اٿينس (يونان) ۾ ائڪرو پولس عجائب گهر ڏسي، ان ۾ ئي اندر موجود ريسٽورينٽ ۾ ڪافي پيئڻ لاءِ ويٺس ته منهنجي ئي ٽيبل جي سامهون واري ڪرسيءَ تي ويٺل هڪ ليڊي فارينر سان هيلو هاءِ کانپوءِ سٺي ڪچهري مچي وئي. هُن ٻڌايو ته، ”هُوءَ سوئيٽرز لينڊ سان واسطو رکي ٿي.“ ۽ پوءِ هُوءَ پنهنجي ملڪ جي خوبصورتي ۽ اتي جي ڳوٺن ۽ شهرن جي صفائي سٿرائي، پلاننگ وغيره بابت ٻڌائڻ لڳي. مون ٻڌايومانس ته، ”آئون ويجهڙائي ۾ اوھانجو ملڪ گهمي آيو آهيان، اوھانجو چوڻ بجا آھي، سئٽزرلينڊ واقعي خوبصورت ۽ سڌريل ملڪ آهي.“ ڪچهري هلندي جڏهن هُن مون کان منهنجي ملڪ بابت پڇيو ته، مون ٻڌايومانس ته، ”آئون موهن جي دڙي جي ديس سان تعلق رکان ٿو، جيڪو اڄ کان پنج هزار سال اڳ به هڪ مثالي، صاف سٿرو، سڌريل ۽ تھذيب ۽ تمدن سان ڀرپور شهر هو، جڏهن ته ان وقت ۾ سڄي يورپ ۾ اعليٰ قسم جي منصوبابندي سان اڏيل ان جهڙو خوبصورت شهر ڪٿي به ڪونه هو.“ مون پرڏيھي سياح عورت تي اهو چئي پنهنجي اعليٰ سولائيزيشن جي فرد هئڻ جو رعب جتائي بظاهر پنهنجي معتبري جو ڌاڪو ته ضرور ويهاريو، پر دل ئي دل ۾ مون کي ان ڳالھ ڪرڻ تي شرم به ڏاڍو محسوس ٿيو. ظاهر آهي ته پنهنجو پاڻ تي شرمنده ٿيڻ جو ڪارڻ به فطري هو. جڏهن پنج هزار سال اڳ اسان جنھن اعلىٰ منصوبابندي سان اهڙو خوبصورت شهر جوڙيو هو، ته اڄ هِن ترقي يافته دور ۾ اسان جي ديس ۾ اعلىٰ منصوبابندي سان اڏيل اُن کان بہ وڌيڪ خوبصورت شهر هئڻ گهرجن ها. پر پاڻ وٽ آھن ڪاريءَ وارا ڪک. بدقسمتي سان اسان جي ديس ۾ اهڙو هڪ به شهر موجود ناهي! پوءِ به اسين پاڻ کي سڌريل ۽ سولائيزڊ چورايون ٿا؟ آهي نه ٻڏي مرڻ جو مقام!؟ وري يورپ جي ماڻھن کي ڏسو، جن کي ڪلهه اسان جاهل ڪوٺيو ٿي، اڄ جي هن دور ۾ اُنهن جو هر شهر موهن جي دڙي جيان منصوبابندي سان اڏيل صاف ۽ سٿرو لڳي ٿو. ڪٿي ايئن ته ناهي ته اسان موهن جي دڙي جي سڌريل تهذيب جي تسلسل ۾ اُن جو اڻ سڌريل (بگڙيل) نسل آهيون؟ ان کان انڪار بہ ڪونھي ۽ واقعي ڪنهن حد تائين اهو صحيح به آهي، پر ڪافي حد تائين ان جو ڪارڻ نااهل ۽ ڪرپٽ حڪمراني به آهي. يورپ پنهنجي صحيح ۽ لائق حڪمراني جي طفيل صاف سٿرا ۽ منصوبابندي سان ماڻهن جي رهڻ لائق شهر جوڙيا آهن. جڏهن ته اسان جي نااهل ۽ نالائق حڪمرانن جي ڪرپشن جي ڪري اهڙا اڍنگا شهر جڙيل آهن، جيڪي انسانن ته ٺهيو پر جانورن جي رهڻ جي لائق به ڪونه آهن.
پر چوندا آهن ته ”اڃان به آهن ڪلجڳ ۾ ڪي ڪاپڙي.“ مون ڪٿي دوستن کان ٻڌو هو ته کنڊرات ۽ ڀڙڀانگ بڻيل سنڌ ۾ هِن دور ۾ بہ اهڙو هڪ ڳوٺ آهي، جيڪو موهن جي دڙي جون سڪُون ٿو لاهي. بلڪل موهن جي دڙي جيان صاف سٿرو ڳوٺ، جنهن جو نظم و ضبط (ترتيب) ڪنھن حد تائين موهن جي دڙي سان مشابھت رکي ٿو ۽ ان جو نالو آهي ٽنڊو سومرو.
آئون گهڻي وقت کان ديس کان دور ھئڻ سبب پراڻي سنگت کي ٽائيم نه ڏيئي سگهيو هئس، سو سنگت جڏهن ٽنڊو سومرو گڏ گهمڻ لاءِ پروگرام ٺاهڻ چاهيو ته، پاڻ به ها ڪندي دير نه ڪئي. بس ڪجهه ڏينهن ۾ ئي اتي (ٽنڊو سومرو) جي دوستن سان پروگرام جي تاريخ طئي ڪري اُن ڏينهن تي صبح جو سوير قاسم آباد حيدرآباد ۾ منهنجي ٺڪاڻي تي سنگت گاڏي کڻي پهچي وئي. سنگت جيڪا ساڻ ھلي اُن ۾ غلام نبي زنئور، سيرومل، گرو ۽ منير ميمڻ شامل ھئا. عجيب اتفاق آھي تہ جتي اِھي سڀ سنگت جي حلقي ۾ اچن ٿا تہ اُتي اھي وري منھنجا ڪنھن زماني ۾ شاگرد بہ رھيا آھن. جيئن اللہ جا نيڪ ٻانھا پنھنجي ڏينھن جي شروعات اُن جي پاڪ نالي سان شروع ڪندا آھن، تيئن جي سفر ۾ غلام نبي زنئور ساڻ ھجي تہ ھر ڪاڄ، ڪچھري توڙي سفر جي شروعات چانھ سان ٿيندي، سا بہ لازمي طور تي کير پتي (ڪٽنگ) ھجي. جِتي ٺٽو ۽ سجاول ضلعو پان کائڻ ۾ سڄي سنڌ کان گوءِ کڻي ويو آھي تہ اُتي وري ھيِ يار چاءِ جي چشڪي ۾ گنيز بڪ آف اوارڊس جا رڪارڊ ٽوڙڻ وارو آھي. جِتي ھي اسانجو يار چانھ جو شوقين آھي تہ، اُتي ھُن کي اِھا بہ خبر آھي تہ ڪھڙي شھر ۾ چانھ ڪٿي سٺي ٿي ملي. ته سائين منھنجا چانھ جي چشڪي کان پوءِ پاڻ سنگت سان گڏ حيدرآباد کان هلي پيا آهيون ٽنڊو سومرو ڳوٺ ڏانهن.
حيدر آباد کان ٽنڊو سومرو تقريبن 50 ڪلوميٽر پري آھي ۽ جي پنھنجي گاڏي آھي تہ اُتي پھچڻ ۾ تقريبن هڪ ڪلاڪ جو وقت لڳي ٿو. ٽنڊو سومرو پهچڻ لاءِ حيدرآباد کان ٽنڊوالهيار ويندي، وڻي ته ٽنڊوآدم وارو رستو پڪڙيو يا نصرپور وارو، اِهي ٻئي رستا توهان کي ٽنڊو سومرو پهچائي ڇڏيندا ۽ پاڻ رستو ورتو آهي نصرپور وارو. سفر ۾ رستي هلندي ٻنيون ٻارا، واهڻ وستيون پسندي ۽ پاڻ ۾ گپ شپ ڪندي هاڻ پاڻ پهچي ويا آهيون ٽنڊو سومرو ڳوٺ جي داخلا گيٽ (Main Entry Gate) تي.
ٽنڊو سومرو ڳوٺ تقريبن 2.5 ڪلو ميٽر اسڪوائر ايريا تي مشتمل آهي. پوري ڳوٺ کي چوگرد سيڪيورٽي جي لحاظ کان 2 ڪلو ميٽر ڊگهي ديوار ڏنل آهي. جنهن جي اوچائي 10 فوٽ آهي. هِن ڳوٺ کي 4 داخلا گيٽ آهن ۽ 4 واچ ٽاور آهن، جن تي 24 ڪلاڪ سيڪيورٽي گارڊ موجود هجن ٿا. هن اجگر جيڏي ديوارن ۾ چئني پاسن کان لڳل 4 مکيه داخلا دروازن (Main Gates) ۽ اُنھن تي چئني پاسن ٺهيل مورچن (Watch Towers) تي تعينات سيڪيورٽي گارڊن جي سالياني پگهار تي 2 ڪروڙ 16 لک رپيا خرچ ٿئي ٿو. ڳوٺ جي چوڌاري هن قلعي نما ديوار جي ٺهڻ جو پسمنظر ڪجهه هينئن آهي ته 09-2008ع ۾ جڏهن سنڌ ۾ ڌاڙيل فيڪٽر جام هو، تڏهن ٽنڊو سومرو تي به ڪيترائي ڀيرا ڌاڙيلن ڪاهيو هو، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين (ڳوٺاڻن ۽ ڌاڙيلن) جا ماڻهو زخمي ٿيا هئا. اُن بدامني جي دور ۾ هِن ڳوٺ کي ڳوٺ واسين پنهنجي مدد پاڻ ڪريو جي اصول تي عمل پيرا ٿيندي اها قدآور ديوار ڏياري جنهن جو ڪم تقريبن 18 مهينا هليو ۽ 2009ع ۾ تقريبن 2 ڪروڙ رپين جي ماليت سان جڙي راس ٿي. اُن وقت کان وٺي هيل تائين هڪ اڌ هلڪي ڦلڪي چوري جي واقعي کي ڇڏي هِن ڳوٺ ۾ ڪو قتل يا ٻي ڪا وڏي واردات ڪونهي ٿي ۽ هيِ ڳوٺ هيلتائين هر طرح سان پرامن ۽ پرسڪون پئي رهندو آيو آهي.
اسين جڏهن ٽنڊو سومرو ڳوٺ جي چوگرد قلعي نما ديوار ۾ فڪس ٿيل هڪڙي مين گيٽ تي پهتاسين ته سيڪيورٽي گارڊ (چوڪيدار) ڳوٺ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ پنهنجو تعارف ڪرائڻ ۽ ڳوٺ ۾ ڪنهن سان ملڻ (واقفيت) جو پڇيو. اسان کيس موبائل تي پنهنجي ميزبان شفاعت نظاماڻي سان ڳالهرايو ۽ پوءِ هُن ڏنڊو مٿي ڪيو ۽ اسان کي گيٽ کان اندر ڇڏيو. جيئن ئي مين گيٽ لنگهي ڏسيل جاءِ يعني سرڪاري اسپتال جي مهاڙي تي پهتاسين ته موٽرسائيڪل تي شفاعت نظاماڻي اچي پهتو ۽ وڏي اڪير سان ڀاڪر پائي مليو. توهان کي ٻڌائيندو هلان ته ٽنڊو سومرو اسان جي سنگت مان هِن کان اڳ ڪنهن جو به ڏٺل نه هو ۽ نه ئي اسان جي ڳوٺ گهمائيندڙ دوستن سان اڳي ڪا واقفيت هئي. اسين پنهنجي هڪ دوست جي ريفرنس سان هتي ڳوٺ گهمڻ آيا هئاسين جيڪو اسانجي ميزبان نياز محمد نظاماڻي جو دوست هو. خوش خير عافيت ڪرڻ کانپوءِ هاڻ اسان جي گاڏي شفاعت نظاماڻي جي موٽرسائيڪل جي پويان هلڻ لڳي ۽ رستي ھلندي ڳوٺ جي بازارن، پاڙن ۽ گهٽين مان گذرندي رھي. هيِ ڳوٺ واقعي به سنڌ جي ٻين ڳوٺن/شهرن کان مختلف محسوس ٿيو. روڊ پڪا ۽ صاف سٿرا، بازارن ۽ پاڙن ۾ ڪچري لاءِ رکيل ڪچري جا وڏا دٻا، (Dustbin) جيئن هرڪو ماڻهو ڪچرو اُنهن ۾ اڇلي ۽ ڳوٺ صاف سٿرو رهي. شفاعت نظاماڻي ٻڌايو ته ڳوٺ جي صفائي روزانو ٻه ڀيرا يعني صبح ۽ شام ٿيندي آهي. سڄي ڳوٺ ۾ ناليون پڪيون ۽ انڊر گرائونڊ (concealed) آھن. اِنهن نالين ۾ ٻاهر کان گند ڪچري کي اندر وڃڻ ۽ نالين کي بلاڪ ٿيئڻ کان روڪڻ ۽ وقت سر صفائي ڪرڻ لاءِ لوهي گرل جو فريم لڳائي بند ڪيو ويو آهي. سڄي ڳوٺ جي ٻُهاري ۽ ڊرينيج جي صفائي جو ڪم ٺيڪي تي ڏنل آهي، جنهن لاءِ ٺيڪيدار کي ساليانه 24 لک رپيا ڏنا ويندا آهن. سڄي ڳوٺ ۾ بجليءَ جا کنڀا (پول) زمين کان 4 کان 5 فوٽ مٿي چئني پاسن کان ڪاٺ جو فريم لڳائي بند ڪيا ويا آهن، جيئن بارش يا ٻئي ڪنهن سبب بجليءَ جو کنڀو شاٽ ٿيڻ سبب ٻار ٻچو يا ڪو جانور ڪرنٽ لڳڻ کان محفوظ رهي. شفاعت نظاماڻي جي واتان اِهو ٻڌي حيرت ٿي ته هتي ڪابه بجليءَ جي چوري ڪونهي ۽ هر ڪو پنهنجو بجليءَ جو بل ايمانداريءَ سان پياري ٿو. مون کانئس سوال ڪيو ته، ”پوءِ هتي واپڊا وارا پورو روينيو ملڻ سبب لازمي طور بجليءَ جي لوڊشيڊنگ نه ڪندا هوندا؟“ هُن وراڻيو، ”بلڪل پهرين (اڳي) ايئن ئي هوندو هو، پر وڌندڙ سياسي مداخلت ۽ ڪرپشن جي ڪري اسان کي به لوڊشيڊنگ کي ڀوڳڻو پوي ٿو. جيئن ته آسپاس جي ڳوٺ وارن اسان جي ٽرانسفارمن مان ڪُنڊا لڳايا آهن ۽ اُهي ماڻهو وقت جي حڪمران پارٽي جي نمائندن جا ووٽر آهن. نتيجن نه ته انهن کي ڪجهه چئي سگهجي ٿو ۽ نه ئي ڪنهن دانهن يا فرياد جو داد ٿئي ٿو ۽ مڪمل بل پيارڻ جي باوجود به اسان کي لوڊشيڊنگ جو عذاب ڀوڳڻو پوي ٿو.“ مون دل ئي دل ۾ چيو، ”ڪيڏي نه شرم جي ڳالهه آهي. هڪڙو ته حڪمران پاڻ ڀلائي جو ڪم ڪونه ڪن، جيڪو ووٽ وٺڻ ناتي سندن فرض ۾ شامل آهي ۽ مٿان وري انهن ماڻهن کي پريشان ڪن ۽ سندن چڱن ڪمن ۾ به رڪاوٽ وجهن. الائي اسان جي حڪمرانن کي ڪڏهن ساڃاهه ايندي ۽ ماڻهن جي چڱ ڀلائي لاءِ سوچيندا!؟”…(هلندڙ)…