دنيا جي پائيدار ترين جيڪٽ جيڪا فولاد کان به وڌيڪ مضبوط آهي

حيرت انگيز شيون ٺاهڻ واري برطانوي اسٽارٽ اپ ڪمپني “وول بيڪ” (Vollebak) هڪ نئين جيڪيٽ پيش ڪئي آهي، جنهن جي باري ۾ ان جي دعويٰ آهي ته اها فولاد کان به 15 ڀيرا وڌيڪ مضبوط آهي. ان جي تياري ۾ جيڪو ڪپڙو استعمال ٿيو آهي اهو “ڊائنيما” چورائڻ واري ڌاڳي مان ٺاهيو ويو آهي. جڏهن ته ڊائنيما اهو ريشو آهي جنهن کي بلٽ پروف جيڪٽون، ڌماڪي کان محفوظ فوجي گاڏين، بحري جهازن ۾ وزني سامان جهلڻ واري رسين ۽ تيل جي کوهن ۾ ديوقامت فولادي برمن پڪڙڻ جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. هي ريشو فولاد کان 15 دفعا وڌيڪ مضبوط آهي. ان لاءِ “وول بيڪ” جو چوڻ آهي ته ان مان ٺاهيل جيڪٽ به فولاد کان وڌيڪ مضبوط آهي. غير معمولي پائيداري ۽ مضبوطي جي ڪري ان نئين جيڪٽ کي “ان ڊسٽرڪٽيبل پفر” جو نالو ڏنو ويو آهي. جنهن مان مراد آهي ته هي نرم ۽ ڦوڪيل جيڪٽ آهي جنهن کي نه ڦاڙي سگهجي ٿو ۽ نه ئي ان ۾ ڪو سوراخ ڪرڻ ممڪن هوندو. هونئن ته هن جو وزن 2.5 ڪلو گرام آهي جيڪو ڪنهن ٻي پفر جيڪٽ جيترو ئي آهي، پر پنهنجي مضبوطي ۽ پائيداري ۾ هي بيمثال آهي. هي جيڪٽ ايتري مضبوط آهي جو فوجي استعمال جو تيز ڌار چاقو به ان ۾ سوراخ نٿو ڪري سگهي. پنهنجي اها دعويٰ ثابت ڪرڻ لاءِ “وول بيڪ” هڪ مختصر وڊيو به جاري ڪئي آهي. هيءَ ڪمپني ٻن هم شڪل جاڙن برطانوي ڀائرن نڪ ۽ اسٽيو ٽڊبال قائم ڪئي آهي، جيڪي ٻين شعبن وانگر مصنوعات جي صنعت کي به مستقبل سان ڳنڍڻ چاهين ٿا. ان ڪمپني جو چوڻ آهي ته “ان ڊسٽرڪٽيبل پفر” نه صرف ڪلاشنڪوف جي گولي کي روڪي سگهندي آهي، پر هي شديد سيءُ ۾ به توهان جي جسم کي گرم رکندي. ان جي ابتدائي قيمت 995 ڊالر رکي وئي آهي، جيڪا پاڪستاني ڏيڍ لک رپين کان به وڌيڪ ٿئي ٿي.