اٿينس (يونان) ۾ ائڪرو پولس عجائب گهر ڏسي، ان ۾ ئي اندر موجود ريسٽورينٽ ۾ ڪافي پيئڻ لاءِ ويٺس ته منهنجي ئي ٽيبل جي سامهون واري ڪرسيءَ تي ويٺل هڪ ليڊي فارينر سان هيلو هاءِ کانپوءِ سٺي ڪچهري مچي وئي. هُن ٻڌايو ته، ”هُوءَ سوئيٽرز لينڊ سان واسطو رکي ٿي.“ ۽ پوءِ هُوءَ پنهنجي ملڪ جي خوبصورتي ۽ اتي جي ڳوٺن ۽ شهرن جي صفائي سٿرائي، پلاننگ وغيره بابت ٻڌائڻ لڳي. مون ٻڌايومانس ته، ”آئون ويجهڙائي ۾ اوھانجو ملڪ گهمي آيو آهيان، اوھانجو چوڻ بجا آھي، سئٽزرلينڊ واقعي خوبصورت ۽ سڌريل ملڪ آهي.“ ڪچهري هلندي جڏهن هُن مون کان منهنجي ملڪ بابت پڇيو ته، مون ٻڌايومانس ته، ”آئون موهن جي دڙي جي ديس سان تعلق رکان ٿو، جيڪو اڄ کان پنج هزار سال اڳ به هڪ مثالي، صاف سٿرو، سڌريل ۽ تھذيب ۽ تمدن سان ڀرپور شهر هو، جڏهن ته ان وقت ۾ سڄي يورپ ۾ اعليٰ قسم جي منصوبابندي سان اڏيل ان جهڙو خوبصورت شهر ڪٿي به ڪونه هو.“ مون پرڏيھي سياح عورت تي اهو چئي پنهنجي اعليٰ سولائيزيشن جي فرد هئڻ جو رعب جتائي بظاهر پنهنجي معتبري جو ڌاڪو ته ضرور ويهاريو، پر دل ئي دل ۾ مون کي ان ڳالھ ڪرڻ تي شرم به ڏاڍو محسوس ٿيو. ظاهر آهي ته پنهنجو پاڻ تي شرمنده ٿيڻ جو ڪارڻ به فطري هو. جڏهن پنج هزار سال اڳ اسان جنھن اعلىٰ منصوبابندي سان اهڙو خوبصورت شهر جوڙيو هو، ته اڄ هِن ترقي يافته دور ۾ اسان جي ديس ۾ اعلىٰ منصوبابندي سان اڏيل اُن کان بہ وڌيڪ خوبصورت شهر هئڻ گهرجن ها. پر پاڻ وٽ آھن ڪاريءَ وارا ڪک. بدقسمتي سان اسان جي ديس ۾ اهڙو هڪ به شهر موجود ناهي! پوءِ به اسين پاڻ کي سڌريل ۽ سولائيزڊ چورايون ٿا؟ آهي نه ٻڏي مرڻ جو مقام!؟ وري يورپ جي ماڻھن کي ڏسو، جن کي ڪلهه اسان جاهل ڪوٺيو ٿي، اڄ جي هن دور ۾ اُنهن جو هر شهر موهن جي دڙي جيان منصوبابندي سان اڏيل صاف ۽ سٿرو لڳي ٿو. ڪٿي ايئن ته ناهي ته اسان موهن جي دڙي جي سڌريل تهذيب جي تسلسل ۾ اُن جو اڻ سڌريل (بگڙيل) نسل آهيون؟ ان کان انڪار بہ ڪونھي ۽ واقعي ڪنهن حد تائين اهو صحيح به آهي، پر ڪافي حد تائين ان جو ڪارڻ نااهل ۽ ڪرپٽ حڪمراني به آهي. يورپ پنهنجي صحيح ۽ لائق حڪمراني جي طفيل صاف سٿرا ۽ منصوبابندي سان ماڻهن جي رهڻ لائق شهر جوڙيا آهن. جڏهن ته اسان جي نااهل ۽ نالائق حڪمرانن جي ڪرپشن جي ڪري اهڙا اڍنگا شهر جڙيل آهن، جيڪي انسانن ته ٺهيو پر جانورن جي رهڻ جي لائق به ڪونه آهن.
پر چوندا آهن ته ”اڃان به آهن ڪلجڳ ۾ ڪي ڪاپڙي.“ مون ڪٿي دوستن کان ٻڌو هو ته کنڊرات ۽ ڀڙڀانگ بڻيل سنڌ ۾ هِن دور ۾ بہ اهڙو هڪ ڳوٺ آهي، جيڪو موهن جي دڙي جون سڪُون ٿو لاهي. بلڪل موهن جي دڙي جيان صاف سٿرو ڳوٺ، جنهن جو نظم و ضبط (ترتيب) ڪنھن حد تائين موهن جي دڙي سان مشابھت رکي ٿو ۽ ان جو نالو آهي ٽنڊو سومرو.
حيدر آباد کان ٽنڊو سومرو تقريبن 50 ڪلوميٽر پري آھي ۽ جي پنھنجي گاڏي آھي تہ اُتي پھچڻ ۾ تقريبن هڪ ڪلاڪ جو وقت لڳي ٿو. ٽنڊو سومرو پهچڻ لاءِ حيدرآباد کان ٽنڊوالهيار ويندي، وڻي ته ٽنڊوآدم وارو رستو پڪڙيو يا نصرپور وارو، اِهي ٻئي رستا توهان کي ٽنڊو سومرو پهچائي ڇڏيندا ۽ پاڻ رستو ورتو آهي نصرپور وارو. سفر ۾ رستي هلندي ٻنيون ٻارا، واهڻ وستيون پسندي ۽ پاڻ ۾ گپ شپ ڪندي هاڻ پاڻ پهچي ويا آهيون ٽنڊو سومرو ڳوٺ جي داخلا گيٽ (Main Entry Gate) تي.