بلاگنئون

مصنوعي ذهانت تخليقڪار ذهنن لاءِ خطرو يا هڪ موقعو

آرٽيفيشل انٽيليجنس AI/مصنوعي ذھانت/ھٿرادو ذھانت جي اچڻ کانپوءِ زندگيءَ جي ٻين شعبن جيان ان کي آرٽ/آرٽسٽن لاءِ خطرو سمجھيو پيو وڃي. مثال طور: پھرين آرٽسٽ بينر ھٿن سان ٺاھيندا ھئا، اھو سندن روزگار ھو، پر ھاڻي ڪمپيوٽر تي تيار ڪيا پيا وڃن.

پھريائين ڪتابن جي سر ورق جا ڊزائين آرٽسٽن کان ٺھرايا ويندا هئا، ھاڻي ڪمپيوٽر آپريٽر اي آءِ ذريعي تيار ڪن ٿا. ان طرح آرٽسٽن جي روزگار کي نقصان پھتو آھي. ھاڻي ھٿرادو ذھانت جي مدد سان خوبصورت پينٽنگز ٺاهي سگهجن ٿيون ته پوءِ ھٿ سان ٺاھيل پينٽنگز (چترڪاري) ڪير خريد ڪندو؟ ان سلسلي ۾ ڪجهه آرٽسٽن جا ڏنل جواب ھيٺ ڏجن ٿا:

عمران زيب: منھنجي خيال ۾ ته ھٿ سان ڪم ڪرڻ جي اھميت اڃان به وڌي ويندي، ڇو ته AI جو ڪم مشيني انداز جي پرنٽ جي شڪل ۾ ھوندو، جنهن ۾ ڪنھن جو خونِ جگر ۽ روح شامل نه ھوندر ۽ ھڪ ٻيو سبب… اچڻ واري وقت ۾ ھٿ سان ڪم ڪرڻ وارا ٿورا ھوندا.

حسين چانڊيو: AI کي آرٽسٽ ھلائي ٿو، ڪڏهن به AI آرٽسٽ کي نٿي ھلائي. اھو صرف ھڪ جديد اوزار/وسيلو آهي جنهن کي فنڪار استعمال ڪري ٿو. آرٽ تخليق جو نالو آهي جيڪو ڪڏهن به ختم نه ٿيندو. اھا ئي وقت جي ضرورت آهي.

عبدالخالق چنا: ھنر جي اھميت ڪڏهن به ختم نه ٿيندي. اھو سچ آهي ته ٽيڪنالاجي ڪم ڪرڻ جو طريقو بدلائي ٿي ڇڏي، پر اھا “تخليقي سوچ” جو متبادل نٿي ٿي سگهي. جھڙي ريت فوٽو گرافيءَ جي اچڻ سان پينٽنگ ختم نه ٿي بلڪه هڪ “اعليٰ فن” fine art بڻجي وئي، انھيءَ طرح AI جي دور ۾ ھٿ سان ٺاھيل شين جو قدر وڌي ويندو، ڇو ته اھي “ناياب” ھونديون.

مشين صرف اھو ڪجھه ٺاهي ٿي سگھي جيڪو کيس سيکاريو وڃي ٿو. ھڪ خريدار جڏهن ھٿ جي ٺاھيل پينٽنگ خريد ڪري ٿو ته هو صرف ھڪ تصوير نه، پر فنڪار جي وقت ۽ محنت جو ھڪ حصو خريد ڪري ٿو.

مشيني ڪم سستو ۽ وڏي پئماني تي دستياب ھوندو آھي جڏھن ته ھٿ جو ڪم قيمتي ۽ جذباتي شاھڪار ھوندو آھي.

ٽيڪنالاجي بطور اوزار استعمال ٿئي ٿي متبادل نه. اسان کي اھو سمجھڻو پوندو ته AI ھڪ خطرو ھئڻ سان گڏوگڏ ھڪ طاقتور اوزار ۽ وسيلو پڻ آهي. پھريان جيڪو فنڪار ھفتن ۾ ڪو خاڪو ٺاھيندو ھو، اھو ھاڻي AI  جي مدد سان پنهنجا آئيڊيا منٽن ۾ مڪمل ڪري سگهي ٿو. ڪمپيوٽر آپريٽر صرف “ٽُولز” ھلائي ٿو پر ھڪ آرٽسٽ انهن ٽُولز کي استعمال ڪري نئين تخليق ڪري ٿو.

تاريخ گواھ آهي ته جڏهن به ڪا نئين ايجاد آئي، جيئن ٽائيپ رائٽر کانپوءِ ڪمپيوٽر، صرف انهن ماڻهن کي نقصان ٿيو جن پاڻ کي نه بدلايو. آرٽسٽن کي گھرجي ته اهي AI جي استعمال کي سکن ۽ پنهنجو پاڻ کي جدت سان ڳنڍين ته جيئن ٽيڪنالاجيءَ جي ھن دور ۾ پٺيان رھجي نه وڃن، بلڪه ان کي پنهنجي فائدي لاءِ استعمال ڪن.

ڪمپيوٽر، بينر يا ڪتابن جا ٽائيٽل ڪور ته ٺاھي سگھن ٿا، پر انهن ۾ اھو “احساس” نٿا پيدا ڪري سگهن جيڪو ھڪ فنڪار جي برش جي ھڪ اسٽروڪ ۾ ٿئي ٿو. مستقبل ۾ ھٿ جو ڪم ھڪ “عياشي” بڻجي ويندو، جنهن جي قيمت اڳي کان به گھڻي ھوندي.

عمران سومرو: حقيقت اھا آھي ته اھو فقط ھڪ بيانيو آهي. جڏهن به ڪا نئين شيءِ ايندي آهي ته اسين ان کي سمجهڻ ۽ ان جي معلومات حاصل ڪرڻ کان بچڻ لاءِ خوف سبب ھڪ بيان ڏئي ڇڏيندا آهيون ته اھا شئي نقصان ڏيندڙ آهي يا اھا شيءِ انسان جي اھميت کي ختم ڪرڻ جي برابر آهي.

مصنوعي ذھانت/AI سان به ڪجھه اھڙو ئي معاملو آهي. ان کي سمجهڻ بجاءِ اسان ھڪ بيان ڏئي ڇڏيو آهي ته اھا ھٿ جي ڪم کي ختم ڪري ڇڏيندي، پر ايئن ڪونهي. مصنوعي ذھانت به انساني آرٽ آهي ۽ انساني ذھانت جو نتيجو آهي. ان جي اچڻ سان انسانن لاءِ ھر شعبي ۾ آسانيون پيدا ٿيون آهن. نيون راهون کليون آھن ۽ نئين سمت ملي آھي. ان کي ٽُول جي شڪل ۾ ھر شعبي ۾ استعمال ڪري سگھجي ٿو ۽ ڪيو وڃي پيو. ان اوزار انسان کي سوچڻ سمجهڻ ۽ نئين طريقي سان ڪم ڪرڻ ۾ مدد ڏني آهي. بس ھن ٽُولَ کي استعمال ڪرڻ جو طريقو اچڻ گھرجي، ڇو ته ھٿرادو ذھانت به انسان جي رحم ڪرم تي ڪم ڪري ٿي. اھا انساني ڪمانڊ جي تابع ھوندي آھي. اسين ان کي جيتري ڪمانڊ ڏينداسين، ان مطابق ئي نتيجا ڏيندي. بس انسان ۾ جيتري ذھانت ھوندي ان حساب سان ئي ڪم ڪندو بشرطيڪه اسان جو ذھن تخليقي ھجي. ان ڪري AI کي ھڪ فائديمند ۽ مددگار ٽُولَ جي طور تي سمجھيو وڃي ۽ بي خوف ٿي ان مان فائدا ۽ مقصد حاصل ڪجن.

ساقي علي: منھنجي خيال ۾ AI “ڪلونگ/ڪاپي” وانگر آهي يا فقط ٻيھر ٺاهڻ جو عمل  آهي. اھو ڪنھن لطيف فن جي ڪنهن به شاھڪار جي برابري نٿي ڪري سگهي نه ئي انساني تخيلق ڪيل آرٽ ورڪ جي. آرٽسٽ ان کي فقط ٽيڪنالاجي طور استعمال ڪري سگهن ٿا يا پنهنجي آرٽ جي ڪم ۾ مددگار طور يا سوچن ۽ خيالن ۾ فقط حوالي طور. ساڳئي وقت AI ڊجيٽل ميڊيا لاءِ بيحد فائديمند آهي خاص طرح ڪمرشل آرٽسٽن لاءِ ۽ گراف ڊزائينرن لاءِ.