مشهور فلسفي خليل جبران جو چوڻ آهي ته ‘چڱي گفتگو دماغن جو هڪ ميل آهي’ سندس وڌيڪ چوڻ آهي ته “گفتگو هڪ اهڙو تجربو آهي جتي ٻنهي طرفن وچ ۾ هڪ گهرو تعلق جڙندو آهي.” مطلب ته گفتگو صرف ڳالهائڻ جو عمل ناهي، پر اهو ٻئي ماڻهو سان رابطي، سمجھه ۽ ٻڌڻ جو هڪ اهم حصو آهي. چوندا آهن ته “هڪ سٺو ٻڌندڙ ئي هڪ سٺو ڳالهائيندڙ هوندو آهي” بدقسمتي سان اسان مان اڪثر ماڻهو ٻڌڻ بجاءِ پنهنجي ڳالهائڻ جو انتظار ڪندا آهن. گفتگو هڪ عمل آهي جنهن ۾ سوچن، خيالن، جذبات يا معلومات جي هڪ ٻئي سان زباني يا تحرير حالت ۾ مٽاسٽا ٿيندي آهي. گفتگو عام طور تي گهٽ ۾ گهٽ ٻن شرڪت ڪندڙن کي ملوث ڪري ٿي، جيڪي ڳالهائيندا ۽ هڪ ٻئي کي ٻڌندا آهن. گفتگو رسمي يا غير رسمي ٿي سگهي ٿي ۽ اها مختلف موقعن تي ٿيندي آهي. جهڙوڪ: دوستن، رشتيدار، غير رشتيدارن، واقف، اڻواقفن سان رسمي توڙي غير رسمي ڳالهين کان وٺي ڪاروباري گڏجاڻين تائين، هڪ عام ماڻهو کان خاص يا هڪ خاص کان عام ماڻهو تائين ٿيندي رهندي آهي. چوندا آهن ته گفتگو سان ئي ماڻهو جي پهچان ٿيندي آهي. اڄ به دنيا جي مهذب ملڪن ۾ اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين ۽ مذهبي جاين تي سٺي گفتگو جو هنر سکڻ لاءِ خاص ڪلاسز هلائڻ جو بندوبست ڪيو ويندو آهي. ايتري قدر جو عام ماڻهن جي بهتر گفتگو جي هنر بابت سيمينار ڪرايا ويندا آهن، جنهن جو اثر مهذب قومن جي رهڻي ڪهڻي مان صاف ظاهر نظر ايندو آهي. هڪ سٺي گفتگو ۾ ڪيترائي اهم عنصر شامل آهن جيئن ڌيان سان ٻڌڻ، ٻئي جي نقطهءِ نظر کي سمجهڻ ۽ سوچي سمجهي جواب ڏيڻ، وضاحت سان خيالن کي صاف ۽ مختصر انداز ۾ بيان ڪرڻ ته جيئن پيغام آساني سان سمجهيو وڃي. احترام، مهذب، فڪرمند ۽ ٻين جي راين جو قدر ڪرڻ، جيتوڻيڪ اهي توهان جي خيالن کان مختلف هجن، سوال ڪرڻ، بصيرت ڏيڻ ۽ ڳالھه ٻولھه ۾ فعال طور تي حصو وٺڻ، انداز بيان يا لهجي ۾ سٺن لفظن جو استعمال ڪرڻ ته جيئن جذبات ۽ احساسات جو اظهار ٿئي.