مديني شريف جي عدالت جو جج رشوت وٺندي گرفتار

مديني شريف سعودي اينٽي ڪرپشن پبلڪ اٿارٽي ڪارروائي ڪندي مديني منوره جي اپيل ڪورٽ جي هڪ جج کي پنج لک ريال رشوت وٺندي گرفتار ڪيو آهي. سعودي اختيارين موجب رشوت وٺڻ ۾ ملوث جج ڪيس جي حق ۾ فيصلو ٻڌائڻ جو چيو هو. ان حوالي سان سعودي عرب جي اينٽي ڪرپشن اٿارٽي جو چوڻ آهي ته گرفتار جج خلاف قانوني ڪاروائي مڪمل ڪئي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب جوابدار جج تي چار کان پنج سال قيد ۽ پنجاهه هزار ريال تائين ڏنڊ لاڳو ٿي سگهي ٿو.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments