خاصنئون

چين جي اسڪول ۾ ٻارن جو طبي معائنو ڪرڻ لاءِ روبوٽ مقرر

چين جي اسڪولن ۾ ٻارن جو طبي معائنو ڪرڻ لاءِ روبوٽ تيار ڪيو ويو آهي. هن روبوٽ جي خصوصيت اها آهي ته اهو اسڪول جي ٻارن جي هٿن، اکين، منهن ۽ زبان جو معائنو ڪري انهن جي ڪنهن به مرض بابت خبردار ڪري سگهي ٿو. هن روبوٽ کي واڪ ليڪ جو نالو ڏنو ويو آهي. ابتدائي طور تي هي روزانو 200 ٻارن جو صبح جو اسڪول ۾ اچڻ مهل معائنو ڪندو. هن روبوٽ کي ڪارٽون جي شڪل ۾ تيار ڪيو ويو آهي. هي روبوٽ هڪ ڊاڪٽر وانگر معائنو ڪري ٿو، جنهن سان گڏ هڪ نرس به موجود هوندي آهي. ڪنهن ٻار ۾ بيماري جي علامت ظاهر ٿيڻ تي اهو روبوٽ ان بابت نرس کي آگاهه ڪري ٿو. دنيا جي ماهرن هن روبوٽ کي سٺي موٽ ڏني آهي. هن روبوٽ ۾ هڪ ٿرماميٽر ۽ جديد ڪئمرا لڳل آهي جيڪي مرض جي تشخيص ڪري سگهن ٿا. روبوٽ جي قيمت پاڪستاني رپين ۾ 8 کان 10 لک رپين جي برابر آهي ۽ اهو پنهنجي ڊيٽا انٽرنيٽ ذريعي مخصوص ڊاڪٽرن تائين پهچائي سگهي ٿو.