عوام ته هماليا جيڏو حوصلو ٿو رکي، عوام جي ڳالھه سينٽرل آهي، خلق هڪ مرڪز جي ٽٻڪي تي بيٺل آهي ته ڪئنال ڊاهيو، عوام جو سمنڊ اٿلي پيو آهي، ان ڪري ته ماڻهن جون ٻنيون ٿيون سُڪن ته ماڻهن جو ساھ ٿو سُڪي، زندگي اوجهڙ ۾ پئجي وئي آهي، جو جنهن خطي ۾ صنعتون ۽ ٻيا روزگار به نه هجن ته اتان جا واسي سنڌو کي سُڪندو ڪيئن ڏسي سگهندا. زندگي ۽ موت جو سوال ٿو اٿي يا پير پاڳاري وارو نعرو هڻون ۽ چئون ته وطن يا ڪفن، آزادي يا موت. ماڻهن جي احتجاج کي شاباس آهي جو هيش ٽيگ وائرل ڪري ڪروڙين دفعا اهو بانور ڪرائي چڪا آهن ته “سنڌوءَ تي ڪئنال نامنظور”، پر ڌريون ٻڌن نٿيون، انهن کي اها ڳالھه سمجهائجي ته سنڌو رڳو پنجاب جي زمينن جي لاءِ ناهي، سنڌوءَ تي پهريون حق سنڌي زمينن جو آهي جن کي پاڻي هر صورت ملڻ گهرجي، پر سوال اهو آهي ته ڪئنالن جي لاءِ پاڻ لکي ڏيڻ کانپوءِ پيپلزپارٽيءَ جي قيادت وٽ هاڻي ڪو اهڙو دليل باقي آهي، ڪهڙي انحرافي هوندي جنهن ۾ هو عسڪري قيادت سان سينو ساهي سگهن ۽ چئي ڏين ته ڪئنال نه ٺاهيو. پيپلزپارٽي وٽ اهڙو ڪهڙو اختيار آهي، مثال طور: صدارتي آرڊيننس جاري يا رد ڪرڻ جو ڪو اختيار، قومي اسيمبلي مان بل پاس ڪرائڻ جي منشا يا ڪهڙي گهڻائي کڻي مرڪز ۾ وڃي سگهن ٿا ته “ڪئنال نامنظور”. ان ڪري خلق سان سڌي ڳالھه ڪن ته اهي پاڻ لکي ڏئي آيا آهن يا نه. ڇو ته 2023 کان وٺي اهي ڳالهيون هنن عسڪري قيادت سان پئي ڪيون آهن ته ڪرسي ڏيو پوءِ جيڪو وڻيوَ اهو لکرائي وٺو، جي نه ته پوءِ آخر ڇا؟ ان ڪري ته عسڪري قيادت ۽ مرڪز کي ڊپ رڳو سنڌ مان اٿندڙ احتجاجن جو آهي باقي ٻيو خير آهي.
74 هزار ايڪڙ زمين جيڪا عسڪري شخصن کي ليز تي ڏني وئي آهي ۽ باقي کاکڙکوکڙ عوام کي پنجن سالن جي ليز تي زمين الاٽ ڪئي اٿن، اهي جيڪڏهن پنجن سالن تائين انهن زمينن کي آباد ڪري ويا ته انهن جي ليز وڌائي ويندي، باقي زمين چيني ۽ عربي سيڙپڪارن جي بِلي آهي. هاڻي ڏکڻ پنجاب جا ڌرتي ڄاوا به سراپا احتجاج آهن ته اتي ڪئنال نه جوڙيا وڃن، اها انهن سان به ناانصافي آهي ۽ اها انهن جي ڌرتي کسڻ جي سازش آهي، اهي ڌريون جيڪي ان زميندار عسڪري ٽولي جي خلاف آهن ته اهي به احتجاج ۾ شامل آهن، پر شامل ناهن ته رڳو ڪجھه ديسي اڳواڻ جيڪي سمجهن ٿا ته عوام ڪجھه نٿو سمجهي ۽ اهي مرڪز جي دلالي ڪري پاڻ اگهائي ويندا ۽ عوام اهو ئي سکڻا نعرا هڻندو رهجي ويندو. خلق ڀانئي ٿي ته پيپلزپارٽي جي هاڻوڪن فيصلن ۾ ڪرسي جي لالچ ۽ لوڀ آهي، اهي سمجهن ٿا ته شهباز شريف جي سرڪار اَڌُ مُدو پورو ڪندي ۽ اڌ ۾ گاڏي ڇڏي ڀڄي ويندا ۽ پوءِ پويان ٻه اڍائي سال پيپلزپارٽي کي ڪرسي ملندي سان هن ڀيري ڏکي ٿي لڳي. هيل تائين اهڙو ڪو گرين سگنل نٿو اچي جنهن ۾ پيپلزپارٽي جي قيادت سندرا ٻڌي بيهي ته اجهو ٿي ڪرسي ملي، پر ان ڪرسي جي لالچ ۾ خلق جو ساھ ٿو وڃي، ڇو ته ڏکڻ پنجاب انهن ڇهن ڪينالن ۾ ربيع جي فصلن جي لاءِ ايترو پاڻي ڇڏيو آهي، جيترو اسان جي خريف جي فصلن کي به ناهي ملندو.
عوام اٻوجھه آهي، انهن کي ڪنهن اهڙي سياسي سائنس ۾ نه اڙايو، جنهن ۾ ڪاغذي ڪيوسڪ جي ڪا راند هجي. مرڪز اها ڳالھه سڌي سنئين سمجهائي ته جيترو پاڻي 1991 کان پهرين ملي پيو بس اهو ئي پاڻي ملي، ان ڪري ته 1991 کان وٺي اسان وٽ سڄي سنڌ ۾ زرعي زمينن جي ڪا وڏي لکين ايڪڙ کڻت سامهون ناهي آئي، جنهن ۾ ڪئنالن جي ضرورت پئي هجي، جيئن هاڻي 4 لک ايراضي جي لاءِ هنن (پنجاب) وارن جو سِرُ ٿو وڃي ته هر صورت سمورو پاڻي ڇهن ڪئنالن جي صورت ڇهي (بند) ٻڌي روڪي ڇڏيندا. پوءِ ڀلا اهو سمجهائين ته “گرين انيشيئيٽو” معنيٰ باقي ملڪ جو “ڊراءِ انيشيئيٽو” وجو دريائن ۾ پاڻي هجي ته “گرين انيشيئيٽو” به ٺهي ٿو. اها ڳالهھ ائين ٿي بيهي ته هڪڙيون صنعتون لڏائي ٻئي هنڌ صنعتي انقلاب آڻجي ۽ هڪڙا مارڪيٽ پَٽي کڻي وڃي ٻئي هنڌ اهي مارڪيٽ اڏي نيون بازاريون جوڙجن ۽ اڳيون بازاريو ويران ڪري ڇڏجن ته پوءِ مرڪز جي اها ڪهڙي سياست چئجي جو هڪ صوبو سُڪي سڙي ۽ ٻيو صوبو سائو سرسبز هجي.
ڪئنالن جي ڳالھه مرڪز جي به ناهي، اهي عسڪري ڪرتا ڌرتا جيڪي شهباز شريف جي وس ۾ به ناهن. اها ڳالھه پيپلزپارٽي وارا ڀلي ڀَتِ سمجهن ٿا ته مرڪز کان الڳ ٿي به ڪجھه نٿو ڪري سگهجي يا صدارتي آرڊيننس ڪهڙي مرض جي دوا آهي يا پنجاب جي بجيٽ پاڻ آڇي ٿي ۽ منظور ٿي ڪرائي يا ارڙهين ترميم ۾ صوبا به خود مختيار آهن ته اهي اهڙا “گرين انيشئيٽو” پاڻ وٺن؟ پر ڳالھه ارسا جي منظوري ۽ غير منظوري تي به رکيل آهي، ڳالھه سي سي آءِ ۾ سنڌ جي 2022 کان وٺي جمع ٿيل پاڻي ڪيس به آهي ۽ انهن ڪئنالن جي خلاف دانهن ڪُوڪ پيش ڪيل آهي، جنهن تي ارسا 1991 واري ٺاھ ڪئنالن جو پاڻي نامنظور ڪري يا مرڪز ايترو اکيون ٻوٽيون ڇو ويٺو آهي؟ باقي اها ڳالھه سمجھه کان مٿي آهي ته پنڊال جا ماڻهو 4 اپريل واري جلسي ۾ چون ته ڪئنال نامنظور ۽ مرڪز نامنظور ۽ بلاول صاحب چئي ته اسان هر ڳالهھ ۾ مرڪز سان گڏ بيٺا آهيون ته پوءِ ماڻهو ڪاڏي وڃن ۽ ڪهڙي پارٽي سان بيهن؟، پر مرڪز ته خلق کي هٿ وٺي مجبور ڪيو آهي ته اهي مرڪز جي سياست کي نه مڃين.
دير ئي سهي، اها ڳالھه ايم ڪيو ايم قيادت کي به سمجھه ۾ اچي وئي ته سنڌو ۾ پاڻي هوندو ته ڪراچي واھ ۾ به پاڻي ايندو، جيڪڏهن سنڌو سُڪايو ويندو ته پڇڙيءَ تي پيل ڪراچي واھ کي سيراب ڪير ڪندو؟ يا ڪراچي پڇڙيءَ تي هوندي پاڻي ڪاڏهون پيئندي؟ ان ڳالھه ۾ ايم ڪيو ايم (ڊاڪٽر فاروق ستار) جي ڳالھه ساراهجي ته انهن پنهنجي حصي جو احتجاج رڪارڊ ڪرايو ۽ جماعت اسلامي به هن ڀيري پاڻ ملهايو، پر ساڳي جاءِ تي فنڪشنل ليگ اڃان تائين پنهنجي حصي جو آواز ۽ احتجاج رڪارڊ ناهي ڪرايو ته اهي ڪهڙي پاسي بيٺل آهن؟ اهي ڪئنال جي پاڻي واري معاملي تي مرڪز سان گڏ آهن يا عسڪري ٽولي سان جن 74 هزار ايڪڙ زمين جي کڻت ڪئي آهي يا مظلوم خلق سان گڏ بيٺا آهن، جيڪي سمجهن ته اهي سڀ سازش سنڌوءَ کي سُڪائڻ جي آهي جو 1991 کان وٺي لکين ايڪڙ زمين جن ۾ ساريالو فصل ٿئي ٿو سو وڃي ٿي غيرآباد ٿيندي ۽ ٿيندي ٿيندي لکين ايڪڙ سُڪي ٺوٺ ٿي ويا آهن، جو ماڻهو هاڻي انهن زمين جي آسري ناهن رهيا، جيڪي انهن جو ۽ انهن جي ٻچن جو پيٽ پالي سگهنديون هيون.
مڃون ٿا ته مرڪز جي سياست ڏکي ٿي وئي آهي، جو جيستائين هر غير پنجابي پنجاب جي مفاد جي ڳالھه نه ڪندو، جيستائين اهي پنجاب جي ماڻهن جي وات ۾ گرھ نه وجهندا ۽ پنهنجن ماڻهن جي پيٽ ڪٽي پنجاب جو پيٽ نه پاليندا تيستائين اهي مرڪز جي سياست نه ڪري سگهندا. هن ڀيري ذوالفقارعلي ڀٽو (جونيئر) جون ڳالهيون ٻُڌڻ جهڙيون آهن، هو هاڻي اسان جو آوزا بڻجي پيو آهي، جيڪو مرڪز جي سياست ته نه ڪري سگهندو (يا نه ڪرڻ ڏيندس) ان ڪري ته اليڪشن مافيا به هڪ غضب ناڪ مافيا ٿي وئي آهي، جيڪي پني تي لکي پڙهي سيٽون ورهائي فارم 45 ۽ 47 جون رانديون رچائين ٿا، اسٽيبلشمينٽ ڪنهن به صورت، ڪنهن به سنڌي قومپرست کي سياست ڪرڻ نه ڏيندي. ڇو جو جيڪو به سنڌي ماڻهن جي سياست ڪندو اهو مرڪز ۾ ويهڻ جي لائق ناهي، ان ڪري سياست مرڪز جي ڪجي، پر اهو ڪري سگهندو جيڪو مٿين ليول تي (اپ ورڊ) واسطا وڌائي سگهي. ڳالھه اها به مڃون ٿا ته رڳو پيپلزپارٽي مخالف سياست به ڪم جي ناهي، حالانڪه شروع کان وٺي اسٽيبلشمينٽ يا خاص جنرل ضياءُ جي دور کان وٺي اينٽي پيپلزپارٽي پارٽيون جڙنديون رهيون آهن، جيڪي رڳو پيپلزپارٽي کي جهڪو ڪرڻ ۾ اسٽيبلشمينٽ جون مددگار ثابت ٿيون آهن، پر سنڌيت جي آجپي ۽ امن ۽ روزگار، اٽي، لٽي ۽ اجهي جي لاءِ جيڪي پارٽيون ڪوشان رهيون آهن اهي پارٽيون ماڻهن جي دلين تي راڄ ٿيون ڪن، پر هيلوڪو احتجاجن جو طوفان پيپلزپارٽي کي لوڙهي نه وڃي، ڪئنالن جي پاڻيءَ ۾ اڳوڻيون سياسي پارٽيون پنهنجو وجود وڃائي ويهي رهن ۽ حقيقت اها به آهي ته ايندڙ اليڪشن جي صاف شفاف ٿئي ٿي ته هر صوبو قومپرست پارٽين کي ووٽ ڪندو، ڇو جو مرڪزي سياست ڪرڻ واريون پارٽيون رڳو پنجاب جي مفاد ۾ لٿل آهن، جيڪي صوبن جي حقن کي تلف ڪنديون ٿيون رهن، جن جي سياست پنجاب مائل رهندي آئي آهي ۽ رهندي.
10 مئي 2012 وارو ڪمون شهيد وارو احتجاج جيڪڏهن پيپلزپارٽي ياد ڪري ته ڪيئن سڀ سنڌي پارٽيون هڪ مُٺ ٿي ويون هيون ۽ احتجاج ساڀ پيو هو، هاڻي به سوشل ميڊيا، ٽيلي ميڊيا ۽ اخباري احتجاجن کان ڳالهيون مٿي اچي ويون آهن، پر شرط آهي ته ڪا مضبوط مرڪزي قيادت پاڻ روڊن تي اچي، مرڪزي پارٽيون پاڻ احتجاجن جو حصو بڻجن، روڊ بلاڪ ڪن، پر انهن کي مرڪز، ڪرسي ۽ پنجاب جو درد ماري ٿو ۽ ان کان به وڌيڪ درد عسڪري الاٽمينٽ جو آهي ته انهن کي جواب نٿو ڏئي سگهجي، پر ارسا، سي سي آ ۽ سياسي پارٽيون پاڻ انصاف تي لهي اچن ته ڪئنال نامنظور ٿي سگهن ٿا. انهن زمينن کي باراني طريقي تي جيڪڏهن گرين انيشيئيٽو هلائين ته ڀلي هلائين، پر سنڌوءَ جو پاڻي انهن جي لاءِ ناهي.