ڪهاڻيوننئون ريخته ڪهاڻي: هڪڙي چاٻي Zahida Abro August 13, 2024August 13, 2024 A Key, August 2024, online sindhi magazine, Rekhta Story اڄ صبح کان وٺي، ٽيون دفعو ايئن ٿيو ھو جو پرس مان ڪجھ ڪڍندي، سندس پوئين گهر جي چاٻي ھٿ ۾ چڙهي پئي آئي… سڌير جي گهر جي. سڌير کي ڇڏئي، سال ٿيڻ وارو ھئس يا ٿي ويو ھئس. ليڪن اڃان تائين به پرس جي کٽ کوٽ ڪندي، اگر اھا چاٻي سندس ھٿ کي لڳندي آهي ته سندس دل چوندي آھي ته ٽيڪسيءَ جو رخ، اوڏانھن ڦيرائي ڇڏي. چئي ڇڏي ٽيڪسيءَ واري کي ته؛ “ايڏانھن نه، ھيڏانھن ھل! مون ھاڻي ھاڻي، مڙس مٽي ڇڏيو آھي.” ٿورو ان ئي نموني، مڙس مٽيو ھو، ھِنَ. بلڪل ايئن ئي، ھلندي کائيندي… جيئن ڪو ٽيڪسي مٽائي وٺي. پورو سال گذري ويو آهي، ليڪن کيس اھو احساس ئي نه ٿيو آهي ته ڪو ھوءَ سڌير کي ڇڏي به چڪي آھي. ٽي ڪي ساڻس ججهو پيار ڪندو آھي. وڏو زنده دل ماڻهو آھي. ڏھاڙي ڪا نه ڪا شرارت سُجهندي آھي کيس ڪو نه ڪو نئون سرپرائيز ڏيندو اٿس… اچانڪ ھڪڙي شام جو نئين ڪار وٺي آيو؛ “ھل! توکي ڊرائيونگ سيکاريون. ڊرائيور مان رکندس ڪونه ۽ تون ٽيڪسين ۾ گهمندي وتين، اھو مون کي پسند ناھي. اڄ کان گاڏي پنھنجي پنھنجي…” ليڪن ھوءَ اڄ به ٽيڪسيءَ ۾ سفر ڪندي آھي. گاڏي، جڏھن به ھلايائين، ڪٿي نه ڪٿي ھڻي آئي. کانئس سنڀالجي ئي نٿي سگهجي. ھن پرڻي کان ڪجھ ڏھاڙا اڳي ئي ته چيو ھو ته مون کي سمنڊ ڏاڍو ڀلو لڳندو آھي. بس بنگلو وٺي ڇڏيائين، سمنڊ جي ڪناري سان. گاڏيءَ ۾ ويھاري چيائينس؛ “سيما! ھل توکي ھڪڙو سرپرائيز ٿا ڏيون.” بنگلو ڏيکاري چيائينس؛ “ھيءُ تنھنجو ويڊنگ گفٽ آھي.” ٽي ڪي، ڌرتي ٽڪڻ ئي نٿو ڏئي، ھن جي يادگيرين جي پيرن ھيٺان. وري سڌير! سڌير، پيرن جي ھيٺان واري ڌرتي لڏڻ به نه ڏيندو ھئس. ڊسيپلين! ڊيڊيڪيشن! صبح اٿڻ سان ئي پھريون ڪم ھو گرم پاڻيءَ ۾ لوڻ وجهي گَرڙا ڪيو! نڙيءَ ۽ آواز جي صفائي، پھرين ايڪسرسائيز ھئي… وقت تي ٿيٽر پھچو. پنھنجا مڪالما، پنھنجي ھٿن سان لکو، ياد ڪيو. بور ٿيڻ جي حد تائين مشق ڪرائيندو ھو. اسٽيج جي موومينٽ، ساھ کڻڻ ۽ ساھ واپس ڇڏڻ جي حد تائين فڪس ٿي ويندي ھئي. اداڪار ۽ اداڪارائون، فرنيچر جا ٽڪرڙا محسوس ٿيڻ لڳندا ھئا. ليڪن ڪنھن کي مجال آهي جو سڌير جي اڳيان ڪو ‘اف’ به ڪڍي. ميٿڊ ايڪٽنگ جو، مڙني کي سمجهائي ڇڏيندو. تنھن جي باوجود، شوءَ جي وقت، سندس اڻ تڻ ڏسڻ وٽان ھوندي ھئي. تماشائين کي، اڀ- پيرو بيھڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندو ھو. ليڪن ھيءَ بور ٿي وئي ھئي، سندس ٿيٽر مان. لڳندو ھئس ڄڻ ڪنھن ھيڊ ماستر سان پرڻي ھجي. گهر نه ھو، ڄڻ ڪلاس روم ھو. ھڪ ڏينھن، ھن ايئن ئي چئي ڇڏيو… “مان وار ڪٽرائي ڇڏيان! ننڍا ڪرائي ڇڏيان… ھي ڏس!” ھن وار ورائي، ڪلھن وٽ پڪڙي ٻڌايس. سڌير مرڪي، وڏي آرام سان چيو ھئس؛ “ته ‘عدالت جاري ھي’ ۾ ليلا بيناري جو ڇا ٿيندو ۽ ‘آڌي اڌوري’ ۾ ساوتريءَ جو ڇا ٿيندو.” ھيءَ چڙي وئي ھئس.. “ھر وقت پنھنجي ڊرامن جا ڪردار ئي ڏسندو آھين مون ۾. ڪڏھن مون کي به ڏٺو اٿئي؟!” سڌير ڪا مذاق ڪيس، پر ھن نه مڃيس.. “مان ڄاڻان ٿي، جيڪڏھن توکي ٿيٽر ۽ مون منجهان چونڊ ڪرڻي پئجي وئي ته تون پھرين ٿيٽر کي چونڊيندين. منھنجي جاءِ تي ٻي ھجي، اھو مون کي پسند ناھي.” سڌير، عادت سارو مرڪيو. ھن جي کاڏيءَ تي ھٿ رکي چيائينس؛ “سيما جان! اھو ئي سوال جيڪڏھن مان پنھنجي پاڻ کان ڪريان نه ته پوءِ به پھرين ٿيٽر چونڊيندس، پھرين ٿيٽر.. پوءِ تون… پوءِ مان!” ھوءَ ڪجھ چئي نه سگهي، پر کيس مُٺيان ضرور لڳي. سڌير جي خلوص ۽ سچائيءَ تي کيس ڪڏھن به شڪ نه ٿيو ھو. ليڪن ڪڏھن ڪڏھن سندس ڳالھين تي شڪ ٿي ويندو ھئس. ڪٿي اھي به مڪالما ته ناھن… سندس انداز ئي اھڙو ھو. گهر ۾ ڪڏھن لاھو چاڙھو محسوس ئي نه ٿيو. اسٽيج تي اھڙا اھڙا لاھا چاڙھا پيدا ڪرڻ وارو ماڻھو، گهر ۾ ايڏو بور ڇو آھي؟ ايڏو بي سوادو! ٿيٽر!.. ۽ ٿيٽر… ۽ بس! ھڪڙي دفعي سڌير ٻار جي تمنا، ظاھر ڪئي ھئس… ۽ ھن نٽائي ڇڏيو ھئس… “مون کي پيٽ ٿيڻ کان ڀئو ٿو ٿئي.” “ته پوءِ مان ٿو پيٽ سان ٿيان.” تنھن وقت سڌير، کلي ٽاري ڇڏيو ھئس. ليڪن اھا ھڪ ڏينھن پوءِ جي ڳالھ آھي. شايد ان ئي ڏينھن جي آھي، جنھن ڏينھن سڌير وارن ڪٽرائڻ جو ذڪر ڪيو ھئس. سڌير پنھنجا ڪاڳر پٽ، پينگهي ۾ رکي چئي رھيو ھئس؛ “تنھنجي مشڪل، خبر اٿئي ڇا آھي؟ تون بلانگنگ(belonging) کان ڊڄين ٿي. پيرن ۾ ڏاوڻ وجهڻ کان لھرائين ٿي. سڄي زندگيءَ لاءِ، ڪابه ڪمٽمينٽ(commitment) ڪرڻ نٿي چاھين. شفٽ ڪرڻ جي گنجائش، سدائين پاڻ وٽ رکڻ ٿي چاھين ته جيئن ڪنھن به طرف پاسو بدلائي وٺين. جڏھن مون سان ملي ھئينءَ ته ھڪڙي پينٽنگ واري اسڪول ۾ ويندي ھئينءَ. پوءِ پنڊت گري پرشاد کان راڳ سکڻ ويندي ھئينءَ. ھاڻي تان- پوري کي پئي پئي زنگ وٺي ويو آھي ليڪن.” اوچتو سندس پويان اچي بيھي رھيو؛ “اھو ڇا پئي ڪرين؟” ھوءَ آئيني آڏو ويھي آءِ برو پينسل سان، پنھنجي وات مٿان مُڇون ٺاھي رھي ھئي. مرڪي چيائينس؛ “مڇون ھڻي ٿي ڏسان ته ڪيئن ٿي لڳان. چڱو! مان جي مرد ھجان ھا ته؟…” ساڳئي سھپ ۽ ڇنڊ ڇاڻ واري لھجي ۾ سڌير چيو ھئس؛ “تنھنجي مشڪل شايد اھا ئي آھي.” ۽ پينگهي کي لوڏو ڏيندو ھليو ويو. “وڏو ڊرامي باز! ھونھ!” گهڻو ڦٿڙي سٿڙي، ھن سوچيو ھو… “چڱو! سدائين ڀلا صحيح جواب ڏيڻ ئي ضروري آھي ڇا؟ يا ھر ڳالھ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ؟ مون ڪي تجربا ڪري ته مڇون ڪو نه ٺاھيون ھيون. ماڻهو مذاق جو جواب مذاق سان به ڏئي سگهي ٿو. اھڙي ڪھڙي خرابي آھي، جو ماڻھو رڳو بائيبل لڳو گهمندو وتي.” ان ڏھاڙي تي سڌير کي صدمو ڏيڻ جي وڏي تمنا ھئس. گهڻي دير تائين، آئيني آڏو ويٺي رھي… ۽ جيستائين فون جي گهنٽيءَ ڪن مان پڪڙي اٿاريس نه، تيستائين ھوءَ اٿي نه. “ھيلو!…؟” ڪو رانگ نمبر ھو… “جيءُ! مان سوشيلا ته ناھيان. ٿورڙو گهٽ آھيان. شيلا! ھلندي؟” اڳيان واري ڪا اگهاڙي گار وھائي ڪڍيس. ھن به ٽھڪ ڏئي فون رکي. ھيانءَ تي پيل سڄو تور ئي ھلڪو ٿي ويس. پاڙي جو مُنڊُو، پنھنجو ڪدوءَ- رڳڙڻو وٺڻ آيس. پڇيائينس؛ “ڪدوءَ- رڳڙڻو ڇا ھوندو آھي؟” “جيءُ! ڪدوءَ کي رڳڙڻ وارو.” “ڇا ڪندين!؟” “ڪدو، رڳڙڻو اٿم.” جهٽ سوا لاءِ دل ۾ آيس ته ساڳي اگهاڙي گار ان مُنڊُوءَ جي ٻوٿ تي گهروڙي ڪڍي. مُنڊُو ويو ته ھلندي ھلندي، سمورا ڪپڙا لاھيندي، ڪمري ۾ اڇليندي، نپٽ نانگي ٿي، وھنجڻ خاني ۾ گهڙي وئي. ان ڏھاڙي، ٿيٽر ۾ سڌير کان دڙڪا مليا ھئس… اسڪرپٽ جي فائل مان ٽي صفحا گم ھئا. “ڪاڏي ويا؟” “خبر ناھي!” “خبر ناھي، مطلب؟” “خبر ناھي مطلب… خبر ناھي!” اچانڪ، بال وانگر سڌير جو ڪڙڪو ٿيو. ڇت سان ٺا ٿي، ڌو ھن جي ٻوٿ تي ٺڪاءُ ٿي ويو. “ته پوءِ ڪنھن کي خبر ھئڻ گهرجي؟ توکي يا مون کي؟” وڏي ڪاوڙ منجهان ھن پنھنجو اسڪرپٽ ھن جي ھٿن ۾ ٽُنبيندي چيو ھئس؛ “ھيءُ گهر ناھي، ٿيٽر آھي. گهر، بنا سيڌي پاڌي جي ھلي ويندو آھي. ٿيٽر، بنا اسڪرپٽ جي نه ھلندو آھي…” ڄاڻي واڻي ھوءَ ٿيٽر تان ئي، سڌو فلم ڏسڻ ھلي وئي ھئي. اڪيلي! پھرين سوچيو ھئائين ته ٿيٽر تان رخسانه کي وٺيو وڃي. ليڪن اھا وڏين ڇوڪرين وانگر ورتاءُ ڪندي ھئي ۽ وڏي چمچي آھي سڌير جي! فاروق کي چوڻ پئي چاھيائين. ليڪن ان کي سڌير، پروڊڪشن جي ڪنھن ڪم سان موڪلي ڇڏيو ھو. اڪيلي ئي ھلي وئي… آخري شو ۾. موٽي اچي، سڌير سان جاڳندي ۾ نه پئي ملڻ چاھيائين. سٺو ٿيو جو ٻنھي وٽ، پنھنجي پنھنجي چاٻي ھئي فليٽ جي. موٽي ته اڳيان ميز تي چائنيز کاڌن جا پيڪيٽ پيا ھئا. لڳي ٿو سڌير به ڪجھ نه کاڌو آھي. اندر ٽيوب ٻري پئي. غلام عليءَ جو غزل ٻڌڻ ۾ پئي آيو. کيس ڄاڻ ھئي ته سڌير ٻڌندي ٻڌندي، سمھي پيو ھوندو. کاڌو کڻي، فرج ۾ رکيائين. فائل کڻي شيلف ۾ رکيائين. ٽيپ رڪارڊر بند ڪيائين ۽ بتي وسائي، بالڪونيءَ ۾ وڃي ليٽي پئي. ٿڌي ٿڌي فرش تي… سمنڊ، پري ھو مگر ان جو شور ھيستائين ٻڌڻ ۾ ايندو ھو… ڪِچن جي نل کي ٽپ ٽپ، ٽپ ٽپ ڪندي ٻه مھينا کن ٿي چڪا ھئا. سڌير به ڪيترائي ڀيرا چئي چڪو ھو، ھوءَ به ڪيترا گهمرا چئي چڪي ھئي. ليڪن پلمبر کي ڪنھن نه چيو ھو. ھن جو خيال ھو ته اھي ٿوريون گهڻيون بنيادي خوبيون ھر مڙس جي اندر ھئڻ ضروري آھن. ڪوڪو ٺوڪڻ، فيوز ھڻڻ، بلب لڳائڻ، دوا جي شيشي کولڻ، ڪارڪ اڏائڻ… جيئن مڙس اھا اميد رکندو آھي ته سندس زال کي ماني پچائڻ يا بٽڻ ٽاڪڻ ايندو ئي ھوندو، سيما کي به اھا اميد ھئي ته سڌير ڪنھن ڏينھن شام جو اچي، اھو نل ٺيڪ ڪري ڇڏيندو. ھڪڙي شام جو ھن ڪوشش ڪئي ۽ ڪچن ۾ ٻوڏ ڪري ڇڏيائين. واشر ھو ئي نه. سڌير ڪوشش ڪئي ته ڪنھن طريقي سان ڪپڙي جي پٽي ويڙھي ڪم ڪڍي وٺي. سيما ھٿ ونڊائڻ لاءِ آيس ۽ وھي وئي نديءَ ۾، ڪپڙن سميت وھنجي وئي. ھٿ ڇڏائجي ته پاڻيءَ جي تُنِ وڃي ڇت کڻي. شور ڌار، مونجهارو ڌار. انھيءَ بارش جي ڦوھار ۾ سڌير جو، ڪاليج جي زماني جو دوست ٽي ڪي گهر آيو ھو… ڏاڍو بي تڪلف، زبان جو کليل ۽ پورو پلمبر! اھو به سڄو ڀِڄِي ويو، ليڪن ٻن منٽن ۾ نل ٺيڪ ڪري ڇڏيائين… سڌير، کيس مانيءَ تي سڏائي، وساري ويٺو ھو ۽ سيما اوچتي اچڻ تي وائڙي ٿي وئي. ٽي ڪي ڏاڍو بي تڪلف ماڻهو ھو. چيائين؛ “سيما! پريشان نه ٿي! پنجابين وانگر مُڪ سان بصر ڀڃي کارائيندينءَ ته به مزو اچي ويندو.” سڌير چيو؛ “ٻئي ئي گهرائڻا پوندا! گهر ۾ نه پنجابي آھي، نه بصر…” اھو مسئلو به ٽي ڪي حل ڪري ڇڏيو. چڱو ڀلو بورچي به ھو. ڪلاڪ کن ۾ ڪجھ نه ڪجھ پچائي تيار ڪيائين… سيما پڇيس؛ “۽ ٻيو ڇا ٿو اچي توھان کي؟” “بس ڳائڻ نه ايندو آھي. وڄائڻ سڀ ڪجھ ايندو آھي.” سڌير جي لٽن ۾ ٽي ڪي، سڌير جو ٻيو ورزن(Version) لڳي رھيو ھو. ٿورو ٿورو، کل مذاق سان ڏٽيل! کيس ياد نه ھو ته ان کان اڳي ڪڏھن ايڏو کلي ھجي، ان گهر ۾. ھن سڌير کي چيو ھو؛ “وڏو بي تڪلف دوست آھي، تنھنجو. ھن کان اڳي ته ڪڏھن، ڪنھن کي توسان مذاق ڪندي نه ڏٺو آھي. ٿيٽر ۾ ته سمورا سب آرڊينيٽ وانگرbehave ٿا ڪن.” سڌير، ڪتاب مان ٻوٿ ڪڍي ڏٺس ته ھن ڦھڪائي ڏنس… “مان به!” ۽ پاسو ورائي ڇڏيائين. ٽي ڪي سڌير جا لٽا موٽائي ڏيڻ آيو ته گهر اچڻ جي دعوت ڏنائين… سڌير، گهڻو مصروف ھو، پنھنجي پروڊڪشن ۾! “آڌي اڌوري” جي تياري ھلي رھي ھئي. ان چئي ڇڏيو ھئس؛ “تون ھلي وڃجانءِ! مان ٿيٽر مان سڌو اتي پھچي ويندس.” سڌير جي پڄڻ کان پھرين، ٽي ڪي سان شيمپيئن تي “چيئرز” چئي چڪي ھئي. ٽي ڪي ان ڏھاڙي به ڏاڍو کلايو ھو، کيس. ٽي ڪي مذاق ڪيس… “سڌير پنھنجي زال جو خيال ڪر! نه ته ڪنھن ڏينھن ڀڄي ويندئي…” “مون کي ساڻ کڻي ته پوءِ جتي مرضي چويس ڀڄي ھلي!” ٻنھي مذاق ڪئي ھئي ۽ ٻئي سچا نڪتا. “آڌي اڌوري” جي ريڊنگ دوران ۾ ٿيٽر ڇڏي ڏنو، ھن… وري ساڳيو ئي جهيڙو مڙني آڏو… سڌير ڊرامي جي سٽ پڙھي رھيو ھو: “۽ اڳيان آيو جڳ موھن، وڏا واسطا، زبان ۾ مٺاڻ، ٽپ ٽاپ رھڻ واري عادت، خرچ ڪرڻ ۾ درياھ دل… ۽ تو سوچيو، مھندر جي جاءِ تي جڳ موھن ھجي ھا، ڪيڏو نه ڀلو ٿئي ھا. حالانڪه ايئن آھي ته مھندر جي جاءِ تي ٻيو ڪو ھجي ھا ته تون اھو ئي سمجهين ھا ته تو غلط ماڻهوءَ سان شادي ڪئي آھي. ڇو جو تو وٽ جيئڻ جو مطلب وڃي رھيو آھي؛ گهڻو ڪجھ حاصل ڪرڻ، گهڻو ڪجھ ريڙهي رکڻ، گهڻو ڪجھ پاڻ سان ويڙهي جيئڻ…!” اڳيان ھن جا مڪالما ھئا. سڌير ٻه ڀيرا ڪيو ڪري کيس ڌڪيو ھو. “ليڪن خبر ناھي الائي ڇو منھنجو ڌيان ٽي ڪي تي اٽڪيو بيٺو ھو. مون کي لڳو پئي ته سڌير جڳ موھن جي نه ٽي ڪي جي ڳالھ ڪري، مون کي طعنا ڏئي رھيو ھو.” ليڪن اھي سٽون ته اسڪرپٽ ۾ موجود ڪونه ھيون. موھن راڪيش جو اھو ڊرامو، ھوءَ اڳي به پڙھي چڪي ھئي. ٽي ڪي سان ملڻ کان به اڳي. جيئن جيئن ريھرسلون وڌنديون ويون، ھن جي ٽائيمنگس(Timings) ٽٽندي وئي… سڌير ھڪ ڏينھن سڀني جي آڏو ڦاٽي پيو… ھن به اڳيان کُتو جواب ڏنس. “مڙني جي اڳيان مون تي گَرندو نه ڪر! مان تنھنجي رڳو آرٽسٽ نه، پر زال به آھيان.” “زال ھوندينءَ، گهر ۾. ھتي، جيئن سڀ آھن، تيئن تون آن!” مان نٿي رھي سگهان ھتي مڙني وانگر، گونگي گانءِ ٿي. مڙئي ائين ٿا ڏسنئي پيا ڄڻ ڊائريڪٽر نه ھجين ڪو اوتار پيدا ٿيو ھجين.” سڌير، ان جملي تي، کيس حيرت مان ڏٺو ھو. ۽ ھن فائل ٺڙاڪ سان اڇلي ڦٽو ڪيو ھو؛ “مون کي ناھي ڪرڻو، ھيءُ ڊرامو.. مان تنھنجي ٿيٽر مان بور ٿي وئي آھيان…” سڌير جو آواز، جهيڻو ٿي ويو؛ “گهر ۾ آھين ته توکي گهر ٿو بور ڪري. ٿيٽر ۾ آھين ته توکي ٿيٽر ٿو بور ڪري… تون سدائين اتي رھڻ چاھيندي آھين، جتي نه ھوندي آھين، جتي آھين، اتي ڪڏھن به مطمئن ناھين… ٻيو ته توکي پاڻ کي ئي خبر ناھي ته تون ڪٿي آھين. ڪٿي رھڻ ٿي چاھين…” مٿان حيرت جي ڳالھ اھا ٿي جو، بجاءِ ھن جي، وچان سڌير ٿيٽر ڇڏي، ٻاھر نڪري ويو. پوءِ ھفتن تائين سندن وچ ۾ ڪا ڳالھ ٻولھ نه ٿي. گهٽ ۾ گهٽ، ٿيٽر بابت ته صفا نه ٿي… پھرين پھرين ته ھوءَ ٽي ڪي کي فون ڪري وٺندي ھئي. پوءِ ٽي ڪي فونون ڪرڻ لڳس… اھو گهران وٺي به ويندو ھئس.. خبر ناھي ڪڏھن کان ۽ ڪھڙيءَ طرح، ھي ٻئي انھن ملاقاتن کي سڌير کان لڪائيندا ھئا. ھن کي ڄاڻ ھئي ته سڌير شڪي مزاج ماڻھو ناھي، ليڪن جيڪڏھن ٽي ڪي جي ڀاڪر ۾ کيس ڏسي وٺندو ته ڇا ڪندو؟ کيس ٽي ڪي جي فليٽ مان نڪرندي ڏسي وٺي ته ڇا پڇندس به ڪو نه؟ پڇيائين ته کيس خراب لڳندو. “مون تي شڪ ٿو ڪرين؟” نه پڇيائينس ته اڃان خراب لڳندس. “ايترو مون کان لاتعلق آھين.” ٽي ڪي کيس چيلھ وٽان پڪڙيو بيٺو ھو، جڏھن چاٻي ھڻي دروازو ڌڪي، ٻئي ڄڻا پنھنجي فليٽ اندر داخل ٿيا ھئا. سڌير، نڪ- سامھون بيٺو ھئن. ٻئي ھڪا ٻڪا ٿي ويا… سڌير جي چھري تي ھو ڪجھ به پڙھي نه سگهيا… ٽي ڪي ڏاڍو نارمل رھڻ جي ڪوشش ڪئي؛ “ڇا ٿو ڪرين اڄڪلھ؟ ڪنھن ڊرامي ۾ مصروف آھين؟” “ھڪڙي پرسنل ڊرامي ۾ ڦاٿل آھيان.” “مطلب؟” “مطلب ھيءُ آھي ته… ويھي رھ سيما…” ھوءَ گهٻرائجي وئي. سڌير ورائي پنھنجي لائين دھرائي؛ “ڊرامو ڪنھن ٻئي جو آھي. مان ھرو ڀرو وچ ۾ اچي ويو آھيان.” “مطلب؟” “مطلب ھيءُ آھي ته… اسان وٽ ھڪڙو مسٽر مڪرجي آھي…” “ڪير مڪرجي؟” ھن پڇيس. “ھڪڙو آھي.. توکي شايد ياد ناھي. خبر ناھي، ھن ۾ ڪا ياد رکڻ جھڙي ڳالھ آھي به يا نه. ليڪن اڪثر ھو پنھنجي سھڻي زال جي ڪري ياد رھجي ويندو آھي، ماڻھن کي. ھوءَ سھڻي به آھي، ذھين به آھي ۽ ٿيو ايئن آھي جو ڪو سندس عشق ۾ اڙجي ويو آھي يا ايئن سمجھ ته ھوءَ ڪنھن جي عشق ۾ اڙجي وئي آھي.” ٽي ڪي ۽ سيما جون اُڇاتريون نگاھون مليون ۽ جدا ٿي ويون. سڌير ڄڻ، ڊرامو سمجهائيندو ھجي. “وري عشق نڀاڳو اھڙي شيءِ آھي، جيڪو چڱن ڀلن جي پيرن ھيٺان زمين کسڪائي وٺندو آھي. لڳي ٿو عشق ۽ عشق ئي، زندگيءَ جي حاصلات آھي. باقي ٻيا فن، آرٽ ۽ ٽيلينٽ ته سينگاري رکڻ جون شيون آھن. آھن ته آھن، ناھن ته ڇا ٿي پيو؟” وري ساڳيو بائيبل…. تجزيو… ھن ڳالھ ڪٽيس… “پر مڪرجيءَ جو ڪھڙو مسئلو آھي؟” “ان جو مسئلو اھو آھي ته ٻڻڪ پئجي وئي اٿس ۽ اھو ڄاڻڻ ٿو گهري ته ھو ڇا ڪري؟ چپ ويٺو ھجي؟ ٿيڻ ڏئي، جيڪو ٿئي پيو ٿو؟ يا زال کي ڇڏي ڏئي؟ گهران ڪڍي ڇڏينس؟ ڇا ڪري؟” ھوريان ھوريان سڌير جو آواز گهوگهرجڻ لڳو ھو. ٽي ڪي ۽ سيما، ٻنھي سمجهيو پئي ته سڌير ڇا پيو چوي. ڊرامي جي ھڪڙي ڪردار، اٿي نڪري وڃڻ ئي مناسب سمجهيو. ليڪن سڌير، ٿڌي مگر اڍنگي لھجي ۾ ويھاري ڇڏيو کيس؛ “ويھي رھ ٽي ڪي! تون به ڪو ٻارڙو ناھين. تون سمجهين پيو ٿو، جيڪو مان چوان ٿو پيو. “سڌير چيو ھئس…” ڏس! قانوني طور تي ڪير به مڙس ناھي ھوندو. قانوني طور تي ڪابه زال ناھي ھوندي. اسان اجايو سجايو انھن رشتن تي قانون جا ٺپا پيا ھڻندا آھيون. انھن ٺپن سان راشن ڪارڊ ته ٺھي سگهن ٿا، رشتا نه.” سڌير جي آواز ۾ پھريون دفعو ھن ڪاوڙ ۽ ڳوڙهن جو ڳانڍاپو ڏٺو ھو. ھو گهوگهريل نڙيءَ سان چئي رھيو ھو… “اڄ تائين ڪو ڪنھن ايندڙ کان نه لنوائي سگهيو آهي ۽ نه وري ڪنھن ويندڙ کي سُڪَ ڪري سگهيو آھي. ٻيو ته مان پنھنجي ڇاتيءَ ۾ اھو ڪينسر وجهي نٿو گهمي سگهان. جيڪڏھن اوھان ٻئي فلرٽ نه پيا ڪيو، ھڪ ٻئي کي دوکو نه پيا ڏيو، سچ پچ ۾ ھڪ ٻئي کي چاھيو ٿا ته ھٿ پڪڙيو ۽ نڪري وڃو ھن گهر مان! ٽري وڃو!” سڌير جا ڳوڙها ڳڙي پيا ھئا. ھن جي دل گهريو پئي ته اٿي، کيس پڪڙي وٺي، ٻک وجهيس، مگر عين ان وقت ٽيليفون جي گهنٽي وڳي ھئي ۽ سڌير ڪاوڙ منجهان ان کي لت وھائي ڪڍي ھئي. فرش تي ڪريل رسيور مان ڪو ھيلو ھيلو جا ميڪٽ ڪري رھيو ھو. سڌير ٻاھر وارو دروازو کولي، بيھي رھيو. سندس آواز ڏوگهرجي ويو ھو؛ “مان… مان اوھان ٻنھي جو فيصلو ٻڌڻ ٿو چاھيان… ھاڻي جو ھاڻي… ھن وقت.” ٽي ڪي سان پرڻي کانپوءِ ستت ئي ھن وار ڪٽرائي ڇڏيا ھئا. دراصل ھن “ليلا بيناري” ۽ “ساوتري” جا ورا ڪٽيا ھئا. ھن، ٿيٽر کي وسارڻ پئي چاھيو، مگر سڌير کي وساري نه سگهي. ٽي ڪي کيس “ڪوچين” وٺي ويو، جتي سندس فشنگ ٽرالر ھلندا ھئا. اٺ اٺ، ڏھ ڏھ ڏينھن سمنڊ ۾ رھڻ، بلڪل ئي نئون تجربو ھو. ٽي ڪي مذاق ڪندو ھئس؛ “سمنڊ ۾ رھي، تون اڃان به سلوڻي ٿي پئي آھين.” جنھن ڏھاڙي سندس اکين ۾ ترندڙ ڳوڙها ڏٺا ھئائين، ڀر ۾ ويھي رھيو ھئس. چھرو، ٻڪ ۾ جهليندي چيو ھئائينس… “انھن ڳوڙهن ۾ سڌير جو چھرو نظر ٿو اچي، ھان نه؟” “ھا!” ھن ھاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو ھو. “سيما ڪو جهيڙو جهٽو ٿي پوي، ڪا ٺِڙ ڦِٺڙ ٿي پوي ته ڪيڏو نه سھنجو ٿي پوندو آھي، رشتو ٽوڙڻ ۽ وساري ڇڏڻ ڪنھن کي. ليڪن سڌير پنھنجي پڪڙ کي ائين ڍرو ڪري، اسان کي سدا لاءِ ٻڌي ڇڏيو آھي. انھيءَ سڄي ماجرا جو مجرم، مان ئي آھيان. ليڪن اھو جرم ته مون کان اوس ٿيڻو ئي ھو. تون جتي به ملين ھا، جڏھن به ملين ھا، مان اھو ئي ڪيان ھا.” ٽي ڪي جي محبت ۾ ڪو مَيرُ نه ھو. ڪوچين کان موٽيا ته ھڪڙو ٻيو واقعو ٿي پيو. صبح صبح جو جيئن ئي اٿي ته گرڙن جو آواز ڪنن تي پيس. ھنڌ تان ٽپ ڏئي اٿي ۽ وھنجڻ خاني ۾ پھچي وئي. ٽي ڪي گرڙا ڪري رھيو ھو… “اھو ڇا پيو ڪرين؟” “گرڙا! نڙيءَ ۾ ٿوري خارش ٿي پئي آھي.” لوڻ مليل گرم پاڻي، ھن واش بيسن ۾ نائي ڇڏيو؛ “ڪا ضرورت ناھي گرڙن جي. ھل! مان دوا گهرائي ٿي ڏيانءِ.” ٿڏي تي پنھنجي ڊاڪٽر کي فون ڪيائين. ٽي ڪي ڪن جي ويجهو، بيھي کنگهندو رھيس ۽ ورچائيندو رھيس. ڊاڪٽر صاحب، ستت نه پھتو. شايد ڪٿي مصروف ھوندو. ٽي ڪي آفيس ھليو ويو. شام ڌاري ھوءَ ڊاڪٽر صاحب جي ڊسپينسريءَ تي ھلي وئي. ڊاڪٽر صاحب کيس ڏسي چيو… “مان ويو ھئس ڀائي! ڏسي آيو آھيان سڌير کي. ساڳي پراڻي ٽونڪر اٿس ڪلين(Tonsils) جي.” ھوءَ سُن ٿي وئي. صبح، ڊاڪٽر کي اھو ٻڌائڻ ئي وساري ويٺي ھئي ته ھاڻي ھوءَ انھيءَ گهر ۾ ناھي ۽ لڳو پئي ته سڌير به ساڻس اھا ڳالھ نه چوري آھي. “منھنجو ته خيال آھي ته ڪلين جو آپريشن ڪرائي ڇڏيوس. منھنجي ته مڃيائين ڪو نه.. چيائين پئي؛ سيما کان پڇي ٻڌائيندس. تون ٿورو ھوڏ ٻڌندينئس ته مڃي ويندو.” سڌير مور نه مڃيندو، ھيءَ ڄاڻندي ھئي. اھو ائين پيو جِهڄندو رھندو، ليڪن پنھنجي ڪلين جو ڪجھ نه ڪندو. آپريشن ته موراڳو نه! ان معاملي ۾ ھو ڏاڍو ڊڄڻو آھي. کيس ياد آھي ته ڪلين تي گلسرين لڳائڻ سان ھن ڪيڏو نه مانڌاڻ مچايو ھو. سندس ڇاتيءَ تي چڙھي، ٻنھي ٻانھن کي ٽنگن ۾ ڦاسائي، ھن ڌمڪي ڏني ھئس… “آرام سان گلسرين ھڻاءِ، ورنه ته پوري شيشي ڪاڪڙي ۾ نائينديسانءِ!… کول!… وات کول…” ٽيڪسي، سندس بنگلي تي اچي بيٺي. ٽيڪسيءَ کي پئسا ڏيڻ لاءِ ھن پرس ۾ ھٿ وڌو ته وري ساڳي چاٻي! وري ھٿ ۾ کڄي آئي! دربان، ٽيڪسيءَ جو دروازو کوليو ۽ اطلاع ڏنائينس ته؛ “صاحب جي ڪوچين مان فون آئي ھئي. اڄ ھو نه ايندو، رات جو وري فون ڪندو.” پئسا ڳڻيندي ڳڻيندي، ھوءَ رڪجي وئي. ڪو خيال آيس… دربان کي چيائين… “مان ٿوري جهٽ ۾ اچان ٿي.” ۽ ٽيڪسي سڌير جي گهر ڏانھن موٽرايائين. اچانڪ گهڻا ئي ڀوَ، مغز ۾ موٽي آيس. سڌير ڇا سمجهندو؟ ڪيئن ملندو، ساڻس؟ اڄ ئي ھن ٻڌو ھو ته سڌير جي طبيعت ٺيڪ ناھي. انھيءَ ھڪڙي سال ۾ يا سال کان وڌيڪ عرصي ۾ ھڪ ڀيرو ئي ڏٺو ھو، ھن سڌير کي. جڏھن مارڪيٽ ۾ ھوءَ ٽيڪسيءَ مان لٿي ھئي ۽ سڌير ساڳي ٽيڪسي وٺڻ لاءِ اڳيان وڌيو ھو. ھن وٽ سئو جو نوٽ ھو. ٽيڪسي ڊرائيور ڪجھ چوڻ چاھيو پئي ته سڌير کيس دڙڪو ڏيئي چپ ڪرائي ڇڏيو ۽ ھن کي چيائين… “تون وڃ! مان ڏئي ڇڏيندومانس.” ۽ ٽيڪسي ڪرايو نڪتو ھليو ويو. ان کانپوءِ اڄ وري ٽيڪسي سڌير جي گهر وٽ اچي بيٺي. ھوءَ لفٽ ذريعي مٿي وئي ۽ جهٽ گهڙي دروازي جي اڳيان چپ چاپ بيٺي رھي. ھڪڙو ڀيرو دروازي سان ڪن لائي ٻڌائين به. ليڪن ڪو آواز ٻڌڻ ۾ نه آيو… شايد سڌير، گهر ۾ نه ھو. پاڙي جو دروازو کليو ۽ مُنڊُو؛ “نمستي! ميم صاحب!” چوندو، تڪڙو تڪڙو ڏاڪڻين تان ھيٺ لھي ويو. لفٽ، ائين ئي بيٺي ھئي. وڏي ھمت کان ڪم وٺندي، ھن دروازي ۾ چاٻي ڦيرائي، دروازو کوليو ۽ اندر وڃي بيھي رھي. سموريون شيون ائين جو ائين ئي پيون ھيون، پر ٿورو اڃان وڌيڪ وکريل. ھوءَ زمين تي ڪريل ڪشن کڻي ئي رھي ھئي ته سڌير جي ڪمري مان ڪنھن جي کلڻ جو آواز آيو. ڪنھن ڇوڪريءَ جو ھو. “وڃي لڳراءِ نه! دوا لڳراءِ ڪلين تي! ڏس! چڱيان لڳرائجانءِ نه ته…” ان کانپوءِ سڌير جي کنگهڻ جو آواز… ۽ ڇوڪريءَ جي کلڻ جو! سيما تڪڙ ۾ مڙي ۽ پنھنجي پويان دروازو بند ڪندي لفٽ ۾ گهڙي وئي… لفٽ، ھيٺ ھلڻ لڳي، پوءِ ھن کي خيال آيو ته گهر جي چاٻي ته اتي دروازي ۾ لڳل ئي رھجي وئي… رھجي وئي نيٺ… چڱو ٿيو، ھاڻي پرس مان ڪا شيءِ ڳوليندي، سندس ھٿ کي نه لڳندي. *** Post Views: 71