نئون ايڪس وائرس، ڪورونا کان به وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو
برطانيه جي هڪ صحت جي ماهر خبردار ڪيو آهي ته نئون ايڪس وائرس ڪورونا وبا کان وڌيڪ مهلڪ وبا جو سبب بڻجي سگهي ٿو. عالمي ميڊيا رپورٽن مطابق برطانيا جي ويڪسين ٽاسڪ فورس جي اڳوڻي سربراهه ڪيٽ بنگهم ڊيلي ميل کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو آهي ته وائرس جنهن جو نالو عالمي صحت جي اداري (ڊبليو ايڇ او) طرفان ايڪس تجويز ڪيو ويو آهي، ڪورونا وبا کان وڌيڪ مهلڪ جو سبب بڻجي سگهي ٿو. ڪيٽ بنگهم وڌيڪ ٻڌايو ته نئون وائرس 1919-1920 جي تباهه ڪندڙ هسپانوي فلو جهڙو ٿي سگهي ٿو. ٻئي پاسي ڊبليو ايڇ او جو چوڻ آهي ته ايڪس وائرس، بيڪٽيريا يا فنگس ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. جنهن جي باري ۾ اڃا تائين ڪوبه علاج دستياب نه آهي. تشويش جو اظهار ڪندي ڪيٽ وڌيڪ ٻڌايو ته 1918 کان 1919 جي فلو جي وبا سڄي دنيا ۾ گهٽ ۾ گهٽ 50 ڪروڙ ماڻهن کي موت جو شڪار ڪيو، جن جو تعداد پهرين جنگ عظيم ۾ مرڻ وارن ماڻهن کان وڌيڪ هو ۽ هن وائرس سبب به ايڏي وڏي پئماني تي تباهي اچي سگهي ٿي.