پاڪستانخاصنيو‍‍ز

سپريم ڪورٽ جي ملازمن جي تفصيلن جي فراهمي واري درخواست ٻڌڻيءَ لاءِ منظور

سپريم ڪورٽ آف پاڪستان رائيٽ ٽو انفارميشن ايڪٽ تحت پنهنجن ملازمن جي تفصيلن جي فراهمي جي درخواست منظور ڪري ورتي. عدالت رجسٽرار آفيس کي سپريم ڪورٽ جي ملازمن جي معلومات 7 ڏينهن ۾ فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ حڪم ڏيندي چيو ته رجسٽرار سپريم ڪورٽ 7 ڏينهن ۾ معلومات درخواستگذار کي فراهم ڪندو. جسٽس اطهر من الله فيصلي ۾ اضافي نوٽ به تحرير ڪيو آهي.

فيصلي ۾ عدالتِ عظميٰ چيو آهي ته رائٽ ٽو انفارميشن ايڪٽ جو اطلاق سپريم ڪورٽ تي نٿو ٿئي، آرٽيڪل 19 اي جي تحت معلومات تائين رسائي شهرين جو حق آهي. سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ چيو آهي ته معلومات جي حصول جي گهر ڪرڻ وارن تي سبب ڄاڻائڻ لازم آهي. درخواستگذار کي انٽراڪورٽ اپيل ۽ سپريم ڪورٽ ۾ اپيل لاءِ جمع ڪرايل في واپس ڪئي وڃي، فيصلي کي اردو ۾ به جاري ڪيو ويندو. معلومات فراهم ڪرڻ وارو سببن جي جائزي وٺڻ جو پابند آهي. واضح رهي ته سپريم ڪورٽ 27 ڊسمبر تي درخواستگذار مختار احمد ۽ اٽارني جنرل جا دليل ٻڌي فيصلو محفوظ ڪيو هو.