مشهور فلسفي خليل جبران جو چوڻ آهي ته ‘چڱي گفتگو دماغن جو هڪ ميل آهي’ سندس وڌيڪ چوڻ آهي ته “گفتگو هڪ اهڙو تجربو آهي جتي ٻنهي طرفن وچ ۾ هڪ گهرو تعلق جڙندو آهي.” مطلب ته گفتگو صرف ڳالهائڻ جو عمل ناهي، پر اهو ٻئي ماڻهو سان رابطي، سمجھه ۽ ٻڌڻ جو هڪ اهم حصو آهي. چوندا آهن ته “هڪ سٺو ٻڌندڙ ئي هڪ سٺو ڳالهائيندڙ هوندو آهي” بدقسمتي سان اسان مان اڪثر ماڻهو ٻڌڻ بجاءِ پنهنجي ڳالهائڻ جو انتظار ڪندا آهن. گفتگو هڪ عمل آهي جنهن ۾ سوچن، خيالن، جذبات يا معلومات جي هڪ ٻئي سان زباني يا تحرير حالت ۾ مٽاسٽا ٿيندي آهي. گفتگو عام طور تي گهٽ ۾ گهٽ ٻن شرڪت ڪندڙن کي ملوث ڪري ٿي، جيڪي ڳالهائيندا ۽ هڪ ٻئي کي ٻڌندا آهن. گفتگو رسمي يا غير رسمي ٿي سگهي ٿي ۽ اها مختلف موقعن تي ٿيندي آهي. جهڙوڪ: دوستن، رشتيدار، غير رشتيدارن، واقف، اڻواقفن سان رسمي توڙي غير رسمي ڳالهين کان وٺي ڪاروباري گڏجاڻين تائين، هڪ عام ماڻهو کان خاص يا هڪ خاص کان عام ماڻهو تائين ٿيندي رهندي آهي. چوندا آهن ته گفتگو سان ئي ماڻهو جي پهچان ٿيندي آهي. اڄ به دنيا جي مهذب ملڪن ۾ اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين ۽ مذهبي جاين تي سٺي گفتگو جو هنر سکڻ لاءِ خاص ڪلاسز هلائڻ جو بندوبست ڪيو ويندو آهي. ايتري قدر جو عام ماڻهن جي بهتر گفتگو جي هنر بابت سيمينار ڪرايا ويندا آهن، جنهن جو اثر مهذب قومن جي رهڻي ڪهڻي مان صاف ظاهر نظر ايندو آهي. هڪ سٺي گفتگو ۾ ڪيترائي اهم عنصر شامل آهن جيئن ڌيان سان ٻڌڻ، ٻئي جي نقطهءِ نظر کي سمجهڻ ۽ سوچي سمجهي جواب ڏيڻ، وضاحت سان خيالن کي صاف ۽ مختصر انداز ۾ بيان ڪرڻ ته جيئن پيغام آساني سان سمجهيو وڃي. احترام، مهذب، فڪرمند ۽ ٻين جي راين جو قدر ڪرڻ، جيتوڻيڪ اهي توهان جي خيالن کان مختلف هجن، سوال ڪرڻ، بصيرت ڏيڻ ۽ ڳالھه ٻولھه ۾ فعال طور تي حصو وٺڻ، انداز بيان يا لهجي ۾ سٺن لفظن جو استعمال ڪرڻ ته جيئن جذبات ۽ احساسات جو اظهار ٿئي.
جيتوڻيڪ گفتگو هڪ متحرڪ ۽ مشغول رابطي جو طريقو آهي جيڪو ڳنڍڻ، سمجهڻ ۽ معلومات جي مٽاسٽا لاءِ اهميت رکي ٿي. سٺي گفتگو شخصي تعلقات، سکيا ۽ پروفيشنل ماحول ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي ۽ اها شخص ۾ سمجھڻ ۽ ٻڌڻ جي صلاحيت پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي آهي. گفتگو جو هڪ چڱو هنر اهو آهي ته ٻڌندڙ ڪڏهن ڪڏهن ڳالهائيندڙ بڻجي وڃي ۽ ڪڏهن ڪڏهن وري ڳالهائيندڙ مان سٺو ٻڌندڙ بڻجي وڃي. هڪ فرانسيسي فلسفي ميشل ڊي مانٽيني چيو آهي ته “هڪ متوازن گفتگو ۾ ٻئي ماڻهو هڪٻئي سان ڳالهائي رهيا هوندا آهن ۽ ان ۾ ٻنهي طرفن جو احترام ظاهر ٿيندو آهي.” انهيءَ اقتباس مان خبر پوي ٿي ته گفتگو سان مختلف پهلوئن کي بيان ڪرڻ، ٻڌڻ، شيئرنگ، سمجھڻ ۽ خيالن جي اندروني توڙي باهمي مٽاسٽا ٿئي ٿي ۽ هڪ ٻئي سان ڳنڍڻ ۾ زنجير جيئن ڪم ڏئي ٿي، پر افسوس اسان کي رسمي، غير رسمي، ڪاروباري يا سوشل ميڊيا ذريعي جيڪا گفتگو ڪئي وڃي ٿي انهيءَ ۾ گهڻائي، بي حيائي ۽ واحيات پڻي جو درس ڏيندڙ ملي ٿي. سوشل ميڊيا جيڪا اسان جي نسلن کي گارين کان ڀونڊا ڏيڻ ۽ وٺڻ جو هنر ڏاڍي ايمانداري سان سيکارڻ ۾ بهرو وٺي رهي آهي، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو هڪ سٺي گفتگو ڪندڙ يا سٺو نياپو ڏيندڙ ماڻهو جا چاهيندڙ (فالوئرز) ٿورائي ۾ ۽ بيهودا ريلس (Reels) ٺاهيندڙن جا لکن ۾ فالوئرز ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هاڻي ته پوڊڪاست ذريعي اهڙن بيهوده ماڻهن جا انٽرويو وٺي رکيا وڃن ٿا جن کي شايد ڏاڍي چاھ سان ٻڌو ۽ ڏٺو وڃي ٿو جنهن ۾ اڪثريت ننڍي کنڊ جي ماڻهن جي اچي وڃي ٿي جنهن جو اثر اسان جي نوجوان نسل تي خاصو نظر اچي ٿو، پر اسان کي دنيا جي ٻين هنرن جي سکڻ سان گڏ هن وقت سٺي گفتگو جي هنر جي سخت ضرورت آهي.
اسلام ۾ صفائي سان گڏ اخلاقيات ۽ معاملات تي تمام گهڻي تاڪيد ڪئي وئي آهي. اسان کي ان طرف سڌريل ملڪن جيان ڌيان ڏيڻ گهرجي. گفتگو جي هنر کي سکڻ ۽ سيکارڻ لاءِ اپاءُ ورتا وڃن، جن ماڻهن کي خبر آهي ته لفظن جي پويان جذبات شامل هوندي آهي، جنهن کي سمجهڻ جي ضرورت پوندي آهي. سٺي گفتگو همدردي، تعلق ۽ اعتماد قائم ڪرڻ لاءِ ضروري آهي. ان ذريعي ئي احساسن جو قدر ظاهر ٿيندو آهي ۽ ماڻهن وچ ۾ روحاني ميلاپ ٿيندو آهي. اسان کي اسان جي بهبود کي ٻين هنرن سان گڏ هاڻي سٺي گفتگو جو هنر سکڻ پڻ ضروري ٿي چڪو آهي. اسان جي تعليميدانن، سياستدانن، استادن، اديبن، دانشورن، شاعرن، عام ماڻهن، توڙي ادارن ۾ موجود سڀني ماڻهن کي ان جي بهتري لاءِ بهرو وٺڻ گهرجي. حڪومت، انتظامي ادارن طرفان سٺي گفتگو جي هنر کي سکڻ ۽ سيکارڻ جي لاءِ خاص اپاءُ وٺڻ گهرجن ته جيئن اسان ۽ اسان جو ايندڙ نسل بهترين گفتگو ڪرڻ جو هنر سکي سگهي.