لفظ جڏهن لوڪ جي لڙڪن مان لهي ٿو، تڏهن لافاني بڻجي وڃي ٿو. شاعر جي شاعري، اديب جو اظهار ۽ ڪالم نگار جو قول ٽئي قلمڪار ڪائنات جي ڪينواس تي فڪر جا فنڪار، سچ جا سجاڳا ۽ سماج جا سُرور بڻجن ٿا. انهن جي ذميواري لکت کان وڏي، لفظ کان اٿاھ ۽ وقت کان وسيع آهي.
ادب: احساس، ايمان ۽ انسانيت جو امانتدار: ادب اصل ۾ امانت آهي، جيڪا احساسن، ايمان ۽ انسانيت جي ايمانداريءَ تي قائم رهي ٿي. جڏهن دنيا دولت، درجا ۽ دوکي ۾ دٻجي وڃي ٿي، تڏهن اديب جي آواز مان آزاديءَ جي آکاڻي جنم وٺي ٿي. ادب اهو آئينو آهي، جيڪو انسان کي پاڻ ڏسڻ سيکاري ٿو. اديب اهو اُجالو آهي، جيڪو انڌڪار جي اندر اميد جي اوسيئڙي کي زنده رکي ٿو. هو خاموش ماڻهن جي زبان ۽ بيدار دلين جو بيان آهي. اڄ جڏهن علم لالچ ۾ لَٽجي رهيو آهي، تعليم تجارت بڻجي وئي آهي ۽ ضمير زر خريد ٿي چڪا آهن. تڏهن ادب ئي آهي جيڪو انسانيت کي انصاف جي راھ ڏياري ٿو.
شاعر: شعور جو شعلو، سچ جو سوجهرو: شاعر شعور جو شعلو آهي، جيڪو سچ جي سوجهري سان سماج کي ساڃاھ ڏئي ٿو. هن جا شعر صرف سُر نه، پر سچائيءَ جا سڏ آهن. شاھ ڀٽائيءَ جي بيتن ۾ برابريءَ جي ٻولي آهي، سچل جي شعرن ۾ خوديءَ جي شعاع آهي. شاعر جو ڪم فقط شاعري نه، پر ڳوٺن جي ڳاڙهن ڳلن وارن غريب ٻارن جا ڳڻ ڳائڻ به آهي. جڏهن دنيا ڊالرن جي ڌنڌ ۾ دٻجي وڃي ٿي، شاعر جو قلم دِل جي درد کي دُعا بڻائي ٿو. هو سماج جي سُڪي ويل سگرين ۾ احساس جا ڀنڀٽ ٻاري ٿو. هو لکندڙ نه، لوھ جو ارادو آهي، جيڪو ظلم جي زوال تي صبر جي سِٽ لکي ٿو.
اديب- فڪر جو فڪري فجر: اديب فڪر جو فڪري فجر آهي، جيڪو فريادين کي فڪر ۽ فلاح جو فلسفو سيکاري ٿو. هو ڪهاڻيءَ ۾ ڪامورن جي ڪوتاهي، ناول ۾ ناانصافي ۽ مضمون ۾ معاشرتي مفلسيءَ جو نقش چِٽي ٿو. اديب جو قلم دلين جو دروازو کولي ٿو، جتي انصاف جي خوشبو ۽ اخلاص جي هوا داخل ٿئي ٿي. اڄ جڏهن اقتدار انسانيت کي قيد ڪيو آهي، تڏهن اديب ئي آهي جيڪو قلم سان زنجير ٽوڙي ٿو. اديب جو ڪم اهو ناهي ته هو فقط لفظن جي لوري ڏي، پر لفظن مان روشنيءَ جا رستا ٺاهيندو رهي. فڪر، فلسفو ۽ فن جڏهن هڪ ٿين ٿا، تڏهن اديب امر ٿي وڃي ٿو.
ڪالم نگار- وقت جو واچو، فڪر جو فيصلو: ڪالم نگار وقت جو واچو آهي، جيڪو واھ جي واٽ تي ويران ضميرن کي وڻ بڻائي ٿو. هو سچ جو سپاهي آهي، جيڪو لفظن جي لشڪر سان بي انصافيءَ جي بادشاهت کي للڪاري ٿو. ڪالم نگار جي هر سٽ ۾ سماج جو سڏڪو آهي ۽ هر لفظ ۾ وطن جو وِيچار. اڄ جو ڪالم نگار اُن عدالت جي ڳالھ ڪري ٿو، جتي انصاف اُجرت تي ملي ٿو؛ اُن اسڪول جي ڳالھ ڪري، جتي علم امتحان نه، پر واپار بڻجي ويو آهي؛ اُن ڳوٺ جي ڳالھ ڪري، جتي وڏيرا شاهيءَ جي واردات ۾ انسانيت جو خون وهي ٿو. سچو ڪالم نگار اهو آهي، جيڪو طاقت جي تماشي تي تلوار نه، پر “قلم” اُٿاري. هو قوم کي ياد ڏياري ٿو ته خاموشيءَ کان وڏو ظلم ڪونهي.
سماج جا زخم ۽ قلم جو فرض: اڄ جو سماج خود غرضيءَ جي سُڪل ساڳ ۾ سڙي رهيو آهي. لالچ لوٽن جا لشڪر، حرص جي هڙ، پئسن جي پوڄا، سفارش ۽ پنهنجن کي نوازڻ واري روش جا پهاڙ سڀ انسانيت جي سيني تي ڀڄي رهيا آهن. تعليم امتحان بڻجي وئي آهي، نوڪري نعمت نه، پر نيلامي ٿي وئي آهي. غريب جو حق حويلين جي ڀتين ۾ قيد آهي ۽ امير جي خواهش قانون بڻجي وئي آهي. اِهڙي دور ۾، قلمڪار جو فرض فقط لکڻ نه، پر لوڏڻ آهي؛ شاعر جو فرض فقط ڳائڻ نه، پر جاڳائڻ آهي؛ اديب جو فرض فقط بيان نه، پر بغاوت آهي. اهي ئي آهن، جيڪي بي حسيءَ جي بادلن کي چيرين ٿا ۽ ظلم جي زنجيرن کي ٽوڙين ٿا.
ادب جو انجام- ايمان ۽ ايمانداريءَ ۾: ادب جو انجام عزت ۾ آهي ۽ عزت جو انجام ايمانداريءَ ۾، قلم جو اصل جلال ان وقت ظاهر ٿئي ٿو، جڏهن هو طاقت جي نه، پر سچ جي خدمت ڪري. جيڪو اديب سچ لکي ٿو، اهوئي فڪر جو فاتح آهي؛ جيڪو شاعر درد کي آواز ڏئي ٿو، اهوئي قوم جو رهبر آهي؛ جيڪو ڪالم نگار حق لاءِ اُڀري ٿو، اهوئي تاريخ جو سچو شاهد آهي. قلم جي حرمت، فڪر جي عظمت ۽ سچ جي عظمت گڏجي جڏهن تحريڪ بڻجن ٿيون، تڏهن سماج ۾ سجاڳيءَ جو سج اڀري ٿو.
آخر ۾: قلم جو قيام ۽ فڪر جي قيامت: قلم امانت آهي ۽ امانتدار اهو آهي جيڪو حق لکي، ڀلي حاڪم ناراض ٿئي. قلمڪار جو ڪم ضمير کي زنده رکڻ آهي، نه ته لفظ مري وڃن ٿا ۽ سماج سان گڏ انسانيت به دفن ٿي وڃي ٿي. اڄ جو شاعر، اديب ۽ ڪالم نگار، وقت جا ويد، سچ جا سپاهي ۽ فڪر جا فرزند آهن. انهن کي گهرجي ته هو پنهنجي قلم کي ڪائنات جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائين، جيئن هر دل ۾ سچ جو سوجهرو ۽ هر ذهن ۾ انسانيت جو اڀرندڙ سج اڀري سگهي.