عوام ته هماليا جيڏو حوصلو ٿو رکي، عوام جي ڳالھه سينٽرل آهي، خلق هڪ مرڪز جي ٽٻڪي تي بيٺل آهي ته ڪئنال ڊاهيو، عوام جو سمنڊ اٿلي پيو آهي، ان ڪري ته ماڻهن جون ٻنيون ٿيون سُڪن ته ماڻهن جو ساھ ٿو سُڪي، زندگي اوجهڙ ۾ پئجي وئي آهي، جو جنهن خطي ۾ صنعتون ۽ ٻيا روزگار به نه هجن ته اتان جا واسي سنڌو کي سُڪندو ڪيئن ڏسي سگهندا. زندگي ۽ موت جو سوال ٿو اٿي يا پير پاڳاري وارو نعرو هڻون ۽ چئون ته وطن يا ڪفن، آزادي يا موت. ماڻهن جي احتجاج کي شاباس آهي جو هيش ٽيگ وائرل ڪري ڪروڙين دفعا اهو بانور ڪرائي چڪا آهن ته “سنڌوءَ تي ڪئنال نامنظور”، پر ڌريون ٻڌن نٿيون، انهن کي اها ڳالھه سمجهائجي ته سنڌو رڳو پنجاب جي زمينن جي لاءِ ناهي، سنڌوءَ تي پهريون حق سنڌي زمينن جو آهي جن کي پاڻي هر صورت ملڻ گهرجي، پر سوال اهو آهي ته ڪئنالن جي لاءِ پاڻ لکي ڏيڻ کانپوءِ پيپلزپارٽيءَ جي قيادت وٽ هاڻي ڪو اهڙو دليل باقي آهي، ڪهڙي انحرافي هوندي جنهن ۾ هو عسڪري قيادت سان سينو ساهي سگهن ۽ چئي ڏين ته ڪئنال نه ٺاهيو. پيپلزپارٽي وٽ اهڙو ڪهڙو اختيار آهي، مثال طور: صدارتي آرڊيننس جاري يا رد ڪرڻ جو ڪو اختيار، قومي اسيمبلي مان بل پاس ڪرائڻ جي منشا يا ڪهڙي گهڻائي کڻي مرڪز ۾ وڃي سگهن ٿا ته “ڪئنال نامنظور”. ان ڪري خلق سان سڌي ڳالھه ڪن ته اهي پاڻ لکي ڏئي آيا آهن يا نه. ڇو ته 2023 کان وٺي اهي ڳالهيون هنن عسڪري قيادت سان پئي ڪيون آهن ته ڪرسي ڏيو پوءِ جيڪو وڻيوَ اهو لکرائي وٺو، جي نه ته پوءِ آخر ڇا؟ ان ڪري ته عسڪري قيادت ۽ مرڪز کي ڊپ رڳو سنڌ مان اٿندڙ احتجاجن جو آهي باقي ٻيو خير آهي.