ايڊيٽوريلنئون

ڪانڪريٽ جي جهنگ ڪراچيءَ جي بقا جو نسخو

ڪراچي جيڪو ڪنهن وقت ۾ روشنين جو شهر سڏيو ويندو هو، هاڻي نه روشنين جو شهر رهيو آهي ۽ نه ئي سندس خوبصورتيءَ جي ڀيٽ پيرس سان ڪري سگهجي ٿي. بدقسمتي سان هڪ اهڙي ڪانڪريٽ جي جهنگ ۾ تبديل ٿي چڪو آهي، جتي هر ايندڙ اونهارو پنهنجي گرمي پد ۾ نئون رڪارڊ قائم ڪري رهيو آهي. بنا پلاننگ جي وڌندڙ آبادي، شهر جي بي ترتيب واڌ، صنعتي گدلاڻ ۽ وڻن جي بي رحماڻي ڪٽائي هن شهر کي هڪ اهڙي جهنگ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جتي هاڻي انسانن جو صحتمند رهڻ ناممڪن ٿي چڪو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي گاڌيءَ جو هنڌ هڪ گرم ٻيٽ بڻجي چڪو آهي. جتي سيمينٽ جون بلند عمارتون، ڏامر جا رستا سج جي تپش کي ڏينهن جو جذب ڪن ٿا ۽ رات جو ٻاهر ڪڍن ٿا، جنهن سان شهرين جو ساهه منجهڻ لڳي ٿو. اسان کي تسيلم ڪرڻ گهرجي ته اسان ماحولياتي تباهيءَ کي هٿي وٺرائي آهي ۽ ان جي سڌاري لاءِ تمام معمولي ڪم ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ سنڌ حڪومت جي طرف کان ماحولياتي ماهر مسعود لوهار جو ڪم ڪراچيءَ جي شهرين لاءِ هڪ وڏو رليف آهي. هن ڪلفٽن جي ساحلي پٽي تي لڳ ڀڳ 200 ايڪڙن جي هڪ ڪچري جي ڍير کي هڪ گهاٽي ۽ خوبصورت شهري ٻيلي ۾ تبديل ڪري ڏيکاريو آهي.

هيستائين هن لڳ ڀڳ مختلف قسمن جا 8 لک وڻ پوکيا آهن. جنهن جي نتيجي ۾ ان علائقي جو گرمي پد شهر جي ٻين حصن جي ڀيٽ ۾ 3 کان 5 ڊگري سينٽي گريڊ گهٽ رهي ٿو. اهو ساحلي ٽڪرو پوري شهر لاءِ هڪ رول ماڊل بڻائي سگهجي ٿو. جنهن تي مسعود لوهار هڪ جاپاني ماحولياتي سائنسدان ڊاڪٽر اڪيرا ميا واڪي جي ماڊل تي ڪم ڪيو آهي. ميا واڪي طريقي تحت ڪنهن به جاءِ تي 10 ڀيرا وڌيڪ واڌ ويجهه سان وڻ پوکي سگهجن ٿا ۽ 20 کان 30 سالن اندر هڪ شاندار ٻيلو تيار ڪري سگهجي ٿو. هن طريقي سان وڻ تمام ويجها پوکيا ويندا آهن، جنهن جي ڪري ٻيلو گهاٽو ٿيندو آهي. جنهن ۾ 100 سيڪڙو ديسي وڻ پوکيا ويندا آهن. شروعاتي ٻن کان ٽن سالن تائين وڻن کي پاڻي ڏيڻ ۽ سارسنڀال جي ضرورت پوندي آهي، ان کانپوءِ اهي وڻ پاڻڀرو ٿي پنهنجي واڌ ويجهه ڪندا آهن. پهرين مرحلي ۾ مٽيءَ جو معائنو ڪيو ويندو آهي، مٽيءَ کي نرم ۽ زرخيز ڪرڻ لاءِ ان ۾ قدرتي شيون ملايون وينديون آهن جنهن سان آرگينڪ ڀاڻ تيار ٿيندو آهي ۽ پوءِ چانورن جو تُهه وجهي ان کي نرم رکڻ ۽ پاڻي جذب ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ڪئي ويندي آهي. جنهن ۾ مقامي وڻن جي چونڊ ڪري اهڙا وڻ لڳايا ويندا آهن جنهن سان ٻيلو گهاٽو ٿي پوندو آهي. وڻن جي ترتيب ۾ پهرين نمبر تي ننڍا پوءِ وچولي قد جا ۽ پوءِ ڊگهي قد جا ۽ آخر ۾ اهي وڻ جن جي ڇٽي گهاٽي ۽ قد ڊگهو هوندو آهي لڳايا ويندا آهن. هن ماڊل تي تيار ڪيل ٻيلي ۾ نباتياتي گهڻ رخي زندگي جنهن ۾ ماکيءَ جون مکيون، پوپٽ ۽ ننڍڙا جيو جيڪي اسان جي زراعت لاءِ ضروري هوندا آهن پيدا ٿيندا آهن. هي ٻيلو اهڙو ته گهاٽو هوندو آهي جو ان جي اندر ٻاهرين زندگيءَ جو گوڙ ۽ مٽي شامل نه ٿي سگهندا آهن. مسعود لوهار به هن طريقي سان هڪ پاڪٽ فاريسٽ لڳائي شهر کي آڪسيجن مهيا ڪري رهيو آهي. ڪراچي صرف سامونڊي ڪنارن يا پارڪن تائين محدود شهر ناهي، ڪراچي هڪ وڏو صنعتي زون پڻ آهي. جتان روزانو جي بنياد تي هزارين گيلن گندو پاڻي، زهريلو دونهون خارج ٿئي ٿو. ان لاءِ سنڌ انورائرنمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي ۽ صنعتي ايسوسئيشنون موجود هجڻ جي باوجود انهن جي ايس او پيز تي عمل نٿو ڪيو وڃي.

هن وقت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ صنعتي گدلاڻ کي گهٽائڻ ۽ گندي پاڻيءَ کي وري ٻيهر استعمال ڪري پنهنجن شهرن کي سرسبز بنائڻ لاءِ مياواڪي طريقو استعمال ڪيو آهي. جنهن لاءِ سخت ايس او پيز تي عمل ڪرڻ لازمي آهي. سينگاپور جهڙي گهڻ آباديءَ واري صنعتي ملڪ پنهنجي ايس او پيز ۾ اها ڳالهه لازمي بڻائي آهي ته هر صنعتي ۽ تجارتي عمارت جي هڪ مخصوص رقبي کي وڻڪار سان سائو رکڻ ضروري آهي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ سينگاپور کي باغن جو شهر چئجي ٿو. ان کان علاوه ڀارت جو شهر چنائي جيڪو صنعتي گدلاڻ جي پاڻيءَ کي ري سائيڪل ڪري ان کي زير زمين بند ٽينڪن ذريعي شهري ٻيلن تائين پهچائي صنعتي زونن جي ڀرسان ڪاميابي سان مياواڪي ٻيلا لڳائي چڪو آهي. جڏهن ته مصر جهڙو ريگستاني ملڪ به گندي پاڻيءَ جي ٽريٽمينٽ پلانٽن ذريعي وڻڪار کي ممڪن بڻائي رهيو آهي. ان کان علاوه يو اي اِي جنهن جي آبهوا ڪراچي سان ملندڙ جلندڙ آهي اتي به ريگستان کي گرين بيلٽس ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ اربين ڊالرن جا منصوبا هلي رهيا آهن. جنهن جي ڪري اتي تيزيءَ سان وڻڪار وڌي رهي آهي، گرمي پد گهٽجي رهيو آهي ۽ تمر جا وڻ پوکڻ لاءِ مڪمل طور تي ري سائيڪل ٿيل ويسٽ واٽر استعمال ٿي رهيو آهي. خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته هن وقت تائين ڪراچي جي اربن فاريسٽ ۾ موجوده مليل انگن اکرن مطابق 7 لک کان 8 لک وڻ ۽ ٻوٽا پوکيا ويا آهن. جنهن ۾ پيلو، تمر ۽ ٻيا مقامي ٻوٽا جن ۾ نم، ٻٻر، کٻڙ، ڪرڙ، ۽ زيتون شامل آهن. سنڌ حڪومت کي گهرجي ته ڪراچي طرف خا ص ڌيان ڏئي ان جي آبادي کي بي ترتيب وڌڻ کان بچايو وڃي ۽ اتان جي قدرتي ماحول جي بچاءُ ۽ اربن فاريسٽ کي وڌيڪ ڊولپ ڪرڻ لاءِ اڃان نوان منصوبا شروع ڪيا وڃن ته جيئن ڪراچي جيڪو هن وقت ماحولياتي گدلاڻ ۽ وڌندڙ گرمي پد کي منهن ڏئي رهيو آهي ان مان نڪري سگهي.