ڪتاب تي تبصرونئون

“پورٽريٽ ٿيل پيڙا”

ڪهاڻي نئين يا پراڻي ناهي ٿيندي ۽ نه ئي ڪهاڻيڪار نئون يا پراڻو ٿيندو آهي، ادب جي ابتدائي تخليقي گهڙيءَ کان هن مهل تائين اسلوب ئي تبديل ٿيندو رهيو آهي، جيئن ڪابه هڪ ڳالهه ٻن ماڻهن جي زباني ٻڌبي ته ٻنهي جو اندازِ بيان الڳ الڳ هوندو، پر ڳالهه ساڳي ئي هوندي، ائين ئي ڪابه هڪ ڪهاڻي جيڪڏهن ٻه ڪهاڻيڪار لکندا ته ٻنهي جو اسلوب الڳ الڳ هوندو، پر ڪهاڻي ساڳي ئي هوندي. ڌرتيءَ جي هن گولي تي پهرين انسان جي پريشاني، پيڙاءِ، اداسي ۽ اڪيلائي هن مهل تائين جي انسان کان الڳ ناهي، پر انهن سمورن جا وجودي ڪارڻ الڳ الڳ رهيا آهن ۽ اهي انسان تي پڻ الڳ الڳ نموني سان اثر انداز ٿيندا رهيا آهن. جڏهن صدين پڄاڻان، اثر اندازيءَ جي اهائي تاثيرَ مختيار جماليءَ تائين پهتي ته هن انهيءَ اذيت کي تخيل جو روپ ڏنو ۽ اسان کي هڪُ ڪهاڻين جو مجموعو “پورٽريٽ ٿيل پيڙا” ڏنو، هاڻي اذيت ڀريو اهو تخيل اسان سڀني جي ميراث آهي.

هيءُ ڪتاب “پورٽريٽ ٿيل پيڙا” انساني المين ۾ اڻيل سندس پهريون ڪهاڻي ڪتاب آهي، جنهن ۾ ٻارنهن ڪهاڻيون شامل آهن. ڪتاب تازو ئي سڦلتا پبليڪيشن ڇپائي منظر تي آندو آهي، ڪتاب جي ارپنا سنڌي ٻوليءَ جي هڪ غير معمولي ليکڪ ڊاڪٽر رسول ميمڻ کي ڪئي وئي آهي.

مختيار جمالي جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي هڪ نئين جنم جو نالو هو، پر هاڻي اهو مختيار جمالي ڪهاڻيءَ جي ڪاڪِ جو هڪ حوالو بڻجي چڪو آهي، هُن انسان جي فطري جذبي جي بي چينيءَ بدولت پيدا ٿيندڙ ڏُکَ کي پورٽريٽ ڪيو آهي. فرد جي ذات جِي گهرائين، روين جي تلخين، بدمزاجين، اضطرابن ۽ عاجزيءَ کي پنهنجي ڪهاڻين ۾ پيش ڪيو آهي، چئي سگهجي ٿو ته هُو اداس ۽ اڪيلائين جي وبا ۾ وڪوڙيل ڪردارن جو سفير آهي.

هن جو فڪر انسان جي عظمت ۽ فرد جي ذاتي زندگيءَ جي آزادي آهي، هُن پنهنجي هِن ڪتاب “پورٽريٽ ٿيل پيڙا” ۾ موجوده سنڌي سماج ۽ ان سماج جي نفسيات سان گڏ ان جي خوفناڪ اذيت ڀرين اثرن کي پڻ پورٽريٽ ڪيو آهي.

مختيار جماليءَ جي ڪهاڻين جي مطالعي مان محسوس ٿيو آهي ته هُو بذات خود هڪ حساس، اداس ۽ تنها انسان آهي، هن وٽ دل جي درد کان ديس جو درد وڌيڪ آهي، هن جي ڪهاڻين جا مظلوم، بيوس ۽ بي سهارا ڪردار سنڌ وطن جا اهي بدنصيب ماڻهو آهن، جن کان زندگيءَ جي دلڪشي ڦرجي چڪي آهي، هاڻي هُو ڪنهن ننڍڙي گونگي ٻارَ جيان پنهنجي فرياد ڪرڻ چاهين ٿا!

ڪتاب جي پهرين ڪهاڻي هڪ رات جي ڪٿان کان شروع ٿئي ٿي، اها ڪٿا درحقيقت ڪيترن ئي سماجن جي ڪيترين ئي راتين جي اجتماعي ڪٿا آهي. هڪ تخليقڪار پنهنجي تخيل ۾ ڪائنات کي ائين سمائي، ڪوزي ۾ سمنڊ بند ڪندو آهي. هن ڪهاڻيءَ جي عورت ڪردار کي پنهنجي پهرين پيار يا خطا تي پڇتاءُ ٿيندو آهي ۽ نئين همسفر سان اهو اوري، ندامت جي بڙڇيءَ کان بچڻ چاهيندي آهي، پر هڪ حادثو حالتن تي ڪيترو ڳرو گذرندو آهي، اهوئي هن ڪهاڻيءَ جو فن ۽ تخيل جو اعليٰ نمونو آهي.

ائين ئي ڪتاب جي ٽئين ڪهاڻي “هستيءَ جو بنواس” پڻ ازدواجي جيون ڪٿا جي هڪ جهلڪ آهي، هڪ رات جو اهو منظر جنهن کي اهڙي ڪمال انداز سان پورٽريٽ ڪيو ويو آهي، جو پڙهندڙ ٻن جوان جسمن جي پيڙا کي محسوس ڪري، بي چين ۽ اداس ٿي ويندو. جنهن ماڻهوءَ سان دل نه ملي ان شادي ته ڇا، پر هٿ به نه ملائجي، نه ته نخلستان جهڙو جيون تتل صحرا بڻجي ويندو ۽ صحرا ۾ ڪوبه سک ناهي هوندو.

ڪهاڻي “کاٻو پير” جو ڪردار دوستن جي دل جي دريءَ وٽ گلَ ۽ مرڪ کڻي بيٺل آهي، پر دوست کانئس مرڪن ۽ گلن جا تحفا وٺڻ کان انڪاري آهن، هيءَ ڪهاڻي وجوديت جي فلسفي تحت سِرجيل آهي، جنهن جو مرڪزي ڪردار هڪ عجيب هيجان ۾ مبتلا آهي، دوستن جي گفتگو جي رفتار سندس سور جو سبب بڻجي ٿي، درحقيقت علامتي انداز ۾ تخليق ڪيل اها ڳالهه دوستن جو تيزيءَ سان منافقيءَ جون ڏاڪڻيون چڙهڻ ڏانهن اشارو آهي، دل جي دنيا جا دوست جڏهن منافق ٿين، چاهي اهي تخليقي دنيا جا هجن يا ذاتي دنيا جا هجن، ماڻهوءَ تي بيحد خطرناڪ نموني اثر انداز ٿيندا آهن… ۽ پوءِ هڪ معصوم دل رکندڙ تخليقڪار اهڙي ئي ڪهاڻيءَ کي جنم ڏيندو آهي، جنهن ۾ کاٻي پير جي وجود نه هجڻ جو علامتي ڪلائمڪس ئي واضع ڪندو آهي ته هاڻي منهنجو ڪوبه دوست ناهي، مان پاڻ ئي پنهنجو دوست آهيان.

مختيار پنهنجي ڪهاڻي “خوف جي خطا” تخليق ڪري، ٻڌائڻ چاهيو آهي ته هُو نئين سماج جي تشڪيل جو خواهشمند آهي، جنهن ۾ دل جي ٽاريءَ تي آيل پيار جو پکي ڪنهن خوف سبب ڀڙڪي، اڏامي نه وڃي، هيءُ ڪردار گهٽيل سماج جي عڪاسي ڪرڻ سان گڏ سماج جي حيواني پاسن جو پڻ ادراڪ رکي ٿو، جيڪو درحقيقت ڪهاڻيڪار جو پنهنجو ئي ادراڪ آهي.

ڪهاڻي “بي ترتيبيءَ جو توازن” جو هڪ جملو آهي ته؛ “هرهڪ ماڻهو پنهنجي ڪوڙي پاڇي سان پيار ڪندو آهي، ساڻس کلندو ۽ روئندو آهي!”  ڪهاڻيءَ جو عنوان ئي واضح ڪري ٿو ته هڪ بي ترتيب شخص جي وجود جي توازن جي ڪٿا آهي، وجودي لاڙي هيٺ سرجيل هڪ اعليٰ ڪهاڻي آهي، مٿي ذڪر ڪيل جملو انسان جي اڪيلائيءَ کي بيان ڪري ٿو، اڪيلائي جيڪا انسان جي وجود کي اڏوهيءَ جيان لڳل هوندي آهي، هڪ  تنها انسان پنهنجي ڪوڙي پاڇي سان کلي ۽ روئي ٿو. انسان جو اهو الميو جديديت پڄاڻان سماج ۾ بيحد خطرناڪ حد تائين وڌي رهيو آهي ۽ اسان ان جي رفتار آڏو بيوس آهيون.

“تصوير ۾ جاڳندڙ ڪهاڻي” هڪ مصور جي ڪهاڻي آهي، جنهن جي وجود جو خاليپڻو کيس کائي، کوکلو ڪري رهيو آهي، هيءُ زندگيءَ ۾ صحرا جهڙي ويراني رکندڙ ڪردار آهي، سندس اها ويراني محبوبه جي عڪسن کي مڪمل ڪرڻ سان مڪمل ٿيندي آهي. هن ڪردار کي محسوس ڪرڻ کانپوءِ سمجهي سگهججي ٿو ته هيءُ درحقيقت تخيل جي سحر انگيز ۾ جيئندڙ شخص جي ڪهاڻي آهي.

ڪتاب جي نائين ڪهاڻي “ڊهندڙ وجود جو ويراڳ” ۽ ٻارهين ڪهاڻي “ڳولا” سنڌ وطن جي سماجي ۽ معاشي تصوير ڪشي آهن، جنهن ۾ ماڻهن جي لاوارثي، بک ۽ پاڳل پڻي جي شروعات آهي.

ڪهاڻي “وڻ جو وڇوڙو” مون کي بيحد اداس ڪيو آهي، هن ڪهاڻيءَ ۾ غربت سبب هڪ شخص گهر ۾ لڳل نم جو وڻ وڪرو ڪندو آهي ۽ انهيءَ جهوريءَ ۾ بيمار ٿي پوندو آهي، مون کي وطن جا وڻ وڪرو ڪرڻ وطن وڪرو ڪرڻ جي مصداق ئي لڳندو آهي، وطن وڪرو ڪري پيٽ پالجي، ڪيڏو الميو آهي، پر هتي ته ڳالهه ان کان به اڳتي نڪري چڪي آهي، وڻ جي وڪري جو سبب ڀاءُ جو علاج ڪرڻ هو… پر هاءِ افسوس ڀاءُ به ويو ته وڻ به ويو!

***