خاص

فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ ڪيس: چيف جسٽس جي ڊسٽريبيوشن ڪمپنين جي وڪيل کي دڙڪا

چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ فيول پرائس ايڊجسمينٽ جي سماعت دوران ڊسٽريبيوشن ڪمپنين جي وڪيل کي دڙڪا ڏيندي ريمارڪس ۾ چيو ته هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف 1 هزار کان وڌيڪ اپيلون دائر ٿيون آهن، توهان پنهنجن دليلن ۾ 1 هزار 90 نمبر جي درخواست جو حوالو ڏئي رهيا آهيو. توهان کي گهربو هو ته ڪورٽ اسٽاف کي دليلن کان پهرين ٻڌائي ڇڏيو ها، دليلن دوران هزار کان وڌيڪ درخواستن مان ان نمبر جي درخواست ڪڍڻ آسان ڪم ناهي. پروفيشنلزم ته ڄڻ ختم ٿي ويو آهي، روسٽرم تي اچي تقريرون ڪبيون آهن. چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته ڇا ڪنهن اپيل جو ٻڌڻ لائق هجڻ تي اعتراض آهي؟ ڪنهن کي اعتراض ناهي ته ميرٽ تي دليل ڏيو، اپيلن ۾ هڪ درخواست ناهي، مختلف قسمن جون درخواستون ٿيل آهن. اٽارني جنرل چيو ته ڊسٽريبيوشن ڪمپنين طرفان وڪيل منور سلام دليل ڏيندو ۽ نيپرا جي وڪالت ايڊووڪيٽ عمر اسلم ڪري رهيو آهي، عدالت جي معاونت ۽ فيڊريشن جي نمائندگي اٽارني جنرل آفيس ڪندو.