بلاگنئون

پاڪستان ۾ مون سون جي برساتن ۽ ٻوڏ حڪمرانن جي ڪرپشن ۽ ناقص پاليسين تان پردو هٽائي ڇڏيو آهي

پاڪستان ۾ ٻوڏ ۽ برساتن کان بچاءُ لاءِ اپاءُ ته ٺهيو ويتر پئسن ڪمائڻ لاءِ دريائن جي پاڻي جي رستن، وهڪرن ۽ پيچرن اڳيان مهانگيون سوسائٽيون اڏيون وڃن ٿيون، هي جيڪو اوورسيز پاڪستانين ۽ مڊل ڪلاس سرمائيدارن جو لاهور سميت ملڪ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ ٻوڏ ۽ برسات جي ڪري نقصان ٿيو آهي ان جا اصل ڪارڻ ۽ ذميوار ڪي عام ماڻهو نه، پر حڪومت جا وزير، مشير ۽ ادارن ۾ ويٺل مهان ڪرپشن جا گرو آهن، جن حڪومت جي ملي ڀڳت سان ناجائز طريقي سان هي مهانگيون سوسائٽيون منظور ڪرائي اوورسيز پاڪستانين سميت مڊل ڪلاس پاڪستاني سرمائيدارن جو جاني ۽ مالي نقصان ڪيو آهي. ڇا انهن سوسائٽين جي مالڪن يا ادارن کان ڪو پڇڻ وارو آهي، سوال اهو پيدا ٿو ٿئي ته دريائن جي پاڻيءَ جي قدرتي وهڪرن ۽ پيچرن جي رستن تي هنن کي رهائشي سوسائٽين جي اجازت ڪنهن ڏني ۽ ڪنهن جي اجازت سان ملي آهي. هن ملڪ جو وڏو الميو هي آهي ته آهيون اسين پڪا حاجي نمازي ۽ مسلمان، پر هتي پئسن عيوض ايمان جو سودو با آساني ڪيو ويندو آهي. فخر سان پاڻ کي ديندار سڏائيندا آهيون. پوءِ اسان کان ته لک درجا اهي ماڻهو بهتر آهن جيڪي انسانيت جو قدر ۽ قيمت، سڪون ۽ مال و جان جو تمام گهڻو خيال رکندا آهن. بهرحال هي جيڪو به دريائي ٻوڏ ۽ قدرتي برساتن ذريعي پاڪستانين جو نقصان ٿيو آهي ان جا ذميوار اهي سوسائٽين جا مالڪ ته آهن ئي آهن، پر انهن کان وڌيڪ ڏوهاري اهي ادارا آهن جهڙوڪ: سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ پنجاب بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۾ ۾ ويٺل وڏا وڏا آفيسر آهن، جن هنن کي هتي مهانگيون سوسائٽيون اڏڻ جون اجازتون ڏنيون. ڇا آهي ڪو حڪومتي نمائندو وزير، مشير يا ملڪي ادارو جيڪو هن عوامي نقصان تي قوم کان معافي وٺڻ جي جرئت ڪري سگهي يا درياءَ جي وهڪرن ۽ پيچرن ۾ مهانگين سوسائٽين ۾ رهندڙ عوام جي ٿيندڙ نقصان جي ازالي جي دعويٰ جو اعلان ڪري ته هي اسان جي ناجائز ۽ ناقص پلاننگ جي ڪري عوام جو نقصان ٿي رهيو آهي. لاهور سميت ملڪ ۾ اڏجندڙ نئين سوسائٽين جي پلاننگ جا ادارا جن جو ڪم ئي عوام لاءِ پرسڪون رهائشي سوسائٽين جي پلاننگ ڪرڻ هوندو آهي، اهي ڪميشن خوري ذريعي عوام جو سرمايو ٻوڙي رهيا آهن. حقيقت ۾ پاڪستان جي ترقي جي راھ ۾ رڪاوٽون وجهندڙ اهڙن وزيرن، مشيرن ۽ ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ڪارين رڍن کي سزائون ڏنيون وڃن ته هي ملڪ جلد ئي ترقي ڪري سگهي ٿو. هتي چور کي عزت ملي ٿي ۽ شريف ۽ ايماندار کي ڪير سڃاڻي ئي ڪونه ٿو. خيبر پختونخواھ، بلوچستان، پنجاب کان وٺي سنڌ ۾ ٿيندڙ ٻوڏ ۽ قدرتي برساتن جي تباھ ڪارين جي ذميواري حڪومت جي ناقص پاليسين جو نتيجو آهي. جيڪڏهن ملڪ ۾ اليڪٽورل نظام کي بهتر بڻايو وڃي ته جيئن عوام ووٽ جي ذريعي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري ڪرپٽ سياستدانن جو صفايو ڪري سگهي. دنيا جا ترقي يافتا ملڪ پهريان ائين ئي بگڙيل هئا هينئر جنهن ڌٻڻ ۾ اسان ڦاٿل آهيون، افغانستان به اسان کان ترقي جي ميدان ۾ اڳتي نڪري ويو آهي، جيڪڏھن مسلسل اهڙا حال رهيا ته ملڪ ۾ عوامي فسادن جو خطرو پيدا ٿي سگهي ٿو، جيڪو ملڪي سالميت لاءِ هاڃيڪار هوندو. اسان جي وقت جي حڪومت کي نماڻي گذارش آهي ته عوام ۽ ملڪ جي مفادن جي پاليسين کي ترجيح ڏني وڃي. بنگلاديش ۽ افغانستان جيڪي اسان جي ڀيٽ ۾ نابالغ ملڪ آهن انهن ملڪن پنهنجي ملڪي ۽ عوامي مفادن جون ڊگهي مدي واريون پاليسيون جوڙي ملڪي معيشت ۾ بهتري آڻي ورتي آهي، انهن جي مقابلي ۾ اسان جو ملڪ پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالا مال ۽ خود ڪفيل آهي، پوءِ اسان ڇو پٺتي پئجي ويا آهيون. پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين ۽ مون سون جي جاري برساتن ۽ طوفانن سان سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ صورتحال وارو ماحول پيدا ٿي ويو آهي، ملڪ ۾ برساتي ٻوڏن، طوفانن ۽ تيز هوائن نه صرف خيبر پختونخواھ، پنجاب، پر سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي، مون سون جي برساتن ۾ گهڻي کان گهڻا ماڻهو فوت ٿيڻ ۽ عوامي ملڪيتن جي نقصان ٿيڻ جا اطلاع به موصول ٿي رهيا آهن. ان سان گڏوگڏ سوين ماڻهو زخمي ۽ لاتعداد ماڻهو بي گهر ٿيڻ جي به تصديق ٿي چڪي آهي، جڏهن ته خيبر پختونخواھ، پنجاب ۽ سنڌ مون سون جي برساتن، ٻوڏن ۾ تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي. سياحتي مقام سوات، ڪالام، ناران، ڪاغان ۽ مري ۾ به تفريح لاءِ ايندڙ ڪافي خاندانن جو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي. خيبر پختونخواهه ۽ پنجاب ۾ مون سون جي برساتن سبب فوتين جو انگ وڌنڌو وڃي پيو، اهڙي ريت ملڪ جي ٻين صوبن خاص طور سنڌ ۽ پنجاب ۾ به فوتين جو انگ روزانو وڌي رهيو آهي، ملڪي اختيارين ايندڙ ڪجھ ڏينهن اڃان وڌيڪ مون سون جي برساتن جي تصديق ڪئي آهي. جيئن ئي ڪارا ڪڪر آسمان تي نظر اچن ٿا ويتر مسڪين ماروئڙن جون ننڊون حرام ٿي وڃن ٿيون، تيز برساتن جي سلسلي ملڪي مواصلاتي نظام جا اڇا ڪارا پڌرا ڪري ڇڏيا آهن. هن مون سون جي وسڪاري اسلام آباد، راولپنڊي، چڪوال، لاهور، فيصل آباد، ڪراچي، حيدرآباد، دادو، گهوٽڪي، ڄامشورو، سيوهڻ، ٿرپارڪر، ميرپورخاص، خيرپور ميرس، سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن سميت ملڪ جي وڏن وڏن شهرن جي مواصلاتي سسٽم جا ترقياتي راز فاش ڪري ڇڏيا آهن. پاڪستان ۾ شهري نڪاسي آب لاءِ رکيل بجيٽ جو جائز خرچ نه ٿيڻ جي نتيجي ۾ عوام جو جاني مالي نقصان ٿي رهيو آهي. بروقت قدرتي آفتن سان منهن ڏيڻ لاءِ رکيل بجيٽ هڙپ ڪندڙ آفيسرن ۽ ذميوارن خلاف ڪابه قانوني ڪارروائي نه ٿيڻ ڪري اسان جو ملڪ ننڍين ننڍين برساتن کي به منهن نٿو ڏئي سگهي. جڏهن ته آسمان تي کنوڻن جا خوفناڪ چمڪاٽ شهرن ۾ لائٽنگ اريسٽر سسٽم نه هئڻ ڪري کنوڻن جي بجلي ڪرڻ سبب ڪيترائي انسان اجل جو شڪار بڻجي وڃن ٿا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران مون سون جي برسات افسوسناڪ صورتحال اختيار ڪري چڪي آهي، پنجاب ۾ گهٽ گهٽ هزارين ماڻهو فوت ٿيا آهن ۽ لکن کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيڻ جي به تصديق ٿي چڪي آهي. راولپنڊي کان لاهور ۽ ڪراچي کان ڪشمور تائين مون سون جي وسڪاري سبب افراتفري پکڙجي وئي آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب جون جي آخر کان وٺي مون سون سان لاڳاپيل واقعن ۾ ملڪ گير فوتين جو انگ هزارن ۾ ٿي ويو آهي، جن ۾ تقريبن گهڻائي ٻارن، عورتن ۽ ٻڍڙن جي آهي، برساتن سان انفرااسٽرڪچر مڪمل طور تباھ ٿي چڪو آهي. دريائن جي وهڪرن ۽ پيچرن ۾ جوڙيل مهانگين سوسائٽين سميت هيٺانهين وارا علائقا پاڻي سان ڀريل هئڻ سان ڪچين آبادين سان گڏوگڏ سوسائٽين ۾ سيڙپ ڪندڙ ماڻهن جو تمام گهڻو نقصان ٿي چڪو آهي. تيز طوفاني برسات بجلي جا گرڊ اسٽيشن ۽ هٿرادو ڊيم ٽوڙي ڇڏيا آهن جنهن سبب بجلي جي لوڊشيڊنگ ۾ به اضافو ٿي ويو آهي. حڪومت پاڪستان هنگامي طور ايمرجنسي جو اعلان ڪندي پوري ملڪ ۾ آرمي کي طلب ڪري ورتو آهي اهڙي ريت وزيراعظم ۽ چئني صوبن جي وزير اعليٰ برساتي ايمرجنسي کي منهن ڏيڻ لاءِ اسپيشل ميڊيڪل اسٽاف جون ٽيمون تشڪيل ڏئي برسات سٽيل علائقن لاءِ روانيون ڪري ڇڏيون آهن. پنجاب جي گهڻن علائقن بشمول اسلام آباد، راولپنڊي، چڪوال، سيالڪوٽ، وزير آباد، قصور، حافظ آباد، گوجرانوالا، نارووال، منڊي بهاوالدين ۽ لاهور ۾ ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان آرمي جي جوانن هيليڪاپٽر جي مدد سان برسات جي گهڻي پاڻي ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ريسڪيو ڪري رهيا آهن، پاڪستان جي تاريخ جي تمام گھڻي برسات رڪارڊ ڪئي ويندڙ ملڪي سسٽم کي نست نابود ڪري ڇڏيو آهي. اين ڊي ايم اي ادارو جنهن جو ڪم قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ ۽ بروقت انتظام ڪرڻ آهي هن برسات ۾ اين ڊي ايم اي جو خاطر خواھ ڪو ڪردار نظر نٿو اچي، اڃان به مون سون جي برساتن ٻوڏن جي پيشنگوئي ڪئي پئي وڃي، هن سال موسمياتي تبديلين ترقي يافتا ملڪن جو سسٽم به ويهاري ڇڏيو آهي، موسمياتي تبديلين جي زد ۾ ايندڙ ملڪن ۾ پاڪستان به شامل آهي. تازين برساتن جي نتيجي ۾ انڊيا کان درياءَ راوي، درياءَ ستلج ۽ درياءَ چناب ايندڙ پاڻي ملڪ ۾ وڏي درجي جي ٻوڏ پاڪستان جي صنعتي شهرن سميت لاهور کي به ٻوڙي ڇڏيو آهي. اگر مسلسل ٻوڏ جي صورتحال رهي ته ملڪ تباهه ٿي سگهي ٿو، اڳي ئي ملڪ ۾ غربت، بک بدحالي واري صورتحال ڪر کنيو بيٺي آهي، مسڪين ماروئڙن جي دردن ۾ اضافو ڪندڙ مون سون جي برسات به ظالم حڪمرانن وانگي بي رحم بڻجي تيزي سان وسي رهي آهي.