بنا لائسنس گاڏي هلائڻ وارن تي 10 هزار ڏنڊ لڳندو: بل منظور

سينيٽ نيشنل هاءِ ويز سيفٽي ترميمي بل 2019ع جي مواصلات واري اسٽينڊنگ ڪاميٽي منظوري ڏئي ڇڏي. بل موجب بنا لائسنس گاڏي هلائڻ وارن تي 10 هزارن تائين ڏنڊ، اوور اسپيڊ تي 5 کان 10 هزار ۽ ڪارن شيشن واري گاڏي هلائڻ تي 500 کان 2000 رپين جو ڏنڊ لڳندو. جڏهن ته شراب پي ڊرائيونگ ڪرڻ تي 10 هزار کان وڌائي 50 هزار تائين ڏنڊ جي تجويز آهي. سينيٽر گيانچند ميگهواڙ چيو ته هلڪو پيئڻ کانپوءِ ڊرائيورنگ سٺي ٿئي ٿي
