بلاگنئون

اڃان امِ رباب کي عدالتن مان انصاف جي اميد آهي!؟

امِ رباب چانڊيو جي گهرڀاتين جي قتل ڪيس بعد مسلسل اٺن سالن جي جدوجهد جو جيڪو نتيجو سامهون آيو ان پوري دنيا کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي ۽ هرڪو اهو چئي رهيو آهي ته موجوده عدالتي نظام غريبن لاءِ الڳ ۽ سردارن لاءِ الڳ حيثيت رکي ٿو. اهو نظام گهڻي ڊيگهه ڪندڙ ۽ انصاف جو قتل ڪندڙ آهي جنهن جو ثبوت امِ رباب چانڊيو جو هاءِ پروفائل ٿيل ڪيس آهي جيڪو واقعو 17 جنوري 2018 جي ​​صبح جو سنڌ جي مشهور شهر ميهڙ ۾ پيش آيو. هي هڪ اهڙو واقعو هو جنهن جي هڪ پاسي عام زندگي هئي ۽ ٻئي پاسي اونداهه هئي جنهن مان فرار ٿيڻ ممڪن نه هو. هٿياربند ماڻهن احمد ڪالوني ۾ هڪ گهر تي حملو ڪيو. گهر کي گهيرو ڪيو ويو، دروازن جي اڳيان گاڏيون بيهي ويون ۽ ڪجهه لمحن ۾ گولين جي گونجار ٿي ۽ هن حملي ۾ رئيس ڪرم الله چانڊيو، سندس پٽ مختيار چانڊيو ۽ قابل چانڊيو گولين جو کاڄ بڻجي ويا. ٽي لاش زمين تي هئا، پر حقيقت ۾، هڪ پورو گهر، هڪ پورو خاندان ختم ٿي چڪو هو. هي ڪو اوچتو واقعو نه هو، پر هن پسمنظر ۾ خانداني تڪرار، اختلافي سوچ،  اقتدار اڳيان رڪاوٽ ۽ مستقبل لاءِ رستو صاف ڪرڻ جي جدوجهد هئي. خانداني فردن جو موقف هو ته مختيار چانڊيو کي اڳواٽ ڌمڪيون ڏنيون پئي ويون. هن هڪ اهڙي ڪائونسل ٺاهي هئي جيڪا روايتي سرداري نظام لاءِ هڪ چئلينج سمجهي ويندي هئي. انهن کي چيو ويو هو ته ان کي ختم ڪريو يا نتيجا ڀوڳڻ لاءِ تيار رهو ۽ پوءِ اهو ٿيو جيڪو انهن کي ڊپ هو. واقعي واري ڏينهن ٻه گاڏيون، هڪ اڇي ڪرولا ۽ هڪ اڇي لينڊ ڪروزر، اپارٽمينٽ جي سامهون بيٺيون. هٿياربند ماڻهو ٻاهر نڪري آيا. انهن ۾ علي گوهر چانڊيو، غلام مرتضيٰ چانڊيو، سڪندر چانڊيو ذوالفقار، غلام قادر عرف قادو چانڊيو ۽ برهان چانڊيو شامل هئا جن گاڏيءَ ۾ ويٺل شخص جي اشاري تي فائرنگ شروع ڪئي. جنهن جي نتيجي ۾ ٽي ماڻهو مارجي ويا ۽ بعد ۾ هڪ حملي آور ماري ان واقعي جو حصو بڻايو  ويو، جنهن جي سچائي ڪيس مڪمل ٿيڻ تائين واضح نه ٿي سگهي.

ٻئي ڏينهن واقعي جي ايف آءِ آر درج ڪئي وئي، پر پوءِ به دير ٿي چڪي هئي. جنهن سڄي ڪيس کي ڌنڌلو ڪري ڇڏيو. غير شفاف جاچ، شاهدن جي بيانن ۾ تضاد، دٻاءُ جون رپورٽون ۽ سڀ کان وڌيڪ، طاقتور نالن جي موجودگي شامل هئي جن ۾ سنڌ اسيمبليءَ جا ٻه ميمبر سردار احمد خان چانڊيو ۽ سندس ڀاءُ برهان چانڊيو شامل هئا. جڏهن ته سڪندر علي چانڊيو، علي گوهر چانڊيو، عبدالستار چانڊيو، ذوالفقار، غلام مرتضيٰ ۽ عبدالڪريم چانڊيو جا نالا به سامهون ايندا رهيا، پر هن واقعي ۾ سڀ کان مضبوط ڪردار هڪ نوجوان نياڻي امِ رباب جو هو، هڪ نياڻي جنهن هڪ ئي ڏينهن ۾ پنهنجي ڏاڏي، پيءُ ۽ چاچي جي لاشن کي پنهنجي رت ۾ ٻڏل ڏٺو ۽ لڙڪ ڳاڙڻ بدران سندن مٿان بيهي وچن ڪيو ته انهيءِ ظالم سرداري نظام جي خاتمي تائين جستجو جاري رکندي، جنهن بيگناھه ماڻهن کي لهو لهان ڪري ڇڏيو ۽ هڪ ويڙهو اجاڙي ڇڏيو. هوءَ اکين ڏٺي ظلم خلاف سراپا تحريڪ ٿي بيٺي ۽ پيرين اگهاڙي عدالتن کان انصاف طلبيندي رهي، ڪڏهن ميڊيا جي سامهون ٿي آئي ته ڪڏهن عوامي ميڙاڪن ۾ پنهنجو آواز بلند ڪندي رهي. ڪڏهن هٿ ۾ لالٽين (بتي) کڻي اونداهي انصاف کي روشني ڏيکارڻ لاءِ عدالت پهتي ته جيئن سندس ڪيس ۾ ملوث ماڻهن کي سزا ملي سگهي. مون کي ياد آهي ته مئي 2018ع ۾، هوءَ ان وقت جي چيف جسٽس جي ڪار جي سامهون بيٺي ته جيئن ڪو سندس ڳالهه ٻڌي. هن بار بار چيو ته مون سان انصاف جو واعدو ڪيو وڃي، پر وقت گذرندي انصاف کانئس وڌيڪ پري ٿيندو ويو ۽ سندس خاندان کي ڌمڪيون ملنديون رهيون، پر هوءَ خدا کانسواءِ ڪنهن کان به نه ڊني ۽ قانون جي رکوالي ڪندي هر بار ڪورٽ کي بانور ڪرائيندي رهي ته مان توهان جي عدالت مان انصاف جي طلبگار آهيان، مان قانون جي پاسداري ڪنديس. ڪيس هلندو رهيو، اک ڇنڀ ۾ سال گذري ويا. عدالتون بدلجنديون رهيون. ڪڏهن دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت، ڪڏهن سيشن ڪورٽ، ڪڏهن هاءِ ڪورٽ، ڪڏهن سپريم ڪورٽ. هر هنڌ هڪ نئين اميد ۽ هر ڀيري هڪ نئين دير، سندس سوين پيشيون ٿيون. شاهد پيش ٿيا ۽ پوءِ طاقت جي اڳيان منحرف ٿيندا ويا. بيان تبديل ٿيندا ويا، ڪجهه شيون شامل ڪيون ويون ته ڪجهه پاسي ڪيون ويون. جوابدارن جون جيڪي اڳ ۾ نه هيون وري شامل ڪيون ويون، فريادين جون ڪجهه شيون جيڪي موجود هيون سي غائب ٿي ويون. ڪجهه ماڻهو ضمانت تي ٻاهر آيا. ڪجهه خلاف الزام ڪمزور ٿي ويا ۽ آهستي آهستي هڪ مضبوط ڪيس ڪمزور ڪهاڻي ۾ تبديل ٿيڻ لڳو. شايد اهو ئي اصل الميو آهي ته هن ملڪ ۾، ڪڏهن ڪڏهن ڏوهه ۽ سزا جي وچ ۾ هڪ فرق هوندو آهي. هڪ اهڙو فرق جتي سچ گم ٿي ويندو آهي ۽ قانون ان کي ڳولهي نه سگهندو آهي. جتي ڪيس ختم ٿي ويندو آهي، پر سوال باقي رهندا آهن.

امِ رباب جو ڪرمنل ڪورٽ دادو مان ڪيس ختم ٿي ويو ۽ ڪوبه ڏوهاري نه ٿيو سڀ جا سڀ جوابدار باعزت بري ٿي ويا ۽ ان خوشيءَ ۾ قلم 144 لاڳو هوندي هٿيارن جا منهن کولي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪندا ڪورٽ ۽ قانون کي للڪاريندا ويا ته اسان ڪيترا به خون ڪريون اسان کان ڪوبه پڇڻ وارو ڪونهي، پر امِ رباب جي ڪهاڻي اڃان ختم نه ٿي آهي. هوءَ اڃان تائين وڙهي رهي آهي، پر هن ڪيس هڪ ڳالهه ثابت ڪئي آهي: انصاف صرف هڪ فيصلو ناهي، انصاف هڪ سفر آهي ۽ جڏهن هي سفر تمام ڊگهو ٿيندو آهي ته انقلاب جي راهه هموار ٿيندي آهي. ڇو ته مولا علي عه فرمايو هو ته “حڪومت ڪفر سان قائم رهي سگهي ٿي، پر ظلم سان نه”، سو امِ رباب دادو جي ڪرمنل ڪورٽ جي جج جي فيصلي ۽ جوابدارن پاران هٿيارن جا منهن کولڻ جي جواب ۾ لبيڪ يا حسين عه ۽ سرداري نظام نامنظور جا نعرا هڻندي وچن ڪري ڇڏيو ته هوءَ انهن ئي عدالتن کان انصاف وٺي ڏيکاريندي. هن چيو ته مان ڏکاري ضرور آهيان، پر مايوس ناهيان. هن ڪيس چَڱَن ڀلن ماڻهن جا چهرا بي نقاب ڪري ڇڏيا آهن. هن ڪيس ۾ ڀوتار، نواب، سردار چونڊيل نام نهاد نمائندا، ضمير فروش، ڪم ظرف واٺا، درٻاري، ڪاغذي، نمائشي وڪيل اڳواڻ هڪ پيج تي نظر آيا آهن. اها به حقيقت آهي ته ردي ۽ مدي خارج سرداري نظام جا امِ رباب تاج ۽ تخت لوڏي ڇڏيا آهن. هن وقت سرداري ۽ ڀوتارڪي نظام وينٽيليٽر تي آخري پساهه کڻي رهيو آهي. اڄوڪو ڀوتارڪي ۽ سرداري نظام رياستي ادارن جي ذريعي پاڻ کي زنده رکيو پيو اچي، چوندا آهن شڪستون لاوارث ٿينديون آهن، امِ رباب ۽ سنڌ جا مظلوم ماڻهو لاوارث شڪستن جا به ڌڻي ٿي بيٺا آهن. سنڌ جو ماڻهو عارضي شڪستن کان مايوس نه ٿئي هي هڪ ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جو فيصلو هو، اڃان ڊگهي قانوني جنگ ويڙهه هاڻي شروع ٿيندي. هاءِ ڪورٽ، سپريم ڪورٽ ۽ عوامي عدالتن جا فورم اڃان رهيل آهن. رياست ماءُ هوندي آهي، اسان وٽ ائين ئي آهي، پر اها ظلم ڪندڙ سردارن لاءِ اصلي ماءُ ۽ بيگناهه مظلومن لاءِ ويڳي ماءُ وارو ڪردار ادا ڪري ٿي. بهرحال هو ڪيتريون ئي رڪاوٽون وجهن، پر انصاف جو اوسيئڙو هڪ ڏينهن امِ رباب کي ڪاميابيءَ سان همڪنار ضرور ڪندو.