ڪراچي ٽرانسپورٽ اتحاد جو سومر کان بسون ھلائڻ جو اعلان.

ڪراچي ٽرانسپورٽ اتحاد سومر کان بسون، مني بسون ۽ ڪوچون ھلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڪراچي ٽرانسپورٽ اتحاد جي صدر ارشاد بخاري چيو آھي ته گاڏيون ضرور ھلنديون، جيڪڏھن پوليس روڪيو ته گرفتاريون به ڏينداسين. ارشاد بخاري پنھنجي آفيس ۾ نيوز ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ ۾ 18 مارچ کان لاڪ ڊائون جو اعلان ڪيو ويو، وڏي وزير جي حڪم تي اسان گاڏيون بيھاري ڇڏيون. تاجرن کي دڪان کولڻ جي اجازت ملي ته اسان به ٽرانسپورٽ وزير سان گڏجاڻي ڪئي. بسن تي ڪم ڪرڻ وارا ڏھاڙي تي ڪم ڪندا آھن. جيڪڏھن گاڏيون بند ڪرڻ ضروري آھن ته ٽرانسپورٽرن کي به رليف ڏيو. حڪومت اسان لاءِ رليف پئڪيج جو اعلان ڪري، اسين گاڏيون بيھاري ڇڏينداسين. ارشاد بخاري چيو ته پاڪستان ۾ سمورا شعبا ھلي رھيا آھن، بند آھي ته فقط ڪراچي ٽرانسپورٽ. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون سڀاڻي ڇا فيصلو ڪنديون، اسين ڏسي رھيا آھيون پر اسان اڄ فيصلو ڪيو آھي ته سومر کان اسين سيٽ باءِ سيٽ گاڏيون ھلائينداسين. ڊرائيور ۽ ڪنڊڪٽر ماسڪ، دستانا ۽ سينيٽائزر استعمال ڪندا. جيڪو ٽرانسپورٽر ان تي عمل نه ڪندو، ان سان اسان جو تعلق نه رھندو. جيڪڏھن پوليس اسان کي جھليندي ته گرفتاريون به ڏينداسين ۽ جيڪڏھن گاڏيون نه ھلائڻ ڏيندا ته ڌرڻا به ھڻنداسين
