بلاگنئون

سنڌوءَ جا قديم وهڪرا ۽ ايڪو سسٽم کي بچائڻ جي ضرورت

قديم زماني ۾ جڏهن اسان سپت سنڌو (ستن دريائن جي سر زمين) هئاسين ته اسان جا مڙئي شهر خوش ۽ خرم هئا. شهر قديم توڙي جديد، پر پاڻيءَ جي اڳوڻن ٺاهيل نظامن تي هلندا رهن ٿا. اها حقيقت هاڻي وڌيڪ واضح ٿي چڪي آهي، ڇاڪاڻ ته انسان جو سڌو سنئون انحصار پاڻيءَ جي مسلسل وهڪري تي آهي، پر قديم زمانن ۾ پاڻيءَ کي آبي ذخيرن مان پاڻي ڪڍڻ نه رڳو مشڪل، پر خطرناڪ به هوندو هو ۽ هاڻي درياءَ جي پاڻيءَ تي بند (ڊيم) ٻَڌي دريائي پاڻيءَ جي زور کي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو يا گهربل بئراجن وٽ روڪي ڪئنالن جي صورت ورهائي ونڊي دريائي پاڻيءَ کي نعمت بڻائي سگهجي ٿو ۽ انصاف جون تقاضائون اهي آهن ته زرعي زمين کي بنجر نه ڪجي ۽ بنجر زمين کي زرخيز نه ڪجي ان ڪري ته هڪ کان زندگي کسي ٻين کي ڏيئي نٿي سگهجي. اسان وٽ ڪيترن ئي پراڻن شهرن، ڳوٺن ۽ انساني آبادين ۾ دريائن جا نالا مختلف آهن. پاڻي زندگيءَ لاءِ اهم آهي، رگ ويد (X.29.3) ۾ دنيا جي زندگي ۽ انحصار کي پاڻي جو هجڻ تي بيان ڪيو ويو آهي، اصل ۾ پاڻي بغير روشني (سليلم اپراڪيتم) ويدڪ (سنسڪرت) ۾ Aap، Avestan  ٻولي ۾ Aaps ۽ وچين فارسي ۾ Aab جو مطلب پاڻي آهي. پنجاب جي جديد نالي ۾ “آب” به ساڳي معنيٰ رکي ٿو. مذهبي ڪتاب چون ٿا ته شروع ۾ خدا آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو، زمين بيڪار ۽ خالي ھئي، اونداھين جي مٿاڇري تي ھئي ۽ خدا جو روح پاڻيءَ جي مٿان ھو. خدا جي موجودگي پاڻيءَ جي مٿان حرڪت ڪندي انهن کي زندگي پيدا ڪرڻ ۽ برقرار رکڻ جي طاقت ڏني. رگ ويد ۾ پاڻي روشنيءَ کانسواءِ بائيبل جي خدا جي روح تي هلندڙ آهي.

پهريون يوناني فيلسوف ٿيلس چوي ٿو ته زندگي پاڻيءَ مان پيدا ٿي آهي. انڊو، ايراني خاندانن جون ٻوليون اَپ ۽ اَپاس کان علاوه پاڻيءَ لاءِ ٻيو نالو به استعمال ڪن ٿيون. سار ‘سر’ سان ڳنڍي ٿو، جيئن اسان ان کي انگريزي فعل surround ۾ ڳولهيون ٿا. “سرور” ان مان نڪتل آهي، جنهن جو مطلب صاف پاڻي جو جسم، مٺي پاڻيءَ جي ڍنڍ ۽ پاڻيءَ جا ذخيرا آهن جيڪي انسانن جي زندگيءَ جي هجڻ جي علامت آهن. ايراني صوبي مازندران ۾ رامسر نالي هڪ شهر آهي، جنهن کي ماضيءَ ۾ “سختسر” سڏيو ويندو هو، انهن جي ٻنهي نالن ۾ پراڻي ۽ نئين سار آهي. ياد رهي ته هي شهر ڪئسپين سمنڊ جي ڪناري تي آهي. ڍنڍ مانسروور هڪ مقدس اوچائي تي تازي پاڻيءَ جي ڍنڍ آهي، جيڪا تبت ۾ ڪيلاش جبل جي گليشيئرز سان ڀرجي ٿي ۽ هيٺ وهي ٿي هلي. ڪيلاش جبل ۽ مانسروور ڍنڍ مان چار نديون نڪرنديون آهن: ستلج، سنڌو، برهم پترا ۽ ڪرنالي. اسان وٽ 13,691 فوٽ جي اوچائي تي برف سان ڍڪيل بابوسر لَڪُ به آهي. اولھه پنجاب ۾ اسان وٽ نسبتن نئون شهر سرگوڌا آهي (گوڌا جو پاڻي معنيٰ تلاءُ) پنجاب جي ڏکڻ ۾ سخي سرور نالي هڪ مقدس درگاھ آهي، جتي ورهاڱي کان اڳ سخي سرور جو وڏو ميلو لڳندو هو. “سنگ” ساٿي مسافرن (زائرين) جو هڪ ميڙ، قافلو جيڪو پيدل ڏورانهن شهرن جهڙوڪ: گورداسپور کان سوين ميل سفر ڪري مزارن تي پهچندو هو. رستي ۾ مختلف علائقن جا ماڻهو اچي گڏ ٿيندا هئا ۽ “سنگ” جو آواز بلند ڪندا هئا. اهو مختلف عقيدن جي ماڻهن تي مشتمل هوندو هو، جن ۾ مسلمان، هندو ۽ سک شامل هوندا هئا. ان ڪري هن مزار کي سخي سرور چوندا آهن، جيڪو فارسي لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي سردار، اڳواڻ، پالڻهار. پوءِ هلندي هلندي ان کي اسلامي رنگ ڏنو ويو، جڏهن ته اهو اصل ۾ سخي سرور ئي آهي. سرور معنيٰ پاڻي يا ڍنڍ، ٻنهي جي تلفظ ۾ گهڻو فرق نه آهي، پر ماڻهن کي يقين ڏياريو وڃي ٿو ته اهو فارسي لفظ آهي. توڻي جو تاريخ کي مٽائڻ ۽ مسخ ڪرڻ اسان جو پسنديده قومي شوق ۽ مشغلو پڻ آهي. هيءُ هڪ قديم مقدس ماڳ آهي، جيڪو هن نديءَ جي ڪناري تي واقع آهي، جيڪو سليمان جبل جي ٽڪرين ۾ آباد آهي ۽ علائقي ۾ مسلمانن جي حڪومت کان اڳ جو آهي. عربن ۽ ترڪن جي فتح کانپوءِ لفظ “سرور” بي معنيٰ طور تي “سرور” ۾ تبديل ٿي ويو. اهو فاتح يا ته فتح ڪيل هنڌ ماڻهن جي پراڻين مقدس ماڳن کي ڊاهي انهن جو نالو تبديل ڪري رکيو ويو.

لاهور جي عظيم باغي بزرگ شاھ حسين پنهنجي ڪلام ۾ هي لفظ ڪيئن استعمال ڪيو آهي. ‘ڌن پُراني ڪُتيان لکڪي آسن سرور رڻان ڌوتاسي’، (هن سٽ جي معنيٰ آهي ته ڪُتن چٽيو آهي پراڻو بدبودار تلاءُ جڏهن ته اسان مٺي پاڻيءَ سان ڌوئي ويا آهيون). سرحد جي پار امرتسر ۾ هرمندر صاحب، سکن جي مقدس عبادت گاهن مان هڪ آهي. اصل ۾ اهو گردوارو هو، جيڪو 1577 ۾ گرو رام داس جي ٺاهيل هڪ انسان جي تلاءُ جي چوڌاري هو. مڪتسر (آزاديءَ جو تلاءُ) اوڀر پنجاب جو هڪ شهر آهي، جتي گرو گوبند سنگھه پنهنجي آخري جنگ 1705 ۾ وڙهي هئي، اهو هڪ خوبصورت سون ساڪيسر علائقو آهي. ضلعي خوشاب ۾ ڪيتريون ئي قديم ڍنڍون آهن، جيڪي “سار” ۽ “آب” (پاڻي) ڏانهن اشارو ڪن ٿيون. چڪوال ضلعي ۾ بالاڪسر ۽ سرل نالي ڳوٺ آهن. هتي “سرسا” نالي هڪ ننڍي ندي آهي، جيڪا هماچل پرديش مان وهي پنجاب ۾ داخل ٿي روپ ننگر ضلعي ۾ ستلج نديءَ سان ملي ٿي. هن نالي مان خود ظاهر آهي ته پنجاب جي ادب ۾ سُر، سُرور، سَرَور لفظ ملن ٿا، جيڪي مختلف شاعرن ۽ اديبن استعمال ڪيا آهن. بابا فريد پهريون ڀيرو هي لفظ پنهنجي هڪ شعر (شلوڪ) ۾ استعمال ڪيو: “فريدا، تو اي سرور ڌنڌ لھي، جتون لڀي وٿ (ڇپر) ڌنڌن ڪي ھوا، چَڪر دُبئي ھِت (اي فريد، مادو حاصل ڪرڻ لاءِ مٺي پاڻيءَ جو وهڪرو ڳولهيو، بدبودار تلاءُ توهان کي ڪچري ۾ غرق هٿن کانسواءِ ڪجھه به نه ملندو).

پاڻي ۽ ان جي ٽرم سان لاڳاپيل ٻيا لفظ به آهن، جن تي اسان جي شهرن ۽ ڳوٺن پنهنجا نالا رکيا آهن. وان (ن اڌ اُچار آهي) جنهن جي معنيٰ آهي قديم کوھ جي ويجهو ڳوٺ. لاهور ملتان هاءِ وي تي پتوڪي کان اڳ هڪ ننڍڙو شهر آهي جنهن کي “وانِ راڌا رام” سڏيو وڃي ٿو، جنهن کي هندو ڌرم کان پاڪ ڪرڻ جي مقصد سان هن کي حبيب آباد ڪيو ويو. پاڻيءَ سان لاڳاپيل ٻيا لفظ به آهن، جهڙوڪ: واهن، واهه، جيڪي اسان جي ڪجھه پراڻن ڳوٺن ۽ شهرن جا نالا ڏين ٿا. واھ جو مطلب آهي وهندڙ پاڻي، هڪ وهڪرو، واٽر چينل وغيره وغيره. نيلا واھ (نيلو يا بِلو تلاءُ) جيڪا هڪ حيرت انگيز ۽ خوبصورت ڍنڍ آهي. “سون سڪيسر” علائقو ڀوت واهن جو قديم شهر رحيم يار خان ضلعي ۾ ڊگھي سڪي درياءَ هاڪڙي جي ڪناري تي واقع آهي. زباني تاريخ دعويٰ ڪري ٿي ته هي شهر مشهور سورمي سسئي جو جنم هنڌ آهي. وقت جي رڻ ۾ گم ٿيل پنجاب جو هڪ ٻيو درياءَ جيڪو قديم مذهبي ادب ۾ سرسوتي جي ديوي جي نالي سان مشهور آهي، جيڪا “سَر” (پاڻي) سان ملي ٿي. دلچسپ ڳالھه اها به آهي ته اهو پنهنجي نالي جو آخري حصو هڪ ٻئي تمام مشهور درياءَ ايراوتي سان گڏ ملي ٿو، جيڪو هاڻي راوي سڏجي ٿو، جيڪو لاهور، هڙپا ۽ ملتان جي لائف لائين رهي آهي. عجيب ڳالھه اها به آهي ته جڏهن آبادي گهٽ هئي ۽ پاڻي گهڻو هو، تڏهن اسان جا ماڻهو پاڻيءَ جي پوڄا به ڪندا هئا. ان کي ضايع ڪرڻ ۽ آلودگي جي عمل کي هڪ سنگين اخلاقي ۽ سماجي جرم قرار ڏنو ويندو هو. هاڻي جڏهن اسان جي آبادي تيزي سان وڌي وئي آهي ۽ پاڻيءَ جا ذريعا ختم ٿي ويا آهن ته اسان ٻي ضرورت پاڻي کي ضايع ۽ آلوده ڪريون ٿا ته جيئن لامحدود استعمال جي سرمائيداراڻي نظريي جي ڪري پيدا ڪيل پنهنجي غير مطمئن خواهشن کي پورو ڪري سگهون.

ڊيلٽا ۾ پاڻيءَ جو ڇوڙ ان ڳالھه جي علامت ضرور آهي ته اسان “ايڪو سسٽم” بحال ڪري پاڻي جي ذخيرن ۾ واڌارو ڪري سگهون، ان ڪري ته ڊيلٽا ۾ ٻيلا ۽ وافر مقدار ۾ درياءَ ۾ پاڻي وهائي اسان بارشن جي آمد ڪري سگهون ٿا جنهن آبي ٿانوَن ۽ ذخيرن ۾ پاڻي جي واڌ ڪري سگهجي ٿي، ان ڪري برفباري سان جبلن تي برف جي واڌ ان ڳالهھ جي علامت آهي ته پاڻي ڳري جڏهن درياءَ جو پيٽ ڀريندو ته پاڻي وري بئراجن وٽ جمع ٿي وري ڪئنالن جي صورت زرخير علائقن کي آباد ڪندو ۽ سيراب ٿيڻ جي صورت اهي علائقا وري سبز ٿي ويندا جيڪا زندگي جي علامت هجي ٿي جنهن سان زندگي وري سائي سبز ٿي ٿي وڃي ۽ ماڻهن ۾ ۽ آبي جيوت ۾ زندگي جي وهڪري کي بحال ڪري ٿي جنهن سان ماحولياتي گدلاڻ ۽ آبادي جي ورڇ تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو جنهن سان جهنگ جر ٻيهر سيراب ڪري سگهجن ٿا جنهن هڪ ايڪو سائيڪل (پاڻي جي ڦيري) کي بحال ڪري سگهجي ان ڪري ان طرح ڊيلٽا ۾ پاڻي ڇڏڻ سان سمنڊ جي کاراڻ به گهٽائي سگهجي ٿي نه ته ٻي صورت ۾ سمنڊ جو پاڻي کارو ٿي ٿو وڃي ۽ سمنڊ پوءِ آباديءَ ۾ ڪاهي ٿو پئي جنهن سان ٺٽي، سجاول ۽ جاتي، بدين جون زمينون ڳهي ٿو وڃي جنهن سان زندگي جا اهڃاڻ ختم ٿي ٿا وڃن ان ڪري ماڻهن جي زندگي سان گڏوگڏ جيڪڏهن آبي جيوت کي جيون دان ڏيڻو آهي ته دريائي پاڻي پڇڙي تائين ڇڏڻو پوندو.