برطانوي سامراج جنهن پنهنجو پاڻ کي سٺي حڪمراني، قانون جي بالادستي، ميرٽ ۽ بهترين بيورو ڪريسي جو استاد بڻائي ڪري پيش ڪيو، مگر انهيءَ دعويٰ جي پٺيان هڪ ڳوڙهو ٽڪراءُ موجود هو، جيڪا طاقت پاڻ ڦرلٽ، نسلي برتري ۽ منظم استحصال تي قائم هئي. اهائي اسان کي جمهوريت ۽ مهذب طرز حڪمراني جو سبق ڏئي رهي هئي. ننڍي کنڊ ۾ برطانوي راڄ حقيقت ۾ تهذيب جو مشن نه بلڪه دولت جي منظم چوري ۽ سماجي ڍانچي جي تباهيءَ جو منصوبو هو.
انگريزن صرف حڪومت نه ڪئي بلڪه ننڍي کنڊ جي انتظامي ۽ سماجي ڍانچي کي نئين سر جوڙيو. ميرٽ جي نالي تي هڪ سخت طبقاتي بيورو ڪريسي قائم ڪئي وئي. هيٺين سطح تي مقامي اشرافيه کي شامل ڪيو ويو. اهڙا ماڻهو جيڪي عوام کان ڪٽيل، جاگيرداراڻي پسمنظر جا لائق ۽ سامراج جا وفادار هئا. جڏهن ته اعليٰ اختيار ڳوري چمڙيءَ وارن بيٺڪيتي آفيسرن جي هٿ ۾ رهيا. ائين هڪ اهڙي بيورو ڪريسي وجود ۾ آئي جيڪا عوام جي نمائنده نه بلڪه حاڪماڻي ۽ اشرافيائي هئي.
اهو نظام اصل ۾ هڪ افلاطوني سامراج جي صورت اختيار ڪري ويو، يعني اهو تصور ته رياست تي “اهل” ۽ “برتر” فردن کي حڪومت هجڻ گهرجي. جڏهن ته عام ماڻهو حڪومت جي لائق ناهي. افلاطون ۽ ارسطو، جن کي مغربي فلسفي جو ٿنڀ سمجهيو ويندو آهي، جمهوريت جا سخت ناقد هئا. انهن جي ويجهو حڪمراني صرف خاص رت، فطري برتري ۽ طبقاتي فضيلت رکڻ وارن جو حق هئي، جمهوريت کين کي ان ڪري پسند نه هئي ته ۽ اها عام ماڻهن، هارين، ڪاريگرن ۽ ايستائين ته غلامن کي آواز ڏيندي هئي.
مارڪسزم ان دوکي ٽوڙيو يعني مارڪسزم جي ويجهو رياست ۽ بيورو ڪريسي ڪي جانبدار ادارا نه، بلڪه طاقتور طبقي جي مفادن جي عڪاسي آهن، جتي افلاطون ۽ ارسطو طبقاتي فرق کي فطري قرار ڏنو، اتي مارڪس ثابت ڪيو ته اهي تاريخي ۽ انسان جا ٺاهيل تعلقات آهن.
يونان ۾ پيريڪلس جي دور جي جمهوريت، جيتوڻيڪ غلامي جهڙن ٽڪرائن سان ڀري پئي هئي، پوءِ به اشرافيه جي حڪمراني کان هڪ طرح انڪاري هئي. شرڪت، مڪالمو ۽ فيصلي سازيءَ هڪ نئين سياسي تخيل کي جنم ڏنو. اهوئي سبب آهي ته ڊائيوجينس افلاطون تي ٺٺول ڪئي ۽ غلاميءَ کي فطري مڃڻ کان انڪار ڪيو. هن جي ويجهو غلامي انسان جي ٺاهيل زنجير هئي نه ڪي ڪو قدرتي قانون.
برطانوي سامراج ننڍي کنڊ ۾ انهيءَ جمهوري روح جي خلاف بيوروڪريسي جوڙي. هن اهوئي طبقو پيدا ڪيو، جنهن کي فرانتز فينن “ڪمپرادور” ڪلاس سڏيو، يعني هڪ اهڙو مقامي اشرافيه جيڪو عالمي طاقتن جي مفادن جو محافظ هجي نه ڪي پنهنجي عوام جو نمائندو. اهو طبقو بيٺڪيتي قدرن کي برتري جي نشاني سمجهي اپنائيندو رهيو.
پاڪستان جي قيام ۽ ڀارت کانپوءِ بيٺڪيتي رياست ته ختم ٿي وئي، پر ان جو روح باقي رهيو. خاص طور تي پاڪستان ۾ بيوروڪريسي ۽ حڪمران طبقو سامراجي قدرن جو پوئلڳ ۽ انهن قدرن جو محافظ بڻجي ويو. ساڳيو ئي غرور، اهائي عوام کان دوري، اهائي حڪم ڏيڻ واري نفسيات، ادارن جي بيٺڪيتي سڃاڻپ کي ٽوڙڻڻ بجاءِ ان کي حڪمرانن پنهنجي مفاد ۾ استعمال ڪيو.
نتيجي طور پاڪستاني رياست جا ادارا سماج سان گڏجي ڪم ڪرڻ بجاءِ استحصالي بڻجي ويا. بيوروڪريسي ۾ رڍن واري ذهنيت شعور جي جڳھه وٺندي وئي ۽ فرمانبرداري عوامي خدمت ۽ عهدي جي جوابدهي جو تصور ختم ٿيندي ويو. ائين جديد انداز ۾ هڪ نئون جاگيرداراڻو نظام قائم ٿي ويو، اهوئي سبب آهي ته پاڪستان کي اڄ سخت رياست سڏيو وڃي ٿو. طاقت ۾ مضبوط، مگر اخلاقي ۽ جمهوري قدرن کان محروم.
فينن خبردار ڪيو هو ته جيڪڏهن بيٺڪيتي ادارن کان بنيادي ناتو ٽوڙيو ويو ته نوآبادياتي نظام کانپوءِ رياست صرف پراڻي جبر کي نئين جبر سان جاري رکندي.
پاڪستان جي تاريخ فينن جي انهن لفظن جي تصديق ڪري ٿي. بيوروڪريسي ۽ حڪمران طبقو اڄ به عوامي حقيقت کان ڪٽيل، وچئين دور جي ذهنيت سان گڏ حفاظت ڪري رهيو آهي.
جيڪڏهن پاڪستان ۾ جمهوريت کي محض رسم جي بجاءِ حقيقت بنائڻو آهي ته (deconstruction) ضروري آهي. نوآبادياتي بيوروڪريسي جي منطق کي صرف سڌارن سان نه، بلڪه پاڙ کان پٽڻو پوندو. اها تبديلي جيڪا يقينن اشرافيه جي اندر کان نه ايندي، پر ان جي لاءِ عوام جي گڏيل جدوجهد، شعوري تنظيم ۽ هڪ اهڙي قيادت گهربل آهي، جيڪا عوامي اداري کي سڃاڻپ واري تبديليءَ ۾ بدلائي سگهي يعني هراول دستي ۾ تبديل ڪري سگهي.