خاص

خيرپور جي هڪ وڌيڪ پيراڻي گادي جي ڪراچي واري فليٽ مان نوجوان نينگري گم: وڪري جا الزام

خيرپور جي هڪ وڌيڪ پيراڻي گادي جي ڪراچي واري فليٽ ۾ ڪم ڪندڙ نوجوان نينگري گم  ٿي وئي. پوليس ذريعن موجب ڪراچي جي پوش علائقي ڊفينس ۾ واقع سي ويو اپارٽمينٽ جي فليٽ مان 16 سالن جي نينگري اقصيٰ ڌيءَ اياز چانڊيو مبينه طور اغوا ٿي وئي. ان ڏس ۾ درخشان ٿاڻي تي اقصيٰ جي والد پير ڳوٺ واسي اياز چانڊيو جي فرياد تي داخل ڪيل ايف آءِ آر موجب 15 آگسٽ تي اقصيٰ دڪان تي وڃڻ لاءِ چئي فليٽ مان نڪرڻ بعد گم ٿي وئي. خدشو آهي ته اقصيٰ کي نامعلوم جوابدار ورغلائي اغوا ڪري ويو آهي. ٻئي طرف اياز علي چانڊيو پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته پيرجوڳوٺ جي بااثر شخصيت سيد لالڻ شاهه راشدي جي ڀيڻ سيده نعيمه شاهه راشدي جي ڪراچي جي ڊفينس واري بنگلي تي سندس 2 ڌيئرون اقصيٰ ۽ زينب ستن سالن کان گھر جو ڪم ڪنديون هيون، جن مان اقصيٰ چانڊيو گذريل مهيني کان گم ٿي وئي. بي بي نعيما شاهه کين ٻڌايو ته سندن نياڻي وٽس ناهي ۽ ھن کين پنهنجي بنگلي ۾ ٻن ڏينهن تائين بند ڪري ڇڏيو، ايلاز ۽ منٿون ڪرڻ تي ھن ڳالهه نه ڪڍڻ جي شرط تي آزاد ڪيو. هن چيو ته اسان کي خدشو آهي ته سيده نعيمه شاهه راشدي منهنجي نياڻي اقصيٰ چانڊيو کي يا ته قتل ڪري ڇڏيو آهي يا وڪرو ڪري ڇڏيو آهي. ھن حرن جي روحاني پيشوا پير صاحب پاڳاري، آءِ جي  سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته مامري جو نوٽيس وٺي سندس نياڻي بازياب ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.