بلاگنئون

فرض شناس ۽ شفيق، استاد وفا ساگر سهتو

چيو ويندو آهي ته فن ۽ هنر رب جي عطا ڪيل اهڙي نعمت آهي، جيڪا هر ڪنهن کي نصيب نٿي ٿئي. اها ڏات رڳو انهن نصيب وارن جي حصي ۾ ايندي آهي، جن کي رب پاڪ پنهنجي خاص ڪمال سان نوازيندو آهي. انهن ئي باصلاحيت ۽ قابلِ تعريف شخصيتن ۾ هڪ نالو سائين وفا ساگر سهتو جو به شامل آهي، جنهن کي الله پاڪ ڪيترين ئي فني، ادبي ۽ اخلاقي خوبين سان نوازيو آهي. وفا ساگر سهتو نه رڳو هڪ بااخلاق استاد آهي، پر هڪ بهترين شاعر پڻ آهي. سندس شاعريءَ ۾ احساس، سچائي ۽ محبت جي خوشبو اچي ٿي. ڪمپئرنگ ۾ سندن لهجو ۽ انداز ٻڌندڙن جي دلين کي موهي وجهندو آهي. سندس گفتگوءَ ۾ ڄاڻ، فڪر ۽ ذهني وقار جي جھلڪ صاف نظر اچي ٿي. سائين وفا ساگر سهتو جو اصل نالو ساجد علي سهتو تاريخ پيدائش 25 سيپٽمبر 1993ع سوڀوديرو، ضلعو خيرپورميرس آهي. پاڻ ابتدائي کان انٽر تائين تعليم ڪريسينٽ هائر سيڪنڊري اسڪول، سوڀوديرو مان حاصل ڪئي. جڏهن ته وڌيڪ تعليم لاءِ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور جو انتخاب ڪيائون، جتان بي ايس سي آنرز، ميٿميٽڪس ۽ بي ايڊ 2016 ۾ پاس ڪيائين. تعليمي سفر مڪمل ڪرڻ کانپوءِ، سائين وفا ساگر سهتو 25 مئي 2022ع تي تعليم کاتي ۾ J.E.S.T استاد طور نوڪري جو آغاز ڪيو. مون کي ان ڳالهه جي خوشي آهي ته مون ساگر صاحب کي گورنمينٽ هاءِ اسڪول بچل ڀنڀرو ۾ پڙهائيءَ دوران ويجهڙائيءَ کان ڏٺو. سائين وفا ساگر جو پيغام سدائين همت ۽ سچائيءَ جو عڪس رهيو آهي، هو ھميشه ۽ سچ ۽ حق جي ڳالهه ڪندو آهي ۽ چوندو آهي ته ٻين کي ٻڌو ۽ سچ کي برداشت ڪيو. اهوئي سندس پيغام رهيو آهي. حقيقت ۾ سائين وفا ساگر سهتو هڪ اهڙو نالو آهي، جيڪو محبت، وفا، اخلاص جي خوشبوءَ سان ڀريل آهي. انهن جي شخصيت مان علم، فن ۽ انسانيت جي روشني نڪري ٿي، جيڪا هر شاگرد جي دل ۾ اميد ۽ احترام جا ڏيئا ٻاري ٿي. اميد ڪريان ٿو ته پاڻ ائين ئي پنهنجو فرض نڀائيندو رهندو.