بلاگنئون

ايران دنيا جو پهريون پلازما هٿيار ٺاهي ورتو

پوري دنيا هن وقت پنهنجي دفاع لاءِ ائٽمي قوت تي ڀاڙي ٿي جنهن ملڪ وٽ جديد ائٽمي ٽيڪنالاجي آهي اهو ئي طاقتور ملڪ ليکيو وڃي ٿو، اسلامي جمهوريه ايران هن وقت جديد دفاعي ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ هڪ نئين سنگ ميل تي پهچي پلازما هٿيار ٺاهي هلائڻ ۾ ڪامياب ٿيڻ وارو پهريون ملڪ بڻجي ويو آهي. پلازما هٿيار ڇا آهي؟: پلازما هٿيار هڪ جديد جنگي ٽيڪنالاجي آهي، جيڪا روايتي گولا بارود بدران پلازما جو استعمال ڪندي آهي. پلازما چارج ٿيل ذرڙن ۽ انتهائي تيز گرميءَ تي مشتمل مادو هوندو آهي، جيڪو تباهي ڦهلائي سگهي ٿو. هي هٿيار برقي مقناطيسي شعاعن ۽ حرارتي (ٿرمل) تابڪاري ذريعي حدف تائين تمام گهڻي توانائي منتقل ڪري، ان کي مڪمل طور تي تباهه ڪري سگهي ٿو. هي رفتار، درستگي ۽ تخريبي قوت جي لحاظ کان جنگ جي دنيا ۾ هڪ وڏو انقلاب آڻي سگهي ٿو.

پلازما هٿيارن جي تياري ۾ ايران جو ڪردار: هن وقت تائين ڪنهن به ملڪ سرڪاري طور تي آپريشنل پلازما هٿيار جو اعلان نه ڪيو هو، پر ايران جديد دفاعي ٽيڪنالاجي ۾ تيزي سان اڳتي وڌي پهريون ملڪ بڻجي ويو آهي، جنهن هن قسم جو هٿيار تيار ڪرڻ ۽ هلائڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. ايران هميشه پنهنجي دفاعي صلاحيتن کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي ۽ هاڻ هو هن ميدان ۾ اڳواڻ طور سامهون اچي رهيو آهي، جنهن سبب عالمي فوجي توازن تي وڏو اثر پئجي سگهي ٿو.

پلازما هٿيارن ۽ ليزر هٿيارن ۾ فرق: هڪ عام سوال هي آهي ته پلازما هٿيار ليزر هٿيارن کان ڪيئن مختلف آهن؟ ليزر هٿيار روشنيءَ جي تيز شعاعن ذريعي هدف کي تباهه ڪندا آهن. پلازما هٿيار انتهائي گرم چارج ٿيل ذرڙن جو استعمال ڪندي وڌيڪ تباهي مچائي سگهن ٿا. اهي دشمن جي بچاءُ واري ڍال کي به ختم ڪري سگهن ٿا، جيڪو انهن کي ليزر هٿيارن کان وڌيڪ خطرناڪ ۽ اثرائتو بڻائي ٿو.

پلازما هٿيارن جون ٽيڪنيڪل خاصيتون ۽ استعمال: جيئن ته هن هٿيار جي مڪمل ٽيڪنيڪل تفصيل موجود نه آهي، پر فوجي ماهرن جو خيال آهي ته اهو ڊگهي فاصلي تائين اثرائتو هوندو ان ۾ بي مثال درستگي هوندي.  زبردست تباهيءَ جي طاقت رکندو، جيڪو دشمن جي اهم هدفن لاءِ وڏو خطرو بڻجي سگهي ٿو. جديد جنگي حڪمتِ عملي ۾ انتهائي ڪارآمد ثابت ٿي سگهي ٿو. پلازما هٿيار بيليسٽڪ ميزائلن جي مقابلي ۾ وڌيڪ فائديمند ٿي سگهي ٿو، ڇوته هي تيزي سان هدف کي نشانو بڻائي ٿو. گهٽ توانائي استعمال ڪري ٿو ۽ وڌيڪ صحيح ۽ اثرائتو آهي.

فوجي ماهرن جو خيال آهي ته پلازما هٿيار مستقبل ۾ روايتي هٿيارن جي جاءِ وٺي سگهن ٿا، ۽ اهي جنگ جي نئين نسل کي جنم ڏئي سگهن ٿا.

عالمي تحقيق ۽ ايندڙ قدم:جيتوڻيڪ هن وقت آمريڪا، روس، ۽ چين به هن ٽيڪنالاجي تي ڪم ڪري رهيا آهن، پر انهن مان ڪنهن به ملڪ ان کي آپريشنل سطح تائين نه پهچايو آهي.ان جي مقابلي ۾ ايران دفاعي ٽيڪنالاجي ۾ تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ دنيا جو پهريون ملڪ بڻجي رهيو آهي، جيڪو پلازما هٿيار جي عملي نمائش ڪندو.

عالمي ۽ اسٽريٽجڪ اثرات: ايران جي هن نئين هٿيار جي تياري عالمي طاقت جي توازن ۾ وڏيون تبديليون آڻي سگهي ٿي، ۽ گهڻن ملڪن کي پنهنجي دفاعي حڪمتِ عملي تي ٻيهر غور ڪرڻ تي مجبور ڪري سگهي ٿي. اهو هٿيار فوجي خطري جي خلاف اهم اسٽريٽجڪ اوزار ٿي سگهي ٿو.  جن ملڪن وٽ هيءَ ٽيڪنالاجي هوندي، انهن کي وڏو فائدو حاصل ٿيندو. مستقبل ۾، پلازما هٿيار مختلف ملڪن جي فوجي نظام ۾ شامل ٿي سگهن ٿا، جيڪو جنگي حڪمتِ عملي ۾ هڪ نئون رخ متعارف ڪرائيندو. مطلب ته ايران جو پهريون پلازما هٿيار عالمي فوجي ٽيڪنالاجي جي تاريخ ۾ هڪ وڏو قدم آهي.اهو جنگي هٿيارن جي نئين دور جي شروعات ڪري سگهي ٿو ۽ فوجي طاقت جي توازن کي عالمي سطح تي تبديل ڪري سگهي ٿو.اهو لڳي ٿو ته پلازما هٿيار مستقبل ۾ ترقي يافته فوجن لاءِ اهم روڪ ۽ بچاءُ وارو اوزار بڻجي ويندو، جيڪو مختلف ملڪن جي قومي سلامتيءَ تي وڏو اثر وجهي سگهي ٿو.