آرٽيفيشل انٽيليجنس AI/مصنوعي ذھانت/ھٿرادو ذھانت جي اچڻ کانپوءِ زندگيءَ جي ٻين شعبن جيان ان کي آرٽ/آرٽسٽن لاءِ خطرو سمجھيو پيو وڃي. مثال طور: پھرين آرٽسٽ بينر ھٿن سان ٺاھيندا ھئا، اھو سندن روزگار ھو، پر ھاڻي ڪمپيوٽر تي تيار ڪيا پيا وڃن.
عمران زيب: منھنجي خيال ۾ ته ھٿ سان ڪم ڪرڻ جي اھميت اڃان به وڌي ويندي، ڇو ته AI جو ڪم مشيني انداز جي پرنٽ جي شڪل ۾ ھوندو، جنهن ۾ ڪنھن جو خونِ جگر ۽ روح شامل نه ھوندر ۽ ھڪ ٻيو سبب… اچڻ واري وقت ۾ ھٿ سان ڪم ڪرڻ وارا ٿورا ھوندا.
حسين چانڊيو: AI کي آرٽسٽ ھلائي ٿو، ڪڏهن به AI آرٽسٽ کي نٿي ھلائي. اھو صرف ھڪ جديد اوزار/وسيلو آهي جنهن کي فنڪار استعمال ڪري ٿو. آرٽ تخليق جو نالو آهي جيڪو ڪڏهن به ختم نه ٿيندو. اھا ئي وقت جي ضرورت آهي.
عبدالخالق چنا: ھنر جي اھميت ڪڏهن به ختم نه ٿيندي. اھو سچ آهي ته ٽيڪنالاجي ڪم ڪرڻ جو طريقو بدلائي ٿي ڇڏي، پر اھا “تخليقي سوچ” جو متبادل نٿي ٿي سگهي. جھڙي ريت فوٽو گرافيءَ جي اچڻ سان پينٽنگ ختم نه ٿي بلڪه هڪ “اعليٰ فن” fine art بڻجي وئي، انھيءَ طرح AI جي دور ۾ ھٿ سان ٺاھيل شين جو قدر وڌي ويندو، ڇو ته اھي “ناياب” ھونديون.
عمران سومرو: حقيقت اھا آھي ته اھو فقط ھڪ بيانيو آهي. جڏهن به ڪا نئين شيءِ ايندي آهي ته اسين ان کي سمجهڻ ۽ ان جي معلومات حاصل ڪرڻ کان بچڻ لاءِ خوف سبب ھڪ بيان ڏئي ڇڏيندا آهيون ته اھا شئي نقصان ڏيندڙ آهي يا اھا شيءِ انسان جي اھميت کي ختم ڪرڻ جي برابر آهي.
ساقي علي: منھنجي خيال ۾ AI “ڪلونگ/ڪاپي” وانگر آهي يا فقط ٻيھر ٺاهڻ جو عمل آهي. اھو ڪنھن لطيف فن جي ڪنهن به شاھڪار جي برابري نٿي ڪري سگهي نه ئي انساني تخيلق ڪيل آرٽ ورڪ جي. آرٽسٽ ان کي فقط ٽيڪنالاجي طور استعمال ڪري سگهن ٿا يا پنهنجي آرٽ جي ڪم ۾ مددگار طور يا سوچن ۽ خيالن ۾ فقط حوالي طور. ساڳئي وقت AI ڊجيٽل ميڊيا لاءِ بيحد فائديمند آهي خاص طرح ڪمرشل آرٽسٽن لاءِ ۽ گراف ڊزائينرن لاءِ.