نئونناول

سمرقند (قسط ٽيتاليهين)

ترجمو: زاهده ابڙو

ننڍي عمر جو نابالغ بادشاهه عوام جي سامهون ڏاڍو سٺو لڳندو هو- شاندار نظر ايندو هو، نه گهڻو مرڪندو هو ۽ ڳورن ڳورن هٿن کي لوڏي رعايا کي سلام جو جواب ڏيندو هو- ان هوندي به، محل ڏانهن واپسي وقت هو پنهنجن ساٿين کي ڳڻتيءَ ۾ وجهي ڇڏيندو هو- هو تمام وحشياڻي انداز ۾ پنهنجي ماءُ پيءُ کان جدا ڪرڻ تي ڳوڙها ڳاڙڻ تي مجبور هو- هن ته انهن گرمين ۾ پنهنجي ماءُ پيءُ ڏانهن ڀڄي وڃڻ جي ڪوشش به ڪئي هئي- جڏهن پڪڙيو ويو ته محل جي ڇت سان رسي ٻڌي ڳچيءَ ۾ ڦندو لڳائي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي، پر جڏهن ساهه گهٽجڻ لڳس ته حواس خطا ٿي ويس ۽ پوءِ مدد لاءِ واويلا ڪرڻ لڳو ۽ بلڪل ان وقت تي کيس بچايو ويو- پر مٿس ان حادثي جو خوشگوار اثر ٿيو- هاڻي هو پنهنجي ڏک ۽ ڳڻتيءَ مان چاڪ ۽ چڱو ڀلو ٿي نڪري چڪو هو ۽ “دستوري” ملڪ جي حيثيت ۾ ڏاڍي وقار ۽ سهڻي طريقي سان پنهنجو ڪردار نڀائڻ وارو هو-

پر اصلي طاقت فاضل ۽ سندس ساٿين وٽ هئي- انهن پنهنجي نئين دور جو آغاز ڏاڍو ڏسي وائسي ڪيو: پراڻي حڪومت جي ڇهن حمايتين جي سسي ڌڙ کان ڌار ڪئي وئي جن ۾ تبريز جا ٻه انتهائي اهم مذهبي رهنما به شامل هئا، اهي ئي جن “ابناءِ آدم” جي خلاف جدوجهد جي اڳواڻي ڪئي هئي، ۽ شيخ فضل الله نوري به انهن ۾ شامل هو آخري ماڻهو جنهن جو هتي ذڪر ٿيو آهي ان مٿان گذريل سال انقلاب جي جوش ۾ ايندڙ ماڻهن جي قتل جو فتويٰ جاري ڪرڻ جو الزام هو؛ مٿس قتل ۾ ساز باز ڪرڻ جو ڏوهه قائم ٿيو ۽ کيس سزا ڏني وئي- شيعه مذهبي اڪابرن جي جماعت سندس موت جي پرواني جي تصديق ڪري ڇڏي- ان هوندي به ان ۾ ڪو شڪ نه هو ته سندس سزا جي حيثيت علامتي هئي: نوري اها فتويٰ ڏيڻ جو ذميوار هو ته “دستور” بدعت آهي کيس “توپ خانه چوڪ” جي وچ ۾ بيهاري خلق جي سامهون 31 جولاءِ 1909ع تي ڦاسي ڏني وئي- مرڻ کان پهرين هن پنهنجي چپن ۾ ڀڻڪندي چيو: “مان رجعت پسند ناهيان!” ۽ پوءِ پنهنجن حمايتين جي اڳيان جيڪي چوڪ تي وڏي تعداد ۾ موجود هئا، چيو ته “دستور” دين جي خلاف آهي ۽ آخري فيصلو دين جو ئي حق هو-

نون آيل ليڊرن جو پهريون ڪم، هر حال ۾، پارليامان جي جديد تعمير هو: عمارت پنهنجي کنڊرن تي ٻيهر تعمير ٿي ۽ چونڊن جو انتظام ڪيو ويو-

15 نومبر تي نئين شاهه ايران جي تاريخ ۾ ٻي “مجلس” جو افتتاح هنن لفظن سان ڪيو:

خدا جي نالي سان، جنهن اسان کي آزادي عطا ڪئي آهي، ۽ مقدس غائب امام جي برڪت جي صدقي “قومي مجلسِ شوريٰ” جو خوشي ۽ مسرت سان افتتاح ڪيو ٿو وڃي-

اسان جي عقلي صحت ۽ اسان جي سوچ جي ارتقا سبب تبديلين کي اچڻ کان روڪي نٿو سگهجي- ۽ اهو سڀ خوفناڪ ترين آزمائشن کانپوءِ ٿيو آهي، پر سڀني صدين ۾ ايران کي اهو علم رهيو آهي ته بحرانن کي ڪيئن منهن ڏجي ۽ ڪيئن قابو ڪجي ۽ اڄ جي ڏينهن عوام پنهنجي خواهشن کي پورو ٿيندي ڏسي رهيو آهي- اسان کي اهو چوندي خوشي محسوس ٿئي ٿي ته نئين ترقي پسند حڪومت کي عوام جي حمايت حاصل آهي ۽ هيءَ حڪومت امن امان ۽ اعتماد کي ملڪ ۾ واپس ورائڻ ۾ ڪامياب ٿي رهي آهي-

ضروري سڌارن کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ، حڪومت ۽ “پارليامان” جو پهريون فرض آهي ته رياست، خاص طور سندس مالي معاملن کي تهذيب يافته ۽ سڌريل قومن جي قبول ٿيل معيارن مطابق منظم ڪري-

اسان جي خدا کان اها دعا آهي ته قوم جي نمائندن کي هدايت ڏئي، ۽ ايران کي عزت، فخر، خود مختياري ۽ ڀلائي عطا ڪري-

ان ڏينهن تهران جون واڇون خوشيءَ کان ٽڙيل هيون- سڀ ماڻهو روڊن تي ٻاهر نڪري آيا هئا، چوڪن تي ويٺا هئا ۽ اتي ئي اتي شاعري ڪري ماڻهن کي جن جا ڪافيا “دستور،” “جمهوريت” يا “حريت” هئا ٽوڙي مروڙي ٺاهي ٻڌائي رهيا هئا- دڪاندار واٽ ويندڙن کي شربت پياري رهيا هئا مٺايون کارائي رهيا هئا، ۽ ڪيترائي اخبار، جن کي انقلاب کانپوءِ خاموش ڪيو ويو هو، خاص ايڊيشن ڪڍي پنهنجي زنده هجڻ جو اعلان ڪري رهيا هئا-

شام ٿيندي ٿيندي ڦٽاڪا ٻرندا رهيا- “بهارستان جي باغ ۾ ويهڪن جو انتظام ڪيو ويو هو- ڊپلوميٽ دستي جا ماڻهو نئين ڄاول حڪومت جا رڪن، نواب، ديني رهنما ۽ بازاري برادرين جي اڪابرن سان گڏ، مرڪزي جاين تي ويٺا هئا- باسڪر ويل جي دوست جي حيثيت سان مون کي به اڳين سيٽن تي ويهڻ جو حق حاصل هو ۽ منهنجي ڪرسي فاضل جي ڪرسيءَ جي بلڪل پٺيان هئي- ڦٽاڪن جو ٽوڙ ڦوڙ وارو آواز اڀريو آهستي آهستي آسمان چمڪي پيو ۽ ماڻهو مٿو مٿي ڪري آسمان کي ڏسي خوشيءَ مان جهومي بي قابو ٻارن وانگر مسڪرائڻ لڳا- ٻاهر، “ابناءِ آدم” ڪلاڪن تائين بنا ڪنهن وقفي جي هڪ ئي نعرو لڳائي رهيا هئا-

مون کي خبر ناهي ته اهو ڪهڙو گوڙ هو جنهن هاورڊ جي ياد منهنجي دل ۾ تازي ڪري ڇڏي- هو هن جشن ۾ شامل ٿيڻ جو مستحق هو! ٺيڪ انهيءَ لمحي فاضل مون ڏانهن منهن ڪري نهاريو:

“اداس لڳي رهيو آهين-”

“اداس- بلڪل نه! مان ته هميشه لفظ ‘آزادي’ جي گونج، اوڀر جي سر زمين تي ٻڌڻ جو مشتاق رهيو آهيان، پر ڪجهه يادن دکي ڪري ڇڏيو آهي-”

“في الحال انهن کي هڪ پاسي رکي ڇڏ- مرڪ ۽ خوشي ملهائي- خوشيءَ جي انهن آخري لمحن مان مزو وٺ-”

پريشان ڪرڻ جهڙا لفظ هئا جن ان شام جي خوشي ملهائڻ جي سڄي خواهش نپوڙي ڇڏي- ڇا ستن مهينن جي وقفي کانپوءِ فاضل اهو مشڪل مسئلو ٻيهر ڇيڙڻ وارو هو جنهن اسان کي تبريز ۾ هڪٻئي جي خلاف ڪري ڇڏيو هو؟ مون ٻئي ڏينهن وٽس وڃي وضاحت طلب ڪرڻ جو ارادو ڪيو، پر آخر مون ان جي خلاف فيصلو ڪيو- مون سڄو سال ان سان ملڻ کان پرهيز ڪيو-

ڇا سبب هئا؟ منهنجي خيال ۾ جنهن تباهه ڪندڙ مهم مان اڃان هاڻي هاڻي ٻاهر نڪتو هو ۽ جيڪو ڪردار مون تبريز ۾ انجام ڏنو هو ان جي دانشمنديءَ واري تقاضا اها هئي ته ڪجهه شڪ منهنجي دل ۾ چڪ پائي رهيا هئا- منهنجي اوڀر ۾ اچڻ جو مقصد هڪ هٿ سان لکيل قلمي نسخي جي ڳولها هئي- ڇا ان صورت ۾ اهو مناسب هو ته مان هڪ اهڙي جدوجهد ۾ ملوث ٿي وڃان جيڪا منهنجي هئي ئي نه؟ پهرين ڳالهه ته مون کي هاورڊ کي ايران وڃڻ جو مشورو ڏيڻ جو ڪهڙو حق ٿي پهتو؟

فاضل ۽ سندس ساٿين جي چوڻ مطابق باسڪر ويل هڪ شهيد هو؛ منهنجي نظر ۾ هو هڪ مري ويل دوست هو، هڪ دوست جنهن ڌارئين ملڪ ۾ اڻ ڄاتل مقصد لاءِ جان ڏئي ڇڏي، هڪ دوست جنهن جا مائٽ مون کان ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن خط لکي ڏاڍي شائستگيءَ سان پڇڻ وارا آهن ته مون سندن پٽ کي گمراهه ڇو ڪيو هو-

ڇا اهو پڇتاءُ هو جو مون کي هاورڊ بابت محسوس ٿي رهيو هو؟ ايئن چوڻ صحيح ٿيندو ته اهو شرافت جو هڪ خاص احساس هو- مون کي خبر ناهي ته اهو لفظ درست آهي يا نه، پر مان اهو چوڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان ته پنهنجي دوست جي فتح کانپوءِ مون کي تهران ۾ ايئن فخر سان گهمڻ ۽ ماڻهن کي تبريز جي گهيري جي دوران پنهنجي فرض ڪيل دوبدو لڙائي جي تعريف ڪندي ماڻهن کي ٻڌڻ جي ڪا خواهش نه هئي، مون ته بلڪل هڪڙو ننڍڙو ۽ اتفاقي ڪردار ئي سرانجام ڏنو هو- وڌيڪ اهو ته منهنجو هڪ دوست هو جنهن پنهنجي جان ڏئي ڇڏي، منهنجو هم وطن هو ۽ کيس ياد ڪري ان مان ناموس ڪمائڻ جي مون کي ڪابه خواهش نه هئي-

پورو سچ ته اهو آهي ته ماڻهن جي نظرن کان پري ٿيڻ جي شديد خواهش محسوس ٿي رهي هئي، وسري وڃڻ جي، ۽ سياستدانن، “انجمن” جي ميمبرن ۽ “ڊپلوميٽس” سان نه ملڻ جي- هڪ واحد شخص جنهن سان روز ملندو هئس، اهڙو سڪون ملندو هو جو ختم ئي نه ٿيندو هو، شيرين هئي مون کيس ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان سندس خاندان جون ڪيتريون ئي رهائش جون جايون هيون انهن مان هڪ ۾، جيڪا زرقندا جي مٿئين حصي ۾ واقع هئي رهڻ تي قائل ڪري ورتو هو- اها گاديءَ واري هنڌ کان ٻاهر هڪ جاءِ هئي جتي ماڻهو موڪلون گهارڻ ايندا هئا- مون پنهنجي لاءِ ان جي ويجهو ئي هڪ ننڍڙو گهر مسواڙ تي ورتو هو، پر اهو صرف ڏيکارڻ لاءِ هو ڇو ته منهنجا ڏينهن ۽ راتيون شيرين سان اتي ئي گذرندا هئا، ان لڪيل معلومات ۾ سندس ملازم به ڀاڱي ڀائيوار هئا-

سياري جي مند ۾ اسان هفتن جا هفتا سندس ڪشادي سمهڻ واري ڪمري مان نڪرڻ کان بنا گذاريندا هئاسين- هڪ وڏي شاندار پتل جي سگري اسان کي گرمائش پهچائيندي هئي، اسان، اهو قلمي نسخو ۽ ڪجهه ٻيا ڪتاب پڙهندي، ڪلاڪن جا ڪلاڪ بس ليٽي حقو پيئندي، شيراز جي شراب پيئندي ۽ ڪڏهن ڪڏهن شيمپين، ڪرمان جا پستا چٻاڙيندي ۽ اصفهاني بادام کائيندي گذاريندا هئاسين؛ منهنجي شهزادي هڪ ئي وقت ۾ معظم عورت ۽ ننڍڙي ٻارڙي بنجڻ جي صلاحيت رکندي هئي ۽ اسان سڄو وقت هڪٻئي سان ڏاڍي نرمي ۽ گدازيءَ سان محسوس ڪندي گذاريو-

گرمين جي اچڻ تي، زرقندا ۾ ساهه پوڻ لڳو- هتي پرڏيهين ۽ امير ايرانين جا وڏا وڏا عاليشان بنگلا هئا ۽ هو هتان جي فرحت ڏيڻ واري ماحول ۾ ڊگهي عرصي تائين رهڻ ايندا هئا- ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته تهران جي ان جنت سان صرف ايتري ئي ويجهڙائي هئي، جنهن سبب ڪيترن ئي  سفيرن جي لاءِ ان جي بي ڪيفي واري موسم کي قابل برداشت بڻائي ڇڏيو هو- ان هوندي به سردين ۾ هي هڪ ويران جاءِ بڻجي ٿي ويو، ۽ ان ۾ ڪجهه مالهي، ڪجهه چوڪيدار ۽ مقامي آباديءَ جا ڪجهه ناياب رهجي ويل ماڻهو باقي وڃي ٿي بچيا- شيرين ۽ مون کي اهڙي ئي ويراني جي تمام گهڻي ضرورت هئي- تڏهن به اپريل کانپوءِ اچڻ وارن پنهنجي گرمين وارين رهائشگاهن ۾ رهائش اختيار ڪئي داخلي رستن جي هر وقت ماڻهن جي چهل قدمي نظر ايندي هئي ۽ سڀني رستن تي پيهه لڳي پئي هوندي هئي- هر رات ۽ منجهند جي ننڊ واري ٽائيم کانپوءِ، شيرين انهن مائين کي پئي چانهن پيش ڪندي هئي جن جون نگاهون پيون کيس ڳولهينديون هيون- مون کي هميشه راهدارين ۾ لڪائيندي هئي يا ڀڄڻ لاءِ چوندي هئي- سيءُ جون ڊگهيون راتيون ختم ٿي چڪيون هيون، ۽ منهنجي روانگيءَ جو وقت اچي چڪو هو جڏهن مون پنهنجي شهزاديءَ کي ان جو اطلاع ڏنو ته هوءَ ملول ٿي وئي، پر چاهيندي نه چاهيندي کيس ان ڳالهه کي مڃڻو پيو-

“مون سرور جي هڪ نادر لمحي کي محسوس ڪيو آهي- مان ان کي وقت ۾ ايئن ئي ٽنگيل ڏسڻ ٿو چاهيان ته جڏهن آئون واپس اچان ته اهو لمحو جيئن جو تيئن اتي موجود هجي- مان توکي ٽڪ ٻڌي ڏسڻ کان ڪڏهن به نٿو ٿڪجان، حيرت ۽ محبت ٻنهي سان گڏ- مان نٿو چاهيان ته مان توکي جن نظرن سان ڏسندو آهيان حملا آورن جو انبوهه ان کي بدلائي ڇڏي- مان گرمين ۾ واپس وڃي رهيو آهيان ته جيئن سردين ۾ واپس اچي توسان ملي سگهان-”

“گرميون، سرديون- جڏهن چاهين وڃ، جڏهن چاهين اچ- تون چاهين ٿو ته موسمون ۽ سال ۽ تنهنجي ۽ منهنجي زندگيءَ کي ڪنهن ڏوهه ۽ خطا جي احساس کان ٻاهر ڪڍي سگهين- ڇا تو خيام کان ڪجهه ناهي سکيو؟”

“اوچتو ئي آسمان توکان اهو لمحو به ڦري وٺندو آهي جو تون پنهنجن چپن کي پسائڻ لاءِ چاهيندو آهين-”

هن منهنجي اکين جي گهرائين ۾ هيٺ لهندي ڏٺو، ايئن لڳو ڄڻ هوءَ ڪو کليل ڪتاب پڙهي رهي هجي- هوءَ سڀ ڪجهه سمجهي وئي هئي ۽ ٿڌو ساهه ڀريائين-

“تون واپسيءَ جو ڇو پيو سوچين؟”

مون کي پاڻ اڃان تائين خبر نه هئي- مان ٻه ڀيرا ايران آيو هئس ۽ ٻنهي ڀيري ايران ۾ هڪ بند زندگي گذاري هئي منهنجي اڳيان دريافت ڪرڻ جي لاءِ سڄو اوڀر هو، باس فورس کان وٺي چين جي سمنڊ تائين- ترڪي جيڪو ايران وانگر آهي بس اڃان هاڻي ئي جاڳيو هو، جنهن پنهنجي سلطان خليفي کي هٽايو هو ۽ پنهنجي نواب، سينيٽرن، ڪلبن ۽ مخالف اخبارن تي فخر هئس؛ فخرمند افغانستان جنهن کي برطانيه جهڪائي ڇڏيو هو، پر ڪهڙي قيمت تي! پوءِ ظاهر آهي ته تلاش ۽ جستجو لاءِ سڄو ايران پيو هو- مان ته صرف تبريز ۽ تهران کان ئي واقف هئس- پر اصفهان شيراز ڪاشان ۽ ڪرمان جو ڇا ٿيو؟ نيشاپور ۽ خيام جي قبر، هڪ سرمائي پٿر جنهن جي نگهباني گلن جون پتيون نسلن کان بنا ڪنهن ٿڪاوٽ جي ڪري رهيون آهن- انهن سڀني راهن مان جيڪي منهنجي سامهون هيون، ڪهڙي راهه اختياري ڪريان؟ قلمي نسخي منهنجي لاءِ فيصلو ڪري ڇڏيو- مون ڪرسنو فودسڪ وڃڻ لاءِ ريل پڪڙي، اشڪ آباد ۽ قديم مَرو اڪري پار ڪيم ۽ اتان کان بخاره-

۽ سڀ کان وڌيڪ اهم، سمرقند ويس-

***