بلاگنئون

ادل سومرو: سهڻن سپنن جهڙا گيت سرجيندڙ شاعر

پيار کان جي ڌار آهي شاعري
سا به ڪهڙي يار آهي شاعري
سنڌ جي موجوده دور جي شاعرن جو جڏهن ذڪر ڪبو ته سکر جي ڊاڪٽر ادل سومرو جو نالو سڀني کان مٿانهون هوندو. ڊاڪٽر ادل سومرو پنهنجي شاعريءَ ۾ احساسن، امنگن، جذبن، سونهن ۽ پريت کي سهڻي انداز سان پيش ڪيو آهي.
نامياري شاعر ۽ نثر نگار ڊاڪٽر ادل سومري جو اصلي نالو عبدالڪريم سومرو آهي ۽ سندس جنم سکر ۾ محمد صالح سومرو جي گهر 15 آگسٽ 1955ع تي ٿيو. شروعاتي تعليم سکر مان ۽ پوءِ ميٽرڪ ۽ بي اي به اتان ئي ڪيائين. ايم اي اقتصاديات ۾ سنڌ يونيورسٽيء مان 1977ع ۾ فرسٽ ڪلاس سان پاس ڪرڻ سان گڏ سنڌ يونيورسٽيء مان ئي1979ع ۾ سنڌي ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن سان ايم اي به پاس ڪيائين. 1999ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان سنڌي ادب ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين.
ڊاڪٽر ادل سومرو 1981ع ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي سنڌي شعبي ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر طور پنهنجون ذميواريون سنڀالي سنڌي ادب جي شاگردن لاءِ هڪ رهنما طور ڪم ڪري رٽائرمينٽ ورتي آهي. ۽ شاهه لطيف يونيورسٽيءَ جي شيخ اياز چيئر جو پروفيسر انچارج پڻ رهيو. 1999ع ۾ خيرپور يونيورسٽيءَ مان ”سنڌي ادبي سنگت جي تاريخ ۽ ڪردار“ جي موضوع تي ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي رهنمائي ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪئي اٿس. پاڻ سنڌي ادبي سنگت جو ٻه دفعا 94-1992ع ۽ 2003ع ۾ سيڪريٽري جنرل پڻ چونڊيو ويو.
آگسٽ 1955ع تي سکر شهر ۾ جنم وٺندڙ ادل سومري 1971ع کان لکڻ شروع ڪيو. ٻاراڻي ادب ۾ به سندس تمام گهڻيون خدمتون رهيون آهن. ڊاڪٽر ادل سومرو پنهنجي لکڻ جي شروعات ماءُ بنا ٻار نالي نظم لکي ڪئي، جيڪو 1969ع ۾ روزاني هلال پاڪستان ۾ ڇپيو. وقت سان گڏ سندس شاعريء ۾ نکار اچڻ لڳو جنهن جو هڪ سبب سندس هم عمر ساٿي اياز گُل سان گڏ سکر ۾ ٿيندڙ سنڌي ادبي سنگت جي ادبي گڏجاڻين ۽ ڪچهرين ۾ اچڻ وڃڻ سبب پيدا ٿيو. جتي شيخ اياز، رشيد ڀٽي، فتاح ملڪ ۽ تنوير عباسي جهڙن عظيم شاعرن ۽ ليکڪن کان سکڻ جو موقعو حاصل ٿين. ڊاڪٽر ادل سومرو ٻارن لاءِ شاعري ۽ ڪهاڻين جا ڪتاب لکي سنڌي ادب ۾ ٻاراڻي ادب جي کوٽ جي پورائي ڪرڻ جهڙو اهم ڪم پڻ ڪيو آهي.
ادل سومرو سنڌي شاعريءَ ۾ غزل، هائيڪي، نظم، بيت، گيت ۽ وائي جو پختو شاعر ٿي اڀريو آهي ۽ سندس هاڪ سنڌ ۽ هند ۾ هر هنڌ آهي. ادل سومرو شاعريء سان گڏ ڪهاڻيون، مقالا، مضمون ۽ ريڊيو لاء اسڪرپٽ پڻ لکيا آهن. انکانسواٰءِ هن ڪيترائي ڪتاب مرتب ڪرڻ سان گڏ شاعريءَ کي ٻين ٻولين ۾ ترجمو پڻ ڪيو آهي. ڊاڪٽر ادل سومرو سنڌيءَ سان گڏ اردوءَ ۾ پڻ شاعري ڪئي آهي. سندس شاعري سنڌ جي اهم فنڪارن ريڊيو ۽ ٽي وي سان گڏ اسٽيج تي ڳائي خوب داد حاصل ڪيو آهي. ريڊيو ۽ ٽي وي تي سندس 200 کان مٿي گيت، وايون ۽ غزل رڪارڊ ٿي چڪا آهن. هن جي ڇپيل ڪتابن ۾ ” وليون وڻ ڦلارئا، سمنڊ جاڳي ٿو ، وساري نه ڇڏجو ، اجرڪ جهڙي عاشقي، اسين مسافر پيار جا ، روز ٽڙن رابيل ، چنڊ پشم گولو ، آچر جا احوال، پتلين جو تماشو، جيتن جي ڪانفرنس ، نئين دؤر جا نوان سبق ۽ مٽيءَ جا رانديڪا ڇپيل آهن. انهن کانسواء سندس ترتيب ڏنل ڪتابن ۾ سنڌالاجي ۽ ساميءَ جا مٽ ، سنگت ڪهاڻي نمبر، سنگت شاعري نمبر ، سنگت ڪارڪردگي نمبر ، تنوير عباسي فن ۽ شخصيت ، رنگ برنگي ڦوڪڻا ، ٻارن لاءِ چونڊ ڪهاڻيون ، ٻارن لاءِ گيت ، سرمست ، نيروليءَ جو خواب، ڏات جي ڏيهه مان”سو ديس مسافر منهنجو ڙي“، ”مهڪ چنبيليءَ ول جي“” تون ئي منهنجي شاعري ۽ ، انقلاب، اسٽين گن ۽ ڪتو ۽ سنڌي ادبي سنگت، تاريخ ۽ ڪردار شامل آهن.هو ”ڀٽائي“ تحقيقي جرنل ۽ سنگت پبليڪيشن جو ايڊيٽر پڻ رهيو آهي.
ادل سومري”بيدل بيڪس آرٽس ڪائونسل“ روهڙي جي وائيس چيئرمين ، شاهه لطيف يونيورسٽي، خيرپور جي سينيٽ جي ميمبر، ”تنوير عباسي يادگار ڪاميٽي“ جي چيئرمين ”شيخ اياز چيئر“ لطيف يونيورسٽي خيرپور جي انچارج ، ”سچل سرمست يادگار ڪاميٽي“ جي سيڪريٽري ، نصاب ڪاميٽي جي ميمبر ، آغا خان بورڊ ڪراچي ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آبادجي ميمبر، نيشنل ايوارڊ ڪاميٽي، اڪيڊمي آف ليٽرس اسلام آباد، جي ميمبر، لطيف يونيورسٽي خيرپور جي بورڊ آف اسٽڊيز جي ميمبر، سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشوري جي بورڊ آف اسٽيڊيز جي ميمبر طور پڻ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن.
سندس ڪجهه ڪتابن تي سنڌالاجي ، سنڌي ادبي سنگت، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۽ سگا طرفان ايوارڊ، انعام ۽ گولڊ ميڊل پڻ مليا. مڃتا طور کيس شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۽ اسلاميه آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج گولڊ ميڊل ڏنا کيس ثقافت ۽ سياحت کاتي سنڌ طرفان اوارڊ ’سنگت- هري دلگير‘ ايوارڊ، سگا پاران ’عبدالله هارون‘ ايوارڊ، سائوٿ ايشيا پبليڪيشن پاران ’اسٽار‘ ايوارڊ ۽ گولڊ ميڊل، ’ڊاڪٽر محبت ٻرڙو‘ ايوارڊ، بهترين سيڪريٽري جنرل س. ا.س جو ”سنڌ رويو ايوارڊ“، سچل سرمست ايوارڊ ۽ بهترين استاد جو ايوارڊ پڻ حاصل ٿيا. انهن ايوارڊن سان گڏ هاير ايڊيوڪيشن ڪميشن طرفان کيس ”بهترين استاد“ تسليم ڪندي هڪ لک رپيا نقد انعام پڻ پيش ڪيو ويو. کيس 2011 ۾ سندس ادبي مڃتا عيوض حڪومت پاڪستان پاران صدارتي ايوارڊ براءِ حسن ڪارڪردگي سان پڻ نوازيو ويو.
ڊاڪٽر ادل سومري، سنڌي ادبي سنگت کي متحرڪ ۽ متحد رکڻ ۾ پڻ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. ڊاڪٽر ادل سومرو هڪ شاعر ۽ اديب هجڻ سان گڏ نفيس انسان پڻ آهي. سندس بي بها خوبين مان هڪ خاصيت سندس مرڪي ملڻ ۽ هر ننڍي يا وڏي کي عزت ۽ مان ڏيڻ ، ملنساري سان گڏ حوصلا افزائي ڪرڻ واري به آهي هن وقت هو وارِي تڙ، سکر ۾ رهائش پذير آهي.
اسين مسافر پيار جا دل اسانجو ديس،
پنهنجي لاءِ پرديس آهي رسڻ پرينءَ جو.