هڪ عام انگريزي چوڻي آهي ته سچي پيار ڪندڙ کي ڳوليو، چهرو ڪهڙي ڪم جو ؟
بلڪل ائين ئي هڪ ايماندار اڳواڻ کي ڳوليو. ڳالهين جي ڳهير، ليکي باز، تقرير باز ۽ موروثي بيڪ گرائونڊ رکندڙ ليڊر ڪهڙي ڪم جو.
***
اُٺ تڏهن ٿي رنا جڏهن ٿي ٻورا سبيا. (هڪ عام چوڻي.)
سو يارو! جڏهن کان جڳ جهان پاڻ کي چاچا چوڻ شروع ڪيو، تڏهن کان ئي سمجهي وياسين ته هاڻ پاڻ ڪنهن نازنين جي نيڻ نهار کان چڙهي وياسين.
هاءِ ڙي جوڀن جاڙ ڪيئي.
***
ماڻهو جيستائين زنده آهي تيستائين هُو پنهنجي نجي زندگي ۾ موت اکين سان نٿو ڏسي ته اُن جو فڪر ڇو ؟ ۽ جڏهن زندگي کانپوءِ موت جو سواءِ ڪتابن ۾ لکيل ۽ ٻڌل ڳالهين کان وڌيڪ (ٻيو) هن جو خود ذاتي مشاهدو آهي ئي ڪونه، ته پوءِ موت کان ڊپ ڇا جو؟ هِن وقت (حال) ۾ توهين زنده آهيو، ڇا اِهو ڪافي ناهي؟ تنهنڪري ڇڏيو، انهن مفروضن ۽ ڪتابي ڳالهين کي، جيڪي هن وقت توهانجي روان دوان زندگي ۾ آهن ئي ڪونه ۽ بي فڪر ٿي پنهنجو جيون ڀرپور جيئو.
***
اليڪشن عام ماڻهن لاءِ تقدير بدلائڻ جو وسيلو آهي ۽ وڏن ماڻهن لاءِ انويسٽمينت (مال ميڙڻ جو واپار).
پنھنجي ملڪ ۾ اليڪشن کان پوءِ عام ماڻھو جي تقدير نٿي بدلجي ۽ وڏن ماڻھن جو پيٽ جيئن پوءِ تيئن وڌندو وڃي ٿو.
آخر نيٺ تہ ھڪ ڏينھن اھو پيٽ ڦاٽندو ۽ اُھو ڏينھن، بلاشڪ عام ماڻھو جي تقدير بدلجڻ جو ڏينھن ھوندو.
***
فيس بڪ جا جيالا به دنيا جي عجيب و غريب مخلوق (Alien) آهن، کين سڃاڻن ڀوتار (وڏيرا، وزير، مشير) ته ڇا پر انهن جا ڪمدار (خليفا، چمچا) به ڪونه، پر وتندا انهن سان فوٽو ڪڍرائيندا ۽ وري فيس بڪ تي وڏي فخر سان شيئر به ڪندا.
ڪوئي تو شرم هوتي هئہ، ڪوئي تو حيا هوتي هئہ
***
عقيدي پرستي يا شخصيت پرستي ان ڪري نقصانڪار آهي جو اها ماڻهو کي هڪ محور تائين محدود رکي ٿي ۽ اُن کان ٻاهر نڪرڻ نٿي ڏي. جڏهن ته فڪر حدن کان ٻاهر سوچي ٿو، انهي ڪري ئي انساني واڌ ويجهه جو ڪارڻ بڻيل آهي. پر جي ماڻهو هڪ ئي فڪر کي ڪُل ۽ مڪمل سچ سمجهڻ لڳي ته اُها فڪر پرستي ئي ٿي ۽ اُها ماڻھو کي هڪ ئي فڪري دائري ۾ گهمائيندي رهندي. اُها ڪڏهن به هُن کي اُن کان ٻاهر نڪرڻ نه ڏيندي ۽ سندس فڪري سگهه جي واڌ ۽ ڦهلاءُ کي روڪي ڇڏيندي. اها فڪر پرستي به اوتري ئي نقصانڪار آهي، جيتري عقيدي پرستي يا شخصيت پرستي.
***
ممڪن آھي تہ هڪ ڏينهن متان پاڪستان تان پرڏيهي ملڪن ۽ بين الاقوامي مالياتي ادارن جو قرض لهي به وڃي؟ پر هڪ ڀٽي جو قرض آهي، جو لڳي ٿو ته سنڌي ماڻهن تان مشڪل ئي لهي ۽ جيسين اِهو قرض نٿو لھي، سوال ئي پيدا ڪون ٿو ٿئي ته سنڌي ماڻهو ترقي ڪري ۽ سڌري.
***
چون ٿا ته مها پر لئه (قيامت) جي ڏينهن اُهي سڀ انسان احتساب لاءِ اُٿاريا ويندا، جيڪي ڪن فيڪون (ٿي پئو) جا ڄايا.
اڙي موت! اسان ڪن فيڪون کان اڳي هياسين. تون ڇا اسان جي سزا ۽ جزا جو ڇا تعين ڪندين. اسين لاحد جا واسي، اوستائين تنهنجي پهچ ڪٿي؟
***
ڪالهه جي دور ۾ ماڻهن جي رشتن ناتن سان محبت هئي ۽ اُنهن کي وڌيڪ وقت ۽ اهميت ڏيندا هئا ۽ اڄ جي دور ۾ رشتن، ناتن کي ته ڇڏيو، پر ماڻهو جي پنهنجي محبوبه کان به وڌيڪ موبائل سان محبت آهي ۽ اُن کي وڌيڪ وقت ڏئي ٿو. جتي سائنس ۽ جديد ٽيڪنالاجي ماڻهن جي زندگي کي سهل ۽ آسان بڻايو آهي، اُتي اُن سماجي قدرن کي به ڪنهن حالت ۾ بي معنيٰ بنائي ڇڏيو آهي. ممڪن آهي ته ڪير ان کي ناسٽلجيا (ماضي سان چهٽي رهڻ) ڪوٺي پر پاڻ کي ته ان ڳالهه ۾ وزن لڳي ٿو.