پاڪستانخاصنئوننيو‍‍ز

سانگهڙ ۾ اجتماعي زيادتي جي ٽن ڏوهين کي ڦاسي هڪ کي عمر قيد جي سزا

مقامي عدالت زينب ڀيو جي ريپ ڪيس ۾ ٽن ڏوهين کي موت جي سزا ۽ هڪ ڄڻي کي عمر قيد جي سزا ڏئي ڇڏي. جڏهن ته ٽن عورتن سميت چئن ملزمن کي بري ڪري ڇڏيو. کپرو ٽائون ۾ ايڊيشنل جج سانگهڙ عنايت الله ڀول زينب ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ۽ ڪيس جو فيصلو ٻڌائڻ وقت سڀئي مجرم عدالت ۾ موجود هيا جن کي عدالت جي احاطي ۾ گرفتار ڪيو ويو هيو. زينب ڀيو جو تعلق سانگهڙ جي علائقي  کپرو سان آهي. جنهن کي 2010 ۾ مٿي ٻڌايل سزا آيل ملزمن گينگ ريپ جو نشانو بڻايو هيو.