بلاگنئون

حيدر علي لغاري جي ڪتاب “اندر مُلهه املهه” جو هڪ جائزو

سنڌ جي سدا امر ڌرتي اڻ ڳڻيا انسان پنهنجي سڀاڳي ڪُک مان جنميا آهن، جن پنهنجي انيڪ قربانين، علمي لياقتن، ادبي فن پارن، ۽ سنڌ جي قديم تاريخ کي دنيا و جهان ماندان روشناس ڪرايو آهي، جتي سنڌ اهڙن هيرن کي پنهنجي بي انتها ممتا ۽ مٽيءَ جي محبت جو مان بخشيو آهي، اُتي انهن الله لوڪ عالمن، سالڪن ۽ سگهڙن پڻ سنڌ جي سينڌ کي سدائين سُرخرو ۽ سدا بهار رکيو آهي، اهڙن اڏول ۽ بيباڪ ڪردارن مان نواب حيدر علي لغاري پڻ هڪ سجاڳ ۽ سرويچ انسان هو.

سندس جنم 11 آگسٽ 1934 تي تاجپور ۾ نواب قمبر علي لغاري جي گهر ٿيو، سندن خاندان مان نواب ولي محمد لغاري ٽالپرن جي دور حڪومت ۾ وزيراعظم ٿي رهيو. بنيادي تعليم گورنمينٽ اسڪول تاجپور مان ورتائين، 1952 ۾ نور محمد اسڪول حيدرآباد مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. 1956 ۾ بي اي ۽ 1960 تي ايم بي مسلم ڪاليج حيدرآباد ڪيائين. 1961 تي بي ٽي سنڌ يونيورسٽي مان ڪيائين، علم ۽ ادب سان گهڻو چاهه رکندڙ هو، نواب خاندان جي چشم چراغ هوندي به هٺ، وڏائي، غرور کان پاسيرو هو، پنهنجي عملي زندگي جي شروعات 20 آگسٽ 1956 کان اسسٽنٽ ماستر طور ڪيائين. 1956 کان 1972 تائين گورنمينٽ ٽريننگ ڪاليج ميرپوربٺورو ۾ رهيو، ڪجهه عرصو سکر ۾ ته ڪجهه ٺٽي ۾ پڻ هيڊ ماستر ٿي رهيو، 1992 ۾ سن شهر جي هائر اسڪول جو پرنسپال ٿي رهيو، بيورو آف ڪريڪيولم ايڪشن ونگ جي عهدي تان ساڳي سال رٽائرمينٽ ورتائين. استادي پيشي سان گڏوگڏ ادبي سرگرمين سان پڻ سلهاڙيل رهيو، اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس فڪر انگيز مضمون، مقالا، خاڪا توڙِي شهر و شاعري شايع ٿيندا رهيا، سندس پهريون مضمون 1958 ۾ ملان اسڪول مخزن ۾ شايع ٿيو خاص ڪري مهراڻ ۾ سندس مضمون ايندا رهندا هئا، تصوف، ادبي تنقيد، لطيفيات، سياست، فلسفي، ڪلاسيڪل شاعري، ۽ ٻين موضوعن تي مهراڻ رسالي ۾ ڪافي مضمون ۽ تحقيقي مقالا شايع ٿيل آهن. مختلف موضوعن تي سندن هيٺيان ڪتاب لکيل مشهور آهن: ڪڇان ڪڄاڙو؟، سنڌي ڪتاب، اندر ملهه املهه، سوز و ساز لطيف جي نالي سان شايع ٿيا آهن. آخري ڪتاب جو اردو ترجو ميڊم شهناز شورو صاحبه  ڪيو آهي، هن جي لکيل ڪتابن جو انگ جيتوڻيڪ ٿورو آهي، پر معياري ۽ گهڻ رخو رس ۽ چس سان ڀريل آهي، هن بهادر ۽ برجستي ليکڪ ۽ نوحا نويس شاعر 25 آگسٽ 2008 تي 74 ورهين جي ڄمار ۾ هن فاني دنيا کي ڇڏي لافاني منزل ڏانهن راهي ٿيو. آگسٽ جو مهينو سندس زندگي ۾ اهم حيثيت جو رکي سندس هي ڪتاب نثري مضمونن، مقالن ۽ شخصيتن تي لکيل خاڪن سان سينگاريل آهي. لکڻ جو ڏانوُن ۽ ٻولي جي حسناڪي، لطيف سائين جي بيتن عالمن جي قولن، تجنيس ۽ تاليف سان گڏوگڏ ڪجهه ۽ اوکين عبارتن ڀرپور ضرور آهي پر تنهن هوندي به پهاڪن، اصلاحن ۽ ٺيٺ سنڌي جو بهترين نمونو آهي، هن ڪتاب جو عنوان لطيف سرڪار جي هيٺين بيت جي آخري سٽ تان ورتل آهي:

جهڙا ڪڙڇ ڪڪرا، تهڙا جائن ڦُل،

تن سامين جي سُڌ مران، جن جي گودڙين ۾ گل،

اندر مُلهه املهه، ٻاهر ڪوجها ڪاپڙي. (شاهه)

لطيف سائين جي لازوال ۽ معني خير بيتن سان پُرڪش هي ڪتاب سنڌي زبان جي لاءِ نهايت ئي مفيد آهي. وٽس شخصيتن کي پرکڻ ۽ معاشري جي مڙني پاسن تي نظر رکڻ جو فن آهي. سٽ سٽ چٽي، سچ سان سٿيل ۽ صفا سڌي آهي، جيئن ته پاڻ سنڌ جي مايا ناز مُفڪر علامه آءِ آءِ قاضي صاحب جا ويجها شاگرد ۽ سندن فن ۽ فڪر کان گهڻو متاثر هئا، يونيورسٽي دوران علامه صاحب جون تقريرون پڻ چاهه سان ٻڌندا هئا. هن ڪتاب ۾ پاڻ علامه صاحب جي وفات تي افسوس جو اظهار ڪندي ”درياهه توتي دانهن“ جي عنوان سان منظوم ڀيٽا پيش ڪئي آهي، انهي کانسواءِ علامه صاحب جي ٻن ڪتابن ”او ڪو ٻيو فهم“ ۽ ”ڀوري ڇوڪري حق جي ڳولا ۾“ ڪتاب جو تنقيدي جائزو پڻ پيش ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب جو تعارف ابراهيم جويي صاحب لکيو آهي، هن  صاحب ليکڪ جي علمي ۽ ادبي مهارت کي خوب ساراهيو آهي. هو لکي ٿو ته ”هي ڪتاب بنهه هڪ يگاني عالم، مفڪر، اديب، صاحب نظر ۽ حساس شخص جي مطالعي ۽ ذهني ڪاوش جو اهڙو هڪ چٽو ۽ پُرڪشش آئينو آهي، جنهن جي پڙهندي، ماڻهوءَ جي جذبي جي تربيت ۽ ڏاهپ جي اُوسر لاءِ، خبر ۽ اُتساهه جو عڪس تي عڪس اوتجندي محسوس ٿيندو، مصنف جي ٻولي جي صورت عربي، فارسي جي اصطلاح آميز رنگ سبب اڄ جي نيم خوانده سنڌي پڙهندڙ کي ڪجهه اوپري ضرور لڳندي، پر جيڪي سنڌي تحرير جي ان اسٽائل سان مانوس آهن. سي ان جي سحر بياني جو پورو لطف ۽ ساءُ وٺندا ۽ ان جي علمي ۽ فڪري سربلندي جو فائدو به ضرور ماڻيندا.“

ڪتاب جو مختصر جائزو: حصي الف ۾ نثري شاعري، عيد نثري نظم لڳي ماٺ مرن کي، نثري نظم ۽ درياهه توتي دانهن، ڏکوئيندڙ نوحي مثل لکيل آهن. دنيا جي عظيم شخصيتن والٽير، ٿامس پين، سارتر، مدر ٽريسا، عزيز سلام بخاري، حيدر بخش جتوئي، آءِ آءِ قاضي ۽ غلام محمد گرامي جهڙن نامور عالمن جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. ”شاهه لطيف جي شاعري ۽ انساني قدر“. لطيف جي حيات بخش جماليات.“ لطيف جي ڪلام ۾ وجود جو حوالو سچل سرمست باغي شاعر، ۽ آخري مضمون استاد بخاري جي شاعري ۽ شخصيت جي عنوان سان شامل آهن. هن ڪتاب ۾ هيٺيان مضمون لکيل آهن، وتائي فقير جي ٻولن ۾ حقيقت نگاري، سچ سُرت ۽ سور سرد جنگ جي خاتمي کانپوءِ اديب جون ذميواريون، شاعر جي عظمت، او ڪو ٻيو فهم، ڪُڌاتورو ڪرهو، ڀوري  ڇوڪري حق جي ڳولا ۾، مشتاق کوکر صاحب جي ياد ۽ تنهنجا تير تفنگ شامل آهن.

اهي سمورا تحقيقي ۽ تنقيدي مضمون آهن، جيڪي ليکڪ جي ڏاهپ جا خود ڏس ڏين ٿا. هيٺ سندس هن ڪتاب مان ڪجهه چونڊ مضمونن جو مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو، جيڪي هن سنڌ جي بلند پايا جي عالمن متعلق لکيا آهن.

علامه آءِ آءِ قاضي ڪير هو؟ 1886 کان 13 اپريل 1968. هي مضمون سنڌ جي بلند پايي جي اديب ۽ مفڪر علامه صاحب جي ساروڻين تي آڌاريل آهي، جيڪو سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام جي  استادن پاران  علامه آءِ آءِ قاضي جي ورسي جي  حوالي سان ڪوٺايل ميڙاڪي ۾ حيدر لغاري صاحب نهايت غير معمولي نوعيت ۽ علامه جي ڏاهپ، دانائي بُلند ۽ همه گير صلاحيتن تي تفصيلي روشني وجهندي پڙهيو هو، جيڪو پوءِ هاڪڙو پبليڪيشن پاران پهرين فيبروري 1982 ۾ پڻ شايع ٿيو. جيئن ته علامه قاضي صاحب روشن سج وانگر جرڪندڙ ستارو ۽ علم جو سمنڊ هو، هن جي لافاني صلاحيتن، علمي چاهه ادبي خدمتن کي ساڃهه وند ماڻهو ڪڏهن وساري نه سگهندو. لغاري صاحب ته سندن ڪردار، فعل ۽ قول جو ديده ور مدح خوان هو. هن ڪتاب ۾ سندس وڇوڙي جي دکدائڪ سفر ۽ سنڌ جي مها ڏاهي انسان جي موڪلاڻي تي نهايت افسرده ۽ دل شڪسته آهه و زاري نظم ۽ نثر ۾ جا بيان ڪئي آهي، ان جو مثال ملڻ تمام مشڪل آهي، جيستائين ويهين صدي عيسوي جي سنڌ جو تعلق آهي ته فڪر ۽ شعور جي گهرائي، قول جي کرائي ۽ فعل جي سچائي واري جامع شخصيت، علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي روپ ۾ اسان کي سونهاري سنڌ عطا ڪئي، ان جو نظير اڃان اسان کي ڪوبه ٻيو نظر نه آيو آهي. سچ پڇو ته انهن مڙني وصفن جو ايترو ۽ ڪم از ڪم هڪ ئي شخص ۾ جمع ٿيڻ، هڪ خوبصورت حادثو ۽ نادر الوقوع اتفاق آهي، علم ۽ عرفان جي اها سرحد جنهن کي علامه آءِ آءِ ڇُهي سگهيو، قلب جي بصيرت ۽ خلوص و خلق جو اهو مقام، جنهن تي پاڻ رسي سگهيو، سو دنيا جي ڪن تمام ٿوڙن ۽ ڳاڻ ڳڻين ماڻهن کي نصيب ٿيو آهي. ان ڳالهه مان بخوبي اندازو ٿئي ٿو ته لغاري صاحب علامه جي بي مثال شخصيت مان ڪيترو متاثر آهي، هي مضمون ۽ هن ۾ شامل قاضي تي لکيل ٻيا نقطا سندن قابليت جا ساکي آهن.

آهه! گرامي: مولانا غلام محمد گرامي سنڌ جو هڪ برجستو عالم، محقق، مهراڻ رسالي جو ايڊيٽر،  سنڌي ٻوليءَ جو خادم ۽ علم دوست انسان هو. ادبي حوالي سان سندن ڪيتريون خدمتون آهن، جن مان ڪجهه هي مقبول ڪتاب ”سنڌ صدين کان“ 1980 ”تاريخ جا سبق،“ 1981 ”ڪلهوڙا دور حڪومت“ 2000، ”سنڌي ادب“ حسام الدين راشدي جي اردو ڪتاب جو ترجمو 1981، ” ڳالهيون منهنجي سنڌ جون“، ”مشهور سنڌي ماڻهو“، ٻاراڻو ادب، مشرقي شاعري جا فني قدر ۽ رجحانات، تنقيدي ادب، تاريخ ۽ فن و فڪر جا سرچشما آهن. لغاري صاحب لکي ٿول ” گرامي صاحب جي علمي، ادبي ۽ تحقيقي خدمتن ۽ سرگرمين جي ڪيف و ڪرم کي ڇا گهرجي؟ قلم جي هن ماهر شهسوار، ڪهڙو محاذ آهي، جو سر نه ڪيو هجي. ڪهڙو موضوع آهي، جنهن کي تشنه ڇڏي ڏنو هجي، ملڪ جي ٽڙيل پکڙيل انهن رسالن، مخزنن، اخبارن ۽ ڪالمن وغيره کي ڇڏي جن ۾ وقت بوقت سندس محققانه ۽ مفڪرانه مضمون شايع ٿيندا هئا، رڳو سنڌي ادبي بورڊ رسالي مهراڻ جا   گذريل پرچا اٿلائي ڏسو، جن ۾ سندس هرهڪ اداريو ”گذارش“ بجاءِ خود هڪ اهم تحقيقي دستاويز آَهي، جنهن کي جيڪڏهن احتياط محنت ۽ هوشمنديءَ سان سهڙيو ۽ ترتيب ڏنو وڃي ته اهو مواد، معيار توڙي مقدار جي لحاظ کان هڪ مڪمل ريسرچ پيپر ۽ ضخيم انسائيڪلو پيڊيا کان گهٽ ڪونه آهي. گرامي صاحب پنهنجي پر ۾ هڪ ادارو هو، جنهن سموري حياد علم، ادب لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي، سنڌي ادبي بورڊ پاران سندن گڏيل لکڻين کي هڪ جلد جي صورت ۾ ”گرامي جون لکڻيون“ عنوان هيٺ شايع ڪيو ويو آهي. سنڌ جي سٻاجهڙي عالم 15 سيپٽمبر 1976 تي وفات ڪئي. لغاري صاحب جو هي ڪتاب هڪ املهه دستاويز آهي جنهن ۾ ادب سان چاههُ رکندڙ استادن توڙي شاگردن لاءِ نهايت ئي معنيٰ خيز مضمون شامل آهن. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو روشني پبلڪيشن پاران 2017 ۾ شايع ٿيو، جنهن جو ملهه 300 رپيا رکيل آهي.