وزير اعظم ملڪي اڪانامي ۾ 6 سيڪڙو واڌاري لاءِ پر اميد
وزير اعظم خاقان عباسي پاران چيو ويو آهي ته هو پر اميد آهي ته ملڪ جي اڪانامي ايندڙ سال 6 سيڪڙو تائين وڌي ويندي هن چيو ته گذريل سال ۾ اڪانامي 5.28 سيڪڙو جي سطح تائين وڌي هئي. جنهن جو سبب ليڊرشپ جو وِزن ۽ وقت تي پروجيڪٽ جي مڪمل ڪرڻ آهي. پورٽ قاسم تي ٻئين LNG جي ٽرمينل جو افتتاح ڪندي هن چيو ته موجوده حڪومت 2013 ۾ آئي ۽ ان وقت ملڪ ۾ توانائي جو بحران هلي رهيوهيو. جيڪو بجلي ۽ قدرتي گئس جي صورت ۾ هيو. ان کان علاوه ملڪ جي اڪانامي جي ابتر صورتحال به هئي، جنهن کي بهتر بڻائڻ جو عزم حڪومت کڻي آئي هئي ۽ هن وقت تائين حڪومت توانائي جي ضرورت کي به سٺي نموني پورو ڪيو. پورٽ قاسم وارو هي پروجيڪٽ هڪ پرائيويٽ ڪمپني ٺاهيو آهي جيڪو (Million Cubic Feet Per Day) 600MMCFD جنهن جو واليوم 1.2 بلين ڪيوبڪ فوٽ روزانو هوندو پاڪستان ان کان اڳ ۾ 600 ملين ڪيوبڪ فوٽ LNG روزانو امپورٽ ڪري رهيو آهي.