نئون

2107 ۾ ڊينمارڪ 43 سيڪڙو بجلي هوا مان ٺاهي

خميس ڏهاڙي صحافين سان ڳالهائيندي ڊينمارڪ جي توانائي واري وزير چيو ته ڊينمارڪ 2017 ۾ پنهنجي گهرج جي 43 سيڪڙو بجلي هوائي توانائي جي ذريعي ٺاهي. جيڪو فاسل فيول کان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ خاص قدم آهي. هن اهو به چيو ته اسان جو مقصد آهي ته سڄي ملڪ ۾ صاف توانائي سان بجلي ٺاهي وڃي. جڏهن ته ان لاءِ وقت گهربل آهي، جنهن کان علاوه ٽيڪنالاجي جي ترقي جي به ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڊينمارڪ گذريل 10 سالن ۾ هوا جي توانائي سان بجلي ٺاهي پئي وڃي جيڪا گذريل سال 43 سيڪڙو تائين پهتي آهي. هن اهو به چيو ته 2030 تائين وڌيڪ بجلي هوا ذريعي ٺاهڻ جو پروجيڪٽ لڳايا ويندا پر هن اهو نه ٻڌايو ته ان سان ڪيترا ميگا واٽ بجلي تيار ڪئي ويندي. ياد رهي ته ڊينمارڪ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ هوائي توانائي مان بجلي پيدا ڪندڙ ملڪ آهي. ڊينمارڪ جي ايراضي 42931 اسڪوائر ڪلو ميٽر آهي. جڏهن ته ان جي آبادي 5,700,000 آهي.