ٽي ماڙ گھر جي ڇت تي وڃڻ لاءِ ڪاٺ جي گول ڏاڪڻ تي ڪير چڙھي يا لھي ته ٺڙڪو ضرور ٿيندو آھي. ٺڙڪي تي گھر ڀاتي ته ايئن ھري ويا ھئا جيئن ڄامشورو ريلوي اسٽيشن يا ڀان سيدآباد لڳ ريل ٽريڪ جي ڀر ۾ ڀنڀڻ ڳوٺ جا خشڪ جن جي بنھه ڀرسان ڪوٽڙي کان لاڙڪاڻي ويندڙ ٽرين جي ڳري آواز تي ھريل. ڀان سيدآباد لڳ خشڪن جي ڳوٺ اتفاق سان ويندو آھيان ۽ ريل گذرندي آھي ته لڳندو آھي ڄڻ زلزلي جي ڪري ڌرتي پئي ڌڏي.
انھيءَ ڏينھن پاڏل شاھ مانجھاندي تي ونگارن مزدورن جيتري ماني کائي لسي جا ٻه وڏا گلاس پيتا ته پاڏي ڍڳي رنڀ جھڙيون اوڳرايون ڏنيون اڃان به پليٽ ۾ ليمي آچار جو چٽو ڪري آڱريون چٽيون ۽ پوءِ پاڏي جھڙي پيٽ کي زور ڏئي پاسا ورايا ۽ مونکي ڏسي چيو،
“ماشاالله تنھنجي گھر جي ماني سوادي ھميشه ياد ڪندو آھيان”
مون خاموشي سان مرڪي چپن ۾ چيو،
“وقفو ضروري آھي”
“ڇا جي ڀڻ ڀڻ لاھي ويٺو آھين، وقفو ضروري آھي!؟”
ھن ڀر مان گذرندڙ عورت ۽ گڏ ھلندڙ ٻارن جي ولر کي شڪي نگاھ سان ڏسندي چيو.
“برنس روڊ جي ريسٽورينٽ جون ڪڙھايون ۽ دھي بڙا کائڻ لاءِ ويندو ھوندين؟”
“برنس روڊ جي ڪھڙي ڳالھه، اتي جي ڪالونيل دور جون بلڊنگون، عمارتون ۽ پراڻي دور جي مردن کي پاتل بيل باٽم پينٽس، ڪرتا پاجاما، عورتن کي پاتل ڪرتا پاجاما ۽ ٻڌل وار، ڊوڙ ڊڪ کيڏندڙ ڪنھن ويٽر جي وچ مان ڀڄندڙ ٻار ۽ ريسٽورينٽس مان ماڻھن جا اواز ۽ ٿانون جا ٺڙڪا آواز پاڏل شاھ جي اکين ۾ لھي پيا.
ٽيبل تان اٿي واش بيسن تي بيھي شيشي ۾ پنھنجو پاڻ کي ۽ پوءِ مونکي ڏسي چپن ئي چپن ۾ ڪجھه چيو پھرين ته آئون سمجھي نه سگھيس پر پوءِ سندس باڊي لينگويج ۽ پيٽ تي ھٿ ڏسي سمجھي ورتم ۽ کيس واشروم مان ڪموٽ ڪڍرائڻ جو ٻڌايو.
“پوءِ ڪيڏانھن وڃان؟”
پاڏل شاھ پڇيو،
اصل پيٽ ۾ ڪڪڙن ڪڙڪاٽ ٿي ڪيس.
“شھر ۾ جھنگ ته ڪونھي جو جھنگ خيال جو عالمي پيٽ مروڙ جو مسئلو ڪنھن ڪنڊ پاسي حل ٿِئي.”
سندس آنڌ مانڌ ۽ ڪپڙن وڃائڻ جي ڪري يا عمر ڀر جي ياراڻي جي ڪري مٿس نالي ماتر ترس پيم.
“ٽاپ سمر ولا جي واش روم ۾ ڪموٽ آھي؟”
پڇيائين.
“ويسٽرن ڪموٽ آھي ، پاڻ وڏي دري مان شهر جا نظارا ڏسي هلڪو ٿيندين”
منهنجي زندگي جو رومانس بليڪ اين وائٽ سادي دور سان سچ ته بليڪ اين وائٽ واري دنيا سان زندگي جون ڪيتريون حقيقتون لڪيو وڃن منهنجي هن دوست سان HD ڪلر فل اسڪرين جا رشتا به آهن جنهن ۾ ڪجھه به لڪي نه سگهندو آهي.
ھن سان ڀوڳ چرچو پنجاھ پنجونجاهه سالن کان آھي ساڻس نه رڳو ھلڪا، پر ڳرا ڀوڳ به ڪندو آھيان جيئن جون جولاءِ جي گرمي ۾ اي سي يا فين بند ڪرڻ يا ستل ھوندو ته مٿس ٿڌي پاڻي جي بوتل نائڻ، اھڙن ڀوڳن تي لٺ کڻي پويان لڳندو آھي ۽ اسانجي ڀڄڻ لڪ ڇپ تي ننڊا وڏا کل ۾ ھوندا آھن. ڪنھن ڀيري ڪيڏاهن وڃڻ جي تڪڙ ھئس ۽ مون سندس ڪار جي چاٻي لڪائي ڇڏي، ڏينھن به ھئا گرمين جا ڪاوڙ مان سڀ ڪجھه چيائين نيٺ ساڳي لٺ کڻي پويان لڳو ھڪ ٻه گھٽيون لتاڙي کيس سھڪائي چاٻي واپس ڪيم.
طهرجڻ کانپوءِ،ِ اصلي گيھه جون بُسريون ۽ ٻاجهر جون مِٺيون ڪُٽيون کيس ڀولو پھلوان ڪري ڇڏيو، جڏهن N.J.V اسڪول پڙهڻ لاءِ لاري ۾ چڙهندو هو، اهي هم ڪلاسي ٽهڪ ڏئي چوندا هئس تنهنجو وزن لاري کڻي سگهندي يا نمائش چورنگي تي خراب نه ٿي پوي.
پاڏل شاھ N.J.V اسڪول وقت جي عادت ڇڏي نه سگھيو ھو، انسان ۾ الائجي ڪيتريون چڱيون لڱيون عادتون، پر ھڪ عادت ھئس کٽ تي ويھي زور ڏئي ٺڪ ٺڪ ڪري ريڙھڻ وساري نه سگھيو آھي
کٽ ريڙهڻ لاءِ چپن ۾ ڀڻڪو ڪيم،
کٽون ته ڪڏهن ڪيتريون ڇنيائين ڀڳائين، پر زبان ڊگهي ڪيم.
“پاڏل! ڪڏهن خالي کٽ تي ويهي زور لڳائيندو ھوئين، کٽ کي ته نچائي بريڪ ڊانس ڪرائيندو ھئين، چوڻ جي دير هئي کٽ کي اڏام کٽولو ورانڊي ۽ لِونگ کان ٽائل موزيڪ تان ترڪائندي وڃي اڱڻ تي پھتو، مون ڏانھن فخر مان ڏٺائين، مون کان ڄڻ شاباش وٺڻ ٿي چاهيائين، چپن تي پراڻو ڪلام، تلڪ چاڙھي تان ٻيڙي ڊوڙي، سنڌوءَ نديءَ ۾ ريل، ٻارو ڏسو نرالو کيل، تري آيو.
مئٽرڪ ته N.J.V اسڪول مان ڪيائين، ڳالهيون يادون ته N.J.V اسڪول جون ڪرڻ کپنديون ھئس، پر گهڻو ڪري ماما پارسي اسڪول ڪاليج جون ڪندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن آچر ڏينهن ماما پارسي اسڪول جي گيٽ اسٽاپ تي هوائن سامهون هوندو آهي ۽ آئون چوندو آهيانس،
“تنهنجي بس ويگن ته ڪڏهوڪي نڪري وئي!”
ٿڌو ساھ ڀريندو ۽ نڪ سڻڪي وراڻيندو
“ وه ميري نصيب ڪي بارش ڪسي اور ڇت پي برس گئي.”
“ها بس ويگن نڪري وئي، بس ويگن ته وري موٽي ايندي ساڳئي رستي تي پر تو واري 120Y ڊاٽسن ڪار وري نه منھن ڪيو”
پوءِ ھميشه وانگر ٻنھي ھٿن جون آڱريون کولي آڱرين جو ھار پارائي ڇڏيو.
آئون سندس کليل آڱرين ۽ پٽيل زبان جو گھرو سڪايل رھندو آھيان ڇو ته زندگي جي آخري پھر ۾ ڪنھن دل گھرئي جي ھجت ڀوڳ ۽ آٿت وڏو سھارو ٿيندو آھي.
“آجو ٿيئن؟”
“قسط رھجي وئي.”
“وقفو ضروري آھي”
مون چپن ۾ چيو.
زبان بجاءِ ھٿ آڱريون کليل ھئس، سندس کليل آڱريون زبان ٿيل ھئس.
مون کيس گھر اندر وڃڻ جو اشارو ڪيو،
پيٽ تي ھٿ ڏيندي لونگ ڪاريڊور لتاڙي ۽ ڊريسنگ روم واشروم جي در تي شيطان مردود کان بچاءُ جو دعائون پڙھندي ايترو تڪڙو ويو جو واشروم جو در به بند نه ڪيائين.