قديم زماني ۾ جڏهن اسان سپت سنڌو (ستن دريائن جي سر زمين) هئاسين ته اسان جا مڙئي شهر خوش ۽ خرم هئا. شهر قديم توڙي جديد، پر پاڻيءَ جي اڳوڻن ٺاهيل نظامن تي هلندا رهن ٿا. اها حقيقت هاڻي وڌيڪ واضح ٿي چڪي آهي، ڇاڪاڻ ته انسان جو سڌو سنئون انحصار پاڻيءَ جي مسلسل وهڪري تي آهي، پر قديم زمانن ۾ پاڻيءَ کي آبي ذخيرن مان پاڻي ڪڍڻ نه رڳو مشڪل، پر خطرناڪ به هوندو هو ۽ هاڻي درياءَ جي پاڻيءَ تي بند (ڊيم) ٻَڌي دريائي پاڻيءَ جي زور کي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو يا گهربل بئراجن وٽ روڪي ڪئنالن جي صورت ورهائي ونڊي دريائي پاڻيءَ کي نعمت بڻائي سگهجي ٿو ۽ انصاف جون تقاضائون اهي آهن ته زرعي زمين کي بنجر نه ڪجي ۽ بنجر زمين کي زرخيز نه ڪجي ان ڪري ته هڪ کان زندگي کسي ٻين کي ڏيئي نٿي سگهجي. اسان وٽ ڪيترن ئي پراڻن شهرن، ڳوٺن ۽ انساني آبادين ۾ دريائن جا نالا مختلف آهن. پاڻي زندگيءَ لاءِ اهم آهي، رگ ويد (X.29.3) ۾ دنيا جي زندگي ۽ انحصار کي پاڻي جو هجڻ تي بيان ڪيو ويو آهي، اصل ۾ پاڻي بغير روشني (سليلم اپراڪيتم) ويدڪ (سنسڪرت) ۾ Aap، Avestan ٻولي ۾ Aaps ۽ وچين فارسي ۾ Aab جو مطلب پاڻي آهي. پنجاب جي جديد نالي ۾ “آب” به ساڳي معنيٰ رکي ٿو. مذهبي ڪتاب چون ٿا ته شروع ۾ خدا آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو، زمين بيڪار ۽ خالي ھئي، اونداھين جي مٿاڇري تي ھئي ۽ خدا جو روح پاڻيءَ جي مٿان ھو. خدا جي موجودگي پاڻيءَ جي مٿان حرڪت ڪندي انهن کي زندگي پيدا ڪرڻ ۽ برقرار رکڻ جي طاقت ڏني. رگ ويد ۾ پاڻي روشنيءَ کانسواءِ بائيبل جي خدا جي روح تي هلندڙ آهي.