اھا حقيقت عالم آشڪار آھي ته عورت کي رب تخليقڪار جي حيثيت ۾ پيدا ڪيو آھي ان ھوندي به ھن جي خوبين ۽ صلاحيتن کان انڪار کي تنگ نظري يا جاھليت ئي چئبو ڇو ته ھو ٺاھڻ جوڙڻ سانڍڻ پالڻ مطلب ته سڀ ڪرڻ ڄاڻي ٿي عورت ئي آھي جيڪا جنگ و جنون کي پسند نٿي ڪري امن ٿي چاھي ۽ ھميشه پيار ۽ امن جي پرچارڪ رھي آھي. ھوءَ پنھنجي نرم و نازڪ نفيس جذبات کي شاعري جو روپ ڏئي ٿي، پھاڪا ۽ چوڻيون گھڙي ٿي. سنڌ ۾ لوڪ ادب جيترو تخليق ٿيو آھي يا نه به ٿيو آھي، پر ڪچھرين ۽ ميڙاڪن ۾ ٻڌڻ لاءِ ملي ضرور ٿو، پر اسان پنھنجي سطحي سوچ سبب ان تي بنا غور و فڪر ڪرڻ جي اڳتي نڪري ٿا وڃون اھڙي لوڪ ادب جون سرجيندڙ گھڻو ڪري عورتون ئي رھيون آھن سي به گمنام آھن. سھرا لاڏا مراد جا ڳيچ سرجيندڙ شاعر عورتن جو ته ڪاٿو ئي ناھي، پر تعليم ۽ شعور جي گھٽتائي ڪري ھو پنھنجين تخليقن ذريعي ڪابه مڃتا ماڻي نه سگھيون آھن. سنڌ جي عورتن پنھنجن مرشدن جي شان ۾ به صوفياڻا ڳيچ ڳايا آھن:
سمن سائين مان ته گولي
غلام تنھنجي در جي
دلا ڀرينديس دل سان
مٽيون ڀرينديس من سان
مان ته گولي غلام تنھنجي در جي
ٿر جي مايا ناز لوڪ فنڪاره مائي ڀاڳي ڳايو آھي، ڏاڍي وڻندڙ ۽ من کي ڇھندڙ شاعري آھي. بدين ۾ روپا ماڙي جي ڀر ۾ سمنڊ ڪناري شيخ قرھيو ڀانڊاري جي درگاھ به مشھور آھي جتي ڪجھ روايتن موجب سومرن جي دور جي پھرين سنڌي شاعره ۽ ڳائڻي مرکا شيخ پنھنجي مرشد جي وڏائي بيان ڪندي لاڏا ڳايا آھن. چوي ٿي:
ڪانڊڙي لس ھي واسرڙي وس
آئون کلندي ڪڏندي اچان
ڪرھيل ڏٺم سک پار ۾
روايتن مان خبر پوي ٿي مرکان جو جنم تپي چور ھڏي ڳوٺ قرھيو ڀانڊاري ۾ ٿيو جيڪو روپا ماڙي جي ڀر ۾ سمنڊ جي ڪناري تي آھي. مرکان کان اڳ ۾ ڪا شاعره نه ٿي ھجي سو چئي نٿو سگھجي، پر محترم محمد سومار شيخ صاحب جي تحقيق موجب مرکان ئي سنڌ جي عورت شاعرائن جي سر موڙ شاعره آھي. ڇو جو ان کان اڳ ڪنھن جي به تحقيق موجب ڪا شاعره پڌري نه ٿي آھي يا ان پاسي ڪنھن ڌيان ئي نه ڏنو آھي. منھنجو تعلق به برصغير ۾ نقشبندي سلسلي جي نالي واري وڏي درگاھ حضرت سلطان الاولياءَ خواجه محمد زمان نقشبندي قدس سره لواري شريف سان آھي ان درگاھ شريف سان لاڳاپيل ڪجھ بھادر بي باڪ ۽ پنھنجي محبوب مرشد سان وفادار مريدياڻين جا نالا به آھن جنھن ۾ مائي گنھنوري، مائي ثمي ٽالپرياڻي، سليمه ڪيريو، مائي عالمه ۽ ٻيون به آھن، پر شاعرائون اتي به اڻ ڳڻيون ۽ گمنام آھن، پر انھن جا چيل ڳيچ ۽ سھرا اڪثر شادين مرادين تي ڳائبا رھبا آھن، ھي ته تمام مشھور ڳيچ آھي:
مان ته لوڏيو ويٺي لوڏيان
پينگھو لواري واري جو
ھن رسم جو درگاھ شريف سان ڪوبه واسطو ناھي پوءِ به شاعره مرشد سان عشق جو اظھار انھن لفظن ۾ ڪيو آھي. درگاھن تي باسون باسڻ جو رواج سنڌ ۾ عام رواجي آھي سچي من سان دعائون گھرڻ ۽ باسون باسڻ سان مريدن جون مرادون پوريون ٿين ٿيون ته ان کي لوڪ شاعرائون توڙي شاعر مرشد جي ساراھ طور ڳائين ٿا، جيئن:
ڀٽ جا ڀٽائي روضي تي وسئي نور منھنجون تو پڄايون
اھڙي ريت جماعت لواري شريف جون عورتون به پني مراد جا سھرا چئي مرشد جي ساراھ ڪنديون آھن. درگاھ لواري شريف جا باگراڻي ٽالپر به مريد آھن جنن جا کڏڙو شھدادپور ڳوٺ محمد خان ۽ لواري شريف ۾ به وڏا پاڙا آھن، انھن جون عورتون پنھنجي مرشد جي ساراھ ۾ ڳيچ ڳائينديون آھن. پراڻي دور کان ڪنھن شاعره جا خاص دعايه سھرا چيل آھن جيڪي ھو شادين مرادين ۾ ڳائي ميندي ۽ ونڊ ورھائينديون آھن ان سڄي پروگرام کي نالو ئي ميندي مٺائي جو ڏين ٿيون، چون ٿيون:
مئين ٻانھان پيرل تيڏا
ٿي تون ميڏا ھمراھ
معجزي ميڏي پيرل دي
جڙي رھن جماعت نال
انگريزن جي دور حڪومت ۾ سنڌ جي لوڪ گيت ھو جمالو جي به تخليقڪار ڪا عورت ئي آھي جيڪا به گمنام آھي سنڌ جي عورت تخليقي ذھن رکي ٿي ھر ھنر ڄاڻي ٿي پوءِ به زندگي جي سفر ۾ اڪيلائين کي منھن ڏيندي ٿڪجي ھارجي پير پٿون ڪري ويھي ٿي ان جو ذميوار اسان جو پدر شاھي سماج آھي. ڇو ته عورت ڪجھ به ڪرڻ لاءِ گھر کان ٻاھر نڪرڻ کان اڳ مرد جا گھاءِ ڏيندڙ نصيحت ڀريا نقطا ٻڌي ٿي ان ڪري ھو آزادي سان ڪجھ به ونڊ ڪري نٿي سگھي يا ته صفا حوصلو ئي ھاري ويھي ٿي رھي. مرکان شيخ جو شاعره جي حيثيت سان نالو ناموس ڪرائڻ تي محمد سومار شيخ صاحب جس لھن، پر سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۽ ھر دور ۾ عورت کي مڃتا ڏيارڻ لاءِ سومار شيخ نه ايندو اسان عورتن کي پنھنجي حصي جي جنگ پاڻ وڙھڻي پوندي پوءِ ڇو نه اڄ کان ئي مرکان شيخ جي نالي جو ڏيو ٻاري جتن شروع ڪريون.