بلاگنئون

خطي ۾ امن ضروري آهي

جيستائين خطو ڪنهن استحڪام جي حامل تائين پهچي، تيستائين اسان اهڙي ڪشمڪش واري صورتحال جو شڪار رهندا اينداسين، معنيٰ جيستائين اهي پاڙيسري خطا ۽ ملڪ ترقي نه ڪندا، تيستائين اسان ٽين دنيا جا ملڪ ائين ئي دشوارين ۾ هونداسين ۽ رهنداسين. اها به حقيقت آهي ته اسان جي پاڙيسري ملڪن يا خطي جي بيهڪ ۾ چين ترقي يافتا ملڪ به آهي، روس اسان جي مدد لاءِ تيار رهندو ٿو اچي، هڪ ڀارت آهي جنهن سان اسان جا تعلقات هميشه ڇڪتاڻ جو شڪار رهيا آهن، پر افغانستان سان اسان هميشه بهتر تعلقات رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ان حقيقت کان نظرون چورائي نٿا سگهون يا جي اک ٻوٽ ڪنداسين ته شيون صحيح ٿي وينديون. ايئن ئي آهي جيئن ڪبوتر سمجهندو آهي ته اکيون ٻوٽڻ سان ٻلي هلي ويندي، قطعن نه، پر خطو پوءِ به مسلسل پريشانيءَ جو شڪار رهندو ايندو. اسان جي ملڪ جا ريگيوليٽر ته مغربي ملڪ ئي آهن، اسان جي شين تي ضابطو ته مغرب جو ئي آهي، پوءِ اهي ايٽمي طاقت جي ڳالھه هجي، يورينيم جي پروليفريشن جي سائنس هجي، فيٽف (فائنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس) جي ڳالھه هجي، امدادن جي ڳالھه هجي، يو اين او وٽ ڪشمير جي ڪيس پيش ڪرڻ جي ڳالھه هجي، ڪشمير ۾ يونائيٽيڊ نيشنز جي ريفرينڊم جي ڳالھه هجي، آءِ ايم ايف جي ڳالھه هجي، يو ايس ايڊ جي تعليمي منصوبن جي ڳالھه هجي، يونيسيف جي تعليمي منصوبن جي ڳالھه هجي، ڊبليو ايڇ او جي صحت جي لاءِ اپائن جي پريشرن جي ڳالھه هجي، ڪووڊ جي ڳالھه هجي يا ويڪسينيشن وغيره جي ڳالھه هجي، پوءِ اهي سڀ ڪنٽرول ۽ ممڪنه ضابطا ڪنهن جي هٿ وس ناهن، سواءِ يورپ جي. عرب ملڪن جا اختيار ۽ ايشيائي ملڪن جا ضابطا اسان جي مُٺ ۾ ناهن ته پوءِ اسان جا اهي ضابطا ڪير طئي ڪندو، ڪنهن جي آسري آهيون جو اسان جي حال تي رحم ڪندو؟ يا اسان جي شاندار ماضي کي ڏسي شرمندا ٿيندا، اسان جي مستقبل جو احساس ڪندا، جو افغانستان جي حالتن جي ڪري اسان جي نسلن جي تعليم، تربيت، معاشي حالتون، معاشرتي بيهڪون سڀ صحيح ٿي وينديون يا اسان کي مڃڻ وارا مغربي ملڪ چوندا ته هاڻي افغانستان ۽ پاڪستان صحيح ٿا ڪن، سڀ ممڪن ڪري ويا آهن يا آخر معيار ڪهڙو آهي، جنهن تي جي پورو لهون ته مغربي دنيا مڃيندي (ڇو ته انهن جي قبضي ۾ اسان جي هر شيءِ آهي) پوءِ اهي ڪڏهن اسان جي شين جي پيماني کي انصاف جي نظر سان ڏسندا يا انهن ملڪن کي اسان تي رحم ڪڏهن ايندو، آخر ڪڏهن ۽ ڪهڙي صورت ۾ ايندو؟

سمجهي سگهون ٿا ته جيستائين اسان مسلمان آهيون تيستائين اسان شدت پسند آهيون، دهشت پسند آهيون، جهادي تنظيمون پاليون ٿا، اسان جي ڪري مغرب جي ذهنن ۾ اسلامو فوبيا رهندي ايندي ته مسلمان دهشتگرد آهن ۽ هر ان قوم جا دشمن آهن جيڪي ٻئي ڪنهن مذهب کي مڃن ٿا، جيڪو هڪ دوکو آهي، هڪ فريب آهي ۽ مسلمانن سان خدا ڪارڻ جي دشمني آهي ته پوءِ جيڪي دنيا جي ٿنڪ ٽئنڪ آهن، جيڪي اهو به سمجھن ٿا ته مسلمان هنن جي لاءِ خطري جي گهنٽي آهن ته پوءِ اهي به غلط ناهن، پر وچٿري پاليسي ڪير آڻيندو؟ آمريڪا جي سڄي عمر يا تا قيامت اهڙي پاليسي کڻي هلي جنهن ۾ هي رڳو مسلمانن جي گروهن تي تهمتون هڻي انهن کي تباھ ڪندي رهندي، جنهن جي نشاني تي جي طالبان آهن يا طالبان سي آءِ اي جي اشاري تي اندروني پاليسي هلي ٻي ۽ ٽين دنيا جي ماڻهن کي بيوقوف ڪندا رهن ٿا ته انهن جي اهڙي چال کي ڪير پڄندو؟ اهو ڪيئن چئون ته هاڻي روس جي انٽيليجنس سروسز (ايس وي آر يا ڪي جي بي) انهن طالبان جي پٺڀرائي ٿي ڪري، قطعن ائين ناهي. ڇو ته 1952، 1967، 1980، 2001 ۽ هاڻي طالبان جي پٺڀرائي ڪري سي آءِ اي مسلسل پوسٽ سرد جنگين جي پٺڀرائي ڪري رهي آهي. خطي ۾ استحڪام روس ۽ چائنا جي خواهش ضرور آهي، پر آمريڪي ان ڳالھه جي حق ۾ ناهي ته چين هاڻي ”ون روڊ ون بيلٽ“ وانگي ايشيائي ملڪن سان ڳنڍيل رهي يا وري ”سلڪ روٽ“ ذريعي 36 ملڪن سان روڊ رستي واپار هلائي، ان ڪري ”سي آءِ اي“ ئي هن خطي ۾ افغان طالبان جي ڪلهي تي بندوق رکي ٿو هلائي ته هٿيارن جي ڊوڙ هلندي رهي.

پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف افيئرس گذريل سال جولاءِ جي آخري هفتي ۾ هڪ ويبنار سڏرايو هو جنهن ۾ ”اناٽول ليون“ جيڪو ”ڪئينسي انسٽيٽيوٽ فار ريسپانسيبل اسٽيٽ ڪرافٽ“ واشنگٽن ۾ هڪ سينيئر ريسرچر آهي. هي 1980 ۾ مجاهدين سان صحافي جي طور تي ڪم به ڪري چڪو آهي، ان کانپوءِ هي افغانستان جي مسلسل وزٽ به ڪندو رهيو آهي، هي افعانستان جي حالتن ۽ واقعن جو اکين ڏٺو شاهد به آهي، هن جي آڏو اهي سڀ سي آءِ اي جون ڪاروايون به ٿينديون رهيون آهن. هن جي اکين جي آڏو اهي ڪميونسٽ پارٽي، ڪڏهن طالبان نظريي جون حڪومتون، ڪڏهن آءِ ايس آءِ جي هٿان طالبان جي گھڙت ۽ سي آءِ اي جون امدادون به پڳيون آهن، هن جي آڏو اهي افغانستان جون حالتون گذريل 35 سالن کان هلنديون ٿيون اچن. معنيٰ ايترين ڪوششن جي باوجود به روس جي مداخلت يا امداد جي باوجود، آءِ ايس آءِ جي همت ۽ مسلسل اچ وڃ جي باوجود به جيڪي اتي 30 سال هڻي ويا ته به ڪجھه نه ٿيو. انهن جي ڀرپور ڪوشش هئي ته اهي افغانستان جون حالتون بهتر ڪن، نئين افغانستان جو بنياد رکن، انهن جي ڪوشش ۾ اهو به هو ته هتان جو 18 ڪروڙ آبادي وارو ملڪ تعليم، ترقي، معاشي طور تي پاڻڀرو ٿئي. معاشرتي ليول ۾ هنن جي پٺ ڀرائي ڪن، ماڻهن (طالبان) جي زندگي ”اپ لفٽ“ ڪن، ترقي جا ڄار وڇائين، ماڻهن ۾ شعور بيدار ڪن، ماڻهن ۾ علم جي روشني بيدار ڪن، پر حقيقت ۾ افغان باشندا پاڻ ئي نٿا چاهين ته انهن جي ڪا ڀلائي ٿئي، انهن جي ڪا ترقي ٿئي. ڀلا جي روس جي ٽٽڻ کانپوءِ ڪو ته نسل بيدار ٿيو هوندو، ماڻهن ۾ شعور وڌيو هوندو، ماڻهن ۾ اسلامائيزيشن ڀلي وڌي، پر شدت ته گھٽي هوندي. ماڻهن ۾ مغرب جي لاءِ نفرت گھٽجي وئي هوندي.

پر طالبان جو اهو نسل آهي، جيڪو آمريڪي پاليسين کان انڪاري هجي به، پر هنن کي ڊالري امداد ڀلي ٿي لڳي. هي سڀ جا سڀ سي آءِ اي جي اشاري تي آهن، هڪ مخصوص طبقو آهي جيڪو هٿيارن جي راند رچائڻ ۾ خوش آهي، انهن جي نظريي ۾ ويڙهاند ئي آخري حل آهي، پر ڪيستائين؟ هو عام ماڻهن جي حق ۾ ناهن يا عام افغاني هنن جي حق ۾ ناهي يا ڪير چاهي ٿو ۽ ڪير نٿو چاهي، اسلام ڪهڙو آهي، جيڪو انهن افغانين کي نٿو وڻي، جيڪي پاڪستان ۾ مدرسا به هلائين ٿا، پاڪستان ۾ ملائيت به ڦهلائن ٿا، جيڪي 8 لک افغاني طالبان ڀڄي اچي پاڪستان جي بارڊر تي پهتا آهن، اهي افغان نسل ناهن يا جيڪي اسمگلنگ جي بهاني، هٿيارن جي راند رچائي اسان جا بارڊر اڪري اچڻ ۾ آتا آهن، انهن جو دين ٻيو آهي. ڇو ته ايران جي انقلاب وانگي هن جي انقلاب جو جز ڪهڙو هو، جيڪو اسلامائيزڊ انقلاب پاڪستانين کي نٿو وڻي، جيڪو هر انهيءَ افغاني کي نٿو وڻي جيڪو هتي اچي پاڪستاني ٿيڻ لاءِ تيار آهي. يا ساڳيو افغاني جرمني وڃي اتان جي 2400 ويزائن ۾ خوش آهي، پاڙيسري سڀني ملڪن ۾ ڀڄي وڃڻ ۾ خوش آهي. ائين به آهي ته اهي افغاني سي آءِ اي کي پاڻ ميدان مهيا ٿي ڪري ته اهي آمريڪي ڪالوني ٺاهي وجھن يا سڀاڻي اهي ائين ”سي آءِ اي“ کي دعوت ڏين جيئن هاڻي آمريڪا ترڪي کي دعوت ٿو ڏئي ته اهي ڪابل جي ايئرپورٽ کي قبضي ۾ وٺن ته جيئن آمريڪا کي ڪا تڪليف نه پهچي ته اهي سڀاڻي خطي ۾ پنهنجا هٿيار آسانيءَ سان پڄائي سگهن. ڇو ته روايتي طور تي آمريڪا ٻئي پاسا ٿو وهي ته جيئن افغان طالبان کي نالي ماتر قبضا به ڏين، غير طالبان ۽ پُرو افغان ۾ به فرق ڪري سگهن، ۽ آمريڪي پنهنجا مقصد خطي ۾ پورا ڪندو رهي. ڇو ته 197 افغاني ضلعن ۾ آمريڪا به طالبان کي ڏسڻ نٿو چاهي، وري ترڪي جي مدد سان ايئر اسٽرائيڪ به ڪري سگهي ٿو، حالانڪه ترڪي پُرو رشين آهي ۽ آمريڪا جي ڪنهن به اتحاد ۾ ناهي، اها به حقيقت آهي ته افغانستان ۾ رڳو افغان طالبان ۽ پُرو طالبان کانسواءِ به ٻيا مذهبي، ڪميونسٽ گروهه ۽ پُرو رَشين گروھ به آهن، جن جي پالنا ڪري سي آءِ اي وري افغانستان ۾ پير پختا ڪري سگهي ٿي، ڇو ته انهن جي مدد ڪري پُرو طالبان جي سياست اڀاري، ڪمزور ئي سهي، پر سياسي اونچ نيچ ڪري سگهي ٿو. ڇو ته اتي موجود هزارا، پنجشير طالبان جي قبضي ڪڏهن به نه ايندا، ان ڪري وري اهڙين گروهن ۽ صوبن جي مدد ڪري سي آءِ اي جي پوسٽ سرد جنگ رهندي ايندي، ڇو ته سڄو افغانستان طالبان جي حوالي ڪري به افغانستان کي بين الاقوامي سپورٽ ملي نه سگهي، ان ڪري مليل جليل رجحان سان افغانستان ائين ئي هلندو رهندو.