بلاگنئون

دلبر جو محبوب شاعر عاشق گل هالائي

سنڌ جا عاشق ۽ گل ته پسند ڪيا وڃن ٿا، پر سنڌ جي مٽيءَ جي سڳنڌ سان تازگي به نصيب ٿئي ٿي. عاشق هجي وري منجهس گل جي خوشبو شامل هجي ۽ شاعر به ھجي ته سمجهو ته دلين جي ترجماني آساني سان ٿيڻ جي اميد رهي ٿي. سنڌ جي ڀلوڙ شاعرن جي ڊگهي فهرست ۾ محترم عاشق گل ھالائي اڄڪلھه جي جھونن يا جهونين کان وٺي جوانن ۽ جوانڙين جو محبوب شاعر طور پنهنجي سادي مزاج، خلوص ڀري طبيعت، يار ويسي واري فقراھي نيازمندي ۽ وطن دوست عاشقاڻي شاعري سان ادب ذوق محفلن، ڪچهرين، سر سنگيت جي سريلي آوازن سان دل وارن جي دلين تي راڄ ڪندي ڏسجي ٿو. عاشق ھالائي ان سر زمين سان روحاني واسطو رکي ٿو، جتان شاعرن جي سرتاج شاعر شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي يڪتاري جي سرن جا لافاني مدهم آواز گونجندي ٻڌجن ٿا، جتي طالب الموليٰ جھڙي نفيس شاعر جي شاعريءَ سان “هالا” چانڊوڪي جي جلون سان جَرڪي ٿو، جتي لڳي ٿو سوز جي شاعري محبوبن کي ڀاڪرن ۾ ورتيو بيٺي آھي. ان ديس جو عاشق ڇا ڪو معمولي انسان ھوندو؟ اھو ٿي نٿو سگهي. ھالائي صاحب سان جنهن به ھٿ ملايو کيڪار ڪئي ساڻس گفتگو جي مٺن محبتي لفظن سان حال اوريا ته سمجهو اھو “عاشق” جو عاشق ٿي وڃي ٿو.

عاشق سائين جي نوڙت، دوستاڻي مزاج ۽ مصري جهڙي شاعري جي خلوص کيس ھاڻوڪي دور جي وڏن شاعرن سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي اچي نروار ڪيو آھي.  سندس شاعري جيڪا عشق مشڪ جي خوشبوئن سان وطن دوستيءَ توڙي ڌرتي جي محبتن جو طاقتور آواز بڻجي رھي آھي.  عاشق ھالائي جي شاعري کي مشھور سريلا راڳي يا سر سنگيت جو مالهائون  (فنڪارائون) دل سان دلفريب ڌنون ترتيب ڏئي سندس شاعري کي عام ڪري وڏي تعداد ۾ سندس مداح پيدا ڪري ڇڏيا آھن.

عاشق صاحب جيڪڏھن ڪنهن دوستن جي گروپ، محفل يا يار ويسي ڪچهري ۾ موجود ھوندو آھي ته شريڪ سمورا دوست کيس پنهنجي وڻندڙ شاعري سان محفل کي سرھاڻ بخشڻ واسطي عرض، گذارشون، هجتون، منٿون ئي فرمائشون  ڪري محفل کي رونقن سان، پر لطيف بڻائين ٿا. ھالائي صاحب جي ڏات جو اھو ڪمال به مون ڏٺو، جو پاڻ ڪچهري ۾ ويٺي ويٺي موقعي ۽ مناسبت سان شاعري تخليق ڪري اتي جو اتي پيش ڪرڻ جي عاليشان وصف جا مالڪ آهن. اها گڏجاڻي يا محفل نه ھوندي جنهن ۾ سنڌ جو محبوبي شاعر موجود هجي ۽ ساڻس سندس ڪلام جي فرمائش نه ٿيندي ھجي. سندس شاعري، رونقن ۾ تجلو، عاشقن جي، معشوقن سان ملاقات جو ذريعو، قرب وارين ڪچھرين جي رونقن جو وسيلو ھجن سبب شاعريءَ جو ذوق ۽ شوق رکندڙن جو دلپسند شاعر سمجهيو وڃي ٿو.

اھا ٻي ڳالھه آھي ته پاڻ سياسي جلسن جلوسن  ۾ گهٽ ڇا، پر تمام گهٽ ٿو ڏسجي  ان جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو آھي. اميد ته شهيد شاعر آڪاش جي دردناڪ وڇوڙي بعد پاڻ پنهنجن مداحن کي سنڌ مٿان ڪارن ڪڪرن واري  ھلندڙ دور ۾ مزاحمتي شاعري جي جوشيلن دلبرانا رنگن ۽ انداز سان نوازش فرمائيندا. عاشق ھالائي صاحب جي شاعريءَ ۾ اھي سمورا رنگ ضرور پسجن ٿا جيڪي ھڪ قدآور شاعر ۾ موجود هجڻ گهرجن ان لاءِ سندس شاعري کي پڙھڻ ۽ ٻڌڻ سان محبتن جون سِڪون  لاھي سگهجن ٿيون، پوءِ ڀلي يارَ سان اِھي فرمائشون ونڊ ڪري پنهنجو محبتن ڀريو پيغام پھچايو وڃي. ائين ناراض دلين کي ريجهائڻ ۽ پرچائڻ ۾ به عاشقن جي شاعري ڪمال حيثيت رکي ٿي.