي لاءِ دبئي به موڪلي چڪو آھي، ڪو ڪڇي ٿو ته ان تي انهن عورتن کان جنسي حراسمينٽ جون درخواستون ڪرائي پوليس ھٿان انھن کي زير بار ڪري ٿو. پوليس کي به خبر آھي ته ڪير ڇا ڇا پيو ڪري؟ Post Views: 280